3/12/2011 - Birth date and Death Date ---> January updated     3/12/2011 - Birth date and Death Date ---> February uploaded     3/3/2011 - Birth date and Death Date ---> January     2/18/2011 - Choronology of 1942, 1943, 1944, 1945, 1946 & 1947 uploaded     2/16/2011 - Choronology of 1940 & 1941 uploaded     2/14/2011 - Choronology of 1939 uploaded     2/13/2011 - Choronology of 1937 & 1938 uploaded     2/9/2011 - Choronology of 1935 & 1936 uploaded     2/8/2011 - Choronology of 1933 & 1934 uploaded     2/3/2011 - Choronology of 1932 uploaded     2/1/2011 - Choronology of 1931 uploaded     1/31/2011 - People Speak About Gulhayat webpage Updated     1/30/2011 - 5TH SINDH PROVINCIAL CONFERENCE KARACHI IN SINDHI     1/19/2011 - Chronology of the sindh khilafat committee     1/16/2011 - Chronology 1927 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1839 updated     1/16/2011 - Chronology 1919 updated     1/16/2011 - Chronology 1920 updated     1/16/2011 - Chronology 1922 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1923 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1926 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1925 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1928 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1929 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1930 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1924 uploaded     1/14/2011 - Good Morning Messages updated     1/12/2011 - People Speak About Gulhayat Updated     1/11/2011 - Peer Pagara History and its Chronology     1/10/2011 - Shaheed Zulfiqar Ali Bhutto Address 15 December 1971     1/10/2011 - presidential address OF MR. M. A. JINNAH READ ON 8th OCTOBER 1938.     1/9/2011 - The First Sindh Provincial Muslim League Conference Karachi with resoulation     1/9/2011 - Pagara Corner     12/30/2010 - The First Sindh Provincial Muslim League Conference Karachi     12/22/2010 - Punjab     12/21/2010 - The site Kutte-Ji-Qabar is part of Sindh     12/21/2010 - People Speak About Gulhayat     12/16/2010 - Comments page is uploaded     12/14/2010 - Choronology is updated     12/11/2010 - VOICE OF SINDH: OPPOSES KALA BAG DAM     12/10/2010 - Presidential Address by Shaikh Abdul Majid Sindhi     12/10/2010 - Ghulam Muhammad Khan Bhurgri’s Speech     12/9/2010 - Choronology is uploaded     12/7/2010 - ALL Addresses and Speeches     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 7 april, 1996,Islamabad     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 28 March, 1996,Islamabad     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speeches and Statements on JAMMU & KASHMIR     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 20 January, 1996, Tokyo     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 30 November, 1995, Islamabad     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 04 January, 1996, Jacobabad     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 19 April, 1994, Bonn     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 3 January, 1994 Larkana     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 11th January, 1994 Hala     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech DECEMBER 5, 1993 Lahore     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech Garhi Khuda Buksh 4 April, 1994     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 20 November, 1994, Larkana     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 14 March, 1995, Islamabad     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 07 November, 1995, Tehran     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech Islamabad 27 February, 1994     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 8 june, 1994, Islamabad     11/30/2010 - M.Q.M Updated     11/30/2010 - P P P Press Clipping     11/30/2010 - Simon Commission     11/25/2010 - The British Empire League updated     11/24/2010 - Sugar Crises     11/24/2010 - Stories of founder     11/23/2010 - Dr Pathan Presentation on Sindhi Culture     11/22/2010 - Complete Good Morning Messages     11/19/2010 - Index of social Organizations updated     11/19/2010 - Eminent social workers part1     11/15/2010 - Birth date and Death Date ---> January     11/14/2010 - Gul hayat institute’s holdings On muslim league     11/14/2010 - PIRs OF SINDH AGAINST NON CO-OPERATION     11/14/2010 - Sindh Zamindars Association Updated     

علامه عبدالله يوسف علي جو صدارتي خطبو

(ٻي سنڌ آزاد ڪانفرنس، حيدرآباد، 15 نومبر 1932)

(سنڌ جي بمبئي کان علحيدگيءَ واري تحريڪ هن وقت تائين گهڻو مواد پڙهندڙن اڳيان اچي چڪو آهي، سنڌيءَ ۾ مواد جو پهريون ذريعو “الوحيد” اخبار جي آزاد نمبر کي ئي مڃيو وڃي ٿو، ان کان پوءِ محترم ۽ بزرگ سياستدان غلام مرتضيٰ شاهه، انهيءَ موضوع تي هڪ الڳ ڪتاب لکي ڇپرايو، بعد ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ ڊاڪٽري لاءِ جيڪي مقالا لکيا ويا انهن ۾ موضوع جي مناسبت سان هن تحريڪ تي به روشني وڌي وئي آهي، تازو “لطيف اڪيڊميءَ” طرفان مرحوم خانبهادر محمد ايوب کهڙو جو ڪتاب “مصائب سنڌ” به ڇپجي چڪو آهي، جنهن ۾ هن تحريڪ سان لاڳاپيل تاريخي اهميت جا دستاويز ڏنا ويا آهن.

انگريزي زبان ۾ به هن تحريڪ تي ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي، “گول ميز ڪانفرنس جي سليڪٽ ڪاميٽي” جي ڪاروائي ۽ انهي موضوع تي هڪ عدد ڊاڪٽريءَ جي مقالي کان سواءِ تازو نامور محققه ڊاڪٽر حميده کهڙو جا ترتيب ڏنل “سنڌ جي علحيدگيءَ جي تحريڪ بابت دستاويز” جا ٻه جلد پڻ ڇپجي چڪا آهن.

هن تحريڪ جو جيتوڻيڪ سنڌي قوم ۾ سڀ کان پهريون هندن خيال پيش ڪيو، مگر پوءِ اها نج مسلمانن جي وڏي طبقي جي تحريڪ بڻجي وئي، هندن دل کولي ان جي مخالفت ڪئي ۽ مسلمانن جي دعوائن کي رد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ساڳئي شدت سان مسلمانن به پنهنجي ليکي ڪين گهٽايو، انهيءَ ڏس ۾ هنن گڏيل هندستان جي مرڪزي جماعتن تائين آواز پهچايو، سنڌ ۾ سنڌ آزاد ڪانفرنسون سڏرايون، هندن جي قلمي مخالفت خلافت جهاد ڪيو ۽ لنڊن وڃي “گول ميز ڪانفرس” جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي،

سنڌ ۾“سنڌ آزاد ڪانفرنس” سڏائڻ وقت مسلمان سياستدانن اها حڪمت عملي اختيار ڪئي ته انهن جي صدارت ٻين صوبن جي مسلمان اڳواڻن کان ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌي مسلمانن جو آواز ٻين صوبن تائين به پهچي سگهي، انهيءَ سلسلي ۾ هنن هڪ دفعو علامه اقبال کي به دعوت ڏني، مگر کين مناسب موٽ ڪا نه ملي، ان ڪري پنجاب مان ڪڻو وڃي هڪ ٻئي علامه يعني عبدالله يوسف علي جي نالي تي پيو، جيڪو ان وقت اسلاميه ڪاليج لاهور جو پرنسپال هو، هن نومبر 1932ع ۾ حيدرآباد ۾ سڏايل “ٻي سنڌ آزاد ڪانفرنس” جي صدارت ڪئي، هن هيٺ هڪ تقرير سندس ئي ڏني وئي آهي،

بلاشڪ انهيءَ تحريڪ ۾ مسلمانن کي ڪاميابي نصيب ٿي، ليڪن اهو انصاف نه ٿيندو جيڪڏهن ٻي ڌر جي آواز کي تنهن وقت جيان اڄ به تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ وقت دٻايو وڃي، ان ڪري سڪي جي ٻئي پاسي ڏسڻ لاءِ هن هيٺ مکي گوبند رام پريتمداس جي اها تقرير به ڏني وڃي ٿي، جيڪا هن جون 1932ع ۾ حيدرآباد ۾ سڏايل “اينٽي سنڌ سيپريشن ڪانفرنس” جي موقعي تي “آجيان ڪاميٽي” جي چيئرمين جي حيثيت ۾ ڪئي هئي.)

صاحبان! هن ڪانفرنس جو صدر چونڊي منهنجي عزت افزائي جيڪا اوهان ڪئي آهي، تنهن لاءِ ڏاڍو شڪر گذار آهيان، توهان مون کي تمام ٿورو وقت ڏنو آهي ۽ توهان کي خبر آهي ته اڄ ڪلهه آءُ هڪڙي ٻئي ضروري ڪم ۾ مشغول آهيان، پر مون سمجهيو ته آءُ پنهنجي فرض ادئي نه ڪندس، جيڪڏهن مون توهان کي هن ڪم ۾ مدد ڪرڻ کان انڪار ڪيو، آءُ سمجهان ٿو ته سنڌ کي جدا ڪري هڪ گورنر جو صوبو بنائڻ اهڙو اهم سوال آهي ۽ اهڙو ئي جلدئي وارو ڪم آهي جو ڪو به ماڻهو جو پاڻ کي ڪيترو به کڻي گهٽ سمجهي، ته به پنهنجي لاءِ اها فخر جي ڳالهه سمجهندو ته هن ڪم ۾ پنهنجون پوريون خدمتون اوهان جي اڳيان پيش ڪري، مون کي سنڌ سان دلچسپي رهي آهي ۽ هن صوبي ۾ گهڻائي دفعا آيو آهيان، جيڪا ڪوشش اوهين ڪري رهيا آهيو، سا انهن خيالن جو نتيجو آهي، جي هندستان جي ٻين صوبن ۾ رائج آهن ته هندستان جا صوبا خودمختيار رهڻ گهرجن ۽ اها ڳالهه پوريءَ طرح سان منظور ٿي وئي آهي، اها رٿ هندستان جي سرڪار ملڪ معظم جي برطانيه سرڪار ۽ گول ميز ڪانفرنس ۽ ٻين ڪاميٽين قبول ڪئي آهي ۽ انهن ڪاميٽين ڪوشش پئي ڪئي آهي ته ڪا اهڙي پوري تجويز ٺاهجي جا صوبن ۾ عملي طرح ڪم ڪري سگهي، سڀني ماڻهن جا حق ۽ واسطا پوري طرح سنڀالي سگهي ۽ ملڪ معظم جي رعيت جي ضروري گهرجن جي لاءِ پوري سنڀال ڪري سگهجي.

هن ڪانفرنس جي ڪم تي اچان، انهيءَ کان اڳ اوهان جي اجازت سان ٻن ڳالهين تي ٻه ٽي لفظ چوڻ گهران ٿو، هڪ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ۽ ٻي رنج جي! ساري هندستان جا مسلمان سڀئي هندستاني مرحوم سيد امام علي صاحب جي وفات تي رنج ۽ الم ڪن ٿا، مرحوم نه فقط مشهور هندستاني هو پر محب وطن به وڏو هو، آءُ سندس خانگي خواه سياسي زندگيءَ کان پوري طرح واقت هوس، خانگيءَ زندگيءَ ۾ مرحوم پڪو ۽ سچو دوست، وفادار ۽ سخي هو ۽ هميشه انهيءَ ڪوشش ۾ هوندو هو ته انهن ماڻهن کي جن کي هن جي مدد جي ضرورت هئي ڳولي ڪڍي، سياسي زندگيءَ ۾ هو صاحب هندستان جي گذريل تواريخ ۾ هڪ جاءِ والاريو ويٺو هو، هو صاحب لارڊ هارڊنج جي مجلس وزارت ۾ هڪ وڏو وزير هو ۽ بنگال کي وري ملائي جو هڪ صوبو ڪيو ويو تنهن ۾ دهليءَ کي هندستان جو تخت گاهه مقرر ڪرڻ ۾ ۽ بهار جي نئين صوبي ڪڍڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو، مون کي يقين آهي ته اهڙو ماڻهو جنهن بهار جو نئون صوبو مقرر ڪرايو، سو ضرور اها ڳالهه پسند ڪري ها ته سنڌ بمبئي کان جدا ڪري علحدو صوبو ڪيو وڃي، درحقيقت مون کي خبر آهي ته سنڌ جو جدا ٿيڻ نه فقط هن کي وڻندو هو پر انهيءَ ڳالهه ۾ مرحوم کي بلڪل گهڻي همدردي هئي ۽ مدد به ڪندو هو، آءُ هن سان گهڻو ويجهو تڏهن ٿيس جڏهن آءُ هزايگزالٽيڊ هائينس نظام حيدرآباد دکن جي مجلس وزارت ۾ ساڻس رفيق هئس، سر علي امام جي وفات ڪري مسلمانن هڪ لائق ۽ زبردست پيشوا وڃايو آهي ۽ هندستان هڪ عقلمند ۽ سچو محب وطن. هو هميشه پنهنجي قوم جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو هو پر انهيءَ سان گڏ هندستان جا فائدا به هميسه نظر ۾ رکندو هو، آءُ اميد ٿو ڪريان ته توهين مون کي اجازت ڏيندا ته هڪ تعزيت جو پيغام سندس مائٽن کي موڪليان.

خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته صوبه سرحد جي صوبي کي هڪ گورنر جو صوبو بڻايو ويو آهي، جيڪي مشڪلاتون ۽ اعتراض جي هاڻي سنڌ جي برخلاف لڳايا وڃن ٿا، سي صوبه سرحد جي برخلاف به لڳايا ويندا هئا، ائين چيو ويندو هو ته تمام ننڍڙو صوبو آهي، مالي حالت سندس اهڙي خراب آهي جو حڪومت هلائڻ لاءِ پئسو ئي ڪو نه لڀندو، ته سرحد تي هجڻ ڪري اهو خوفناڪ ڪم ٿيندو، جو انهيءَ ملڪ ۾ حڪومت جي واڳ ماڻهن جي هٿ ۾ڏني وڃي ته اُتاهون جا ماڻهو تعليم ۾ ايترو پٺتي پيل آهن جو حڪومت ٻين سڌريل صوبن وانگر هلائي ڪو نه سگهندا ۽ اهڙا ٻيا اعتراض اٿاريا ويندا هئا پر اهي سڀ مشڪلاتون اهڙي طرح سان اڏامي ويون آهن جو ڄڻ ته ڪنهن جادوگر جادو ڪيو ۽ نئون صوبو پوري طرح سان نئين نموني جي حڪومت هلائي رهيو آهي، گهڻا ماڻهو جن کي ڏسڻ ۽ ڳالهين جاچڻ جو وجهه ۽ حق آهي تن جو چوڻ آهي ته صوبه سرحد جي سياسي زندگيءَ ۾ هينئر نمونو ئي ٻيو ۽ بهتريءَ وارو ڏسڻ ۾ پيو اچي. جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهوءَ کي اهڙي ڪاميابي تي مبارڪ ملڻ جو حق آهي ته اهو نواب سر عبدالقيوم آهي، جنهن انهيءَ ڪم ۾ پوريءَ طرح سان ڪوشش پئي ڪئي، هو صاحب هاڻي انهيءَ نئين صوبي جو وزير آهي ۽ پنهنجي صوبي جي خدمت ڪري رهيو آهي، مون کي اجازت ڏيندؤ ته انهيءَ صاحب  کي مبارڪباد جو پيغام موڪليان.

جڏهن اسين چئون ٿا ته سنڌ جو صوبو جدا ٿئي تڏهن اها ڳالهه وسارڻ نه گهرجي ته سنڌ اڳئي جدا صوبو آهي ۽ اسان جو مطلب فقط اهو آهي ته في الحال بمبئي جي هيٺ جو هن صوبي کي قدرتيءَ طرح رکيو ويو آهي، تنهن مان کيس آزادي ملڻ گهرجي، سنڌ اهڙي طرح بمبئي جو حصو آهي جهڙي طرح سان عدن سندس حصو هو، عدن جڏهن بمبئي جي هٿ هيٺ هو تڏهن اُتي جي حڪومت هلائڻ ۾ بيشمار تڪليفون هيون، پر عدن بمبئي کان تڏهن آزاد ٿيو، جڏهن بچاءُ وغيره جون وڏيون ڳالهيون پيدا ٿي پيون، پر سنڌ جو سوال ته انهيءَ کان به وڏو سوال آهي، انهيءَ جو واسطو قريب چاليهه لک بهادر ماڻهن سان آهي ۽ سنڌ جي پکيڙ به ٽيونجاهه هزار چورس ميلن ۾ آهي، هي صوبو سرحدي صوبي کان به وڏو آهي، سنڌ لاءِ جدا قاعدا قانون آهن ۽ سنڌ جا روينيو، آبپاشي ۽ عدالتي قانون بلڪل جدا آهن ۽ بمبئي صوبي ۽ بمبئي هاءِ ڪورٽ سان بلڪل واسطو ڪو نه اٿس، سنڌ جي ٻولي پنهنجي آهي ۽ ماڻهن جي دل انهيءَ ٻولي سان گهڻي آهي، جيتوڻيڪ فارسي زبان جا ماڻهن وٽ ڏاڍي مقبول هئي، جيڪا ڪڍي ڇڏي وئي آهي ۽ مسلمانن جي تهذيب سان انهيءَ ڪري ڏاڍو ظلم ڪيو ويو آهي ۽ مسلمانن جي تعليم کي نقصان پهتو آهي، پر تڏهن به سنڌ جا مسلمان انهيءَ ڳالهه تي ڪمرڪشي بيٺا آهن ته هو تعليم ۾ اڳتي وڌي هندستان جي وڌيل ۽ سڌريل قومن جي قطار ۾ پنهنجي جاءِ وٺن، جيڪي رڪاوٽون مسلمانن جي تعليم ۾ وڌيون ويون هيون، سي مسٽر نور محمد بي اي ايل ايل بي جيڪو بيان هارٽاگ ڪاميٽيءَ جي آڏو 1928ع ۾ پيش ڪيو هو، تنهن ۾ پوري طرح سان ڏيکاريون آهن، اهو بيان هڪ رسالي جي صورت ۾ ڇپيل آهي ۽ انهيءَ جو نالو “سنڌي مسلمانن جي تعليم پرستي” رکيل آهي، اها ٽوڪ جا مسلمانن تي لڳائي ويندي آهي ته هو تعليم ۾ انهيءَ ڪري گهٽ آهن جو هو قدرتي طرح تعليم جي برخلاف آهن، سا ٽوڪ بار بار ڪشمير ۽ سنڌ بابت ثابت ڪري ڏيکاري وئي آهي ته ڪوڙي، بي بنياد ۽ ظالمانه آهي، سچ ته ائين آهي ته جڏهن به مسلمانن کي تعليم وٺڻ ۾ سهولت ملي آهي ته هنن تعليم پوري طرح پئي ورتي آهي، پر جڏهن مسلمانن جي تهذيب ۽ تمدن سمجهڻ نه ڪري هنن جي راهه ۾ تڪليفون وڌيون ويون آهن، تڏهن هنن نئين تعليم کان منهن موڙيو آهي، سڀني کي خبر آهي ته شرطن ڊوڙڻ مهل جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪنهن بهاني سان ڪجههه وٿي ملي ويندي ۽ ڊوڙ جو مفاصلو وڏو نه هوندو آهي ته جيڪو ماڻهو پٺتي رهجي ويندو آهي تنهن لاءِ وري اڳتي وڌي وڃڻ ۽ شرط کٽڻ مشڪل ٿي پوندو آهي، پر وقت اسان جي طرف آهي آءُ اڳتي ڏسان پيو ته سنڌ جي مسلمانن ۾ ٻين صوبن جي مسلمانن ۾ موجوده تعليم طرف تمام گهڻي سجاڳي آهي ۽ اميد ٿو ڪريان ته جيڪو پروگرام اوهين پنهنجي لاءِ نه فقط هن تياري جي زماني لاءِ پر پنهنجي آئينده تواريخ جي سموري وقت لاءِ ٺاهيندؤ تنهن ۾ تعليمي ترقي کي بلڪل اول ۽ مکيه جاءِ ڏيندا.

گول ميز ڪانفرنس جي جيڪا ننڍي ڪميٽي 12 ۽ 13 جنوري 1931ع جا لنڊن ۾ ويٺي هئي تنهن ۾ سر غلام حسين هدايت الله نهايت لياقت سان سنڌ جي جدائي لاءِ بحث ۾ حصو ورتو آهي، انهيءَ ڪميٽيءَ جي ڪاروائي مان اوهان کي معلوم ٿيندو ته اسان جي طرفان سنڌ جي جدائي لاءِ جيڪو بحث ٿيو هو تنهن ۾ فرقه وار بحث اصل نه هو ۽ هندو مهاسڀا وارن ئي انهيءَ بحث ۾ وري فرقيوار ڳالهيون اٿاريون، پر مسٽر چنتامنيءَ ڏاڍو چڱو چيو ته “مون کي بلڪل خوشي آهي ته سنڌ جي جدا ڪرائڻ وارن هن ڪاميٽي آڏو اها پوري خبرداري ڪئي ته جڏهن هو پنهنجو بيان ڪن تڏهن هو فقط عام سبب جدائي لاءِ ڏين ۽ هر فرقيوار ڳالهين ۾ بلڪل ڪو نه ويا ۽ ڏک اٿم ته ڊاڪٽر مونجي هن سوال ۾ فرقيوار ڳالهيون کڻي ڪڍيون آهن” آءُ اميد ٿو ڪريان ته هن اجلاس ۾ به اسين هندو دوستن جي ساراهه لائق ٿينداسين پر اسان کي گهٽ ۾ گهٽ ايترو حق اميد رکڻ جو آهي ته هو به پنهنجي نڪته چيني ۽ بحث کي فرقيوار ڳالهين کان پري رکندا، تعجب جي ڳالهه آهي ته اسان جي هندو دوستن جي حب وطني سنڌ سان انصاف ٿيڻ لاءِ نٿي اُڀري، اسان جو اهو پورو ارادو آهي ته جيتوڻيڪ اسين پنهنجي ماڻهن جي حقن لاءِ جي 76 في سيڪڙو ۾ آهن پوريءَ طرح سان سنڀال ڪرڻ گهرون ٿا پر تڏهن به جڏهن سنڌ آزاد ٿيندي تڏهن اسين فرقيوار نموني ۾ نه رهنداسين ۽ جيڪي به حق ملندا سي سنڌ جي سڀني باشندن لاءِ هوندا. فرقيوار ڳالهين کي ڀڃي ٽوڙي اسين ڪوشش ڪنداسين ته سنڌي باشندن جي سڀني طبقن ۽ گهٽ تعداد وارين قومن سان پوريءَ طرح سان انصاف ٿئي ۽ سڀني جي حقن جي حفاظت ٿئي.

انهيءَ جي معنيٰ اها نه آهي ته سنڌ جي جدائي جي سوال جي چوگرد نمونن نمونن جا ممڪن ۽ ناممڪن شرط وڌا وڃن جهڙي طرح تازو الهه آباد جي ميٽنگ ۾ ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن سنڌ جي جدائي جي لاءِ اهڙا خاص شرط وڌا ويندا جي صوبه سرحد سان يا ٻين صوبن سان نه لڳايا ويا آهن ته پوءِ ائين ڪو نه چئبو ته ڪو توهين سنڌ سان انصاف سان هليا آهيو، آءُ انهن عجيب و غريب شرطن بابت وڌيڪ نه چوندس، سواءِ انهيءَ ڳالهه جي ته انهن مان ڪن شرطن جو سنڌ جي ماڻهن سان بلڪل ڪو واسطو ڪو نه آهي ۽ اهي فقط انهيءَ ڪري لڳايا ويا آهن ته انهن جي وسيلي ٻيا سياسي ڪم ڪڍيا وڃن.

هندستان ۾ اسان کي گهڻائي تاريخي عجب پيا ڏسڻ ۾ اچن ۽ سنڌ جو بمبئي جي ماتحت رهڻ به انهن مان هڪڙو عجب آهي، 1930ع ۾ ايلگزانڊر برنس جو ارادو ٿيو ته رنجيت سنگهه سان لاهور ۾ ملاقات ڪري، هن کي لاهور پهچڻ لاءِ سنڌ مان ئي سولو رستو هو، انهي وقت جي سنڌ جي حاڪمن انگريزن کي انهيءَ ڪم لاءِ لکيل اجازت ڏني، 1838ع ۾ انگريزي لشڪر کي افغانستان جي ڪاهه تي وڃڻ لاءِ سنڌ مان لنگهڻ جي پوري موڪل ڏني وئي، ڇاڪاڻ ته اهڙي طرح سان انگريزي عملدار ۽ انگريزن جي يورپي ۽ ديسي لشڪر کي بمبئي جي طرف کان سنڌ مان لنگهڻ جي موڪل ملي ته سرچارلس نيپئر موقعو وٺي سنڌ تي 1843ع ۾ قبضو ڪيو، اها ڳالهه چڱي طرح معلوم آهي ته سر چارلس نيپئر ڪنهن به حڪم کان سواءِ ائين ڪيو هو ۽ پنهنجو قصور قبول ڪيو هئائين.

خيال ته ڪريو ڪراچي سنڌ جي لاءِ ڪيترو نه ڪارآمد بندر آهي، هاڻي بمبئي جي ضد ۽ حرص ڪري ڪراچي وڌي نه سگهي ۽ بمبئي جو بندر ڪراچيءَ کي نمايو بيٺو آهي، جيڪڏهن ڪراچي بندر کي همدردي ۽ خيال سان وڌايو وڃي ته اتر هندستان جو گهڻو واپار ڪراچي مان لگهندو، ڪراچي جو شهر عدن کي بمبئي کان ويجهو آهي، انهيءَ ڪري يورپي ملڪن سان واپار ڪرڻ ۾ ڪراچيءَ کي بمبئي کان وڌيڪ سهوليت آهي، هوائي جهازن جو جيڪو رستو مغرب ۽ مشرق وچ ۾ آهي، تنهن تي هي وڏو بندر آهي، وچ ايشيا سان واپار ڪرڻ ۾ ڪراچي کي آئينده گهڻو وجهه آهي، جيڪڏهن بمبئي ڪراچيءَ جي آڏو نه اچي ته ايراني مال جو سمورو واپار ڪراچي تي ٿيندو ۽ عراق جي تازي برپا ڪيل حڪومت ۽ وچ ايشيا جا ملڪ جن ۾ تازگي پيدا ٿي رهي آهي تن سڀني جو واپار به ڪراچي بندر جي معرفت ٿيندو، اهو ئي وڏو سبب آهي جو سنڌ کي وجهه ڏجي ته پنهنجي بندر کي سڌاري، پنهنجي مالي حالت سڌاري.

هي جو چوڻ ۾ اچي ٿو ته سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ ۾ گهڻيون تڪليفون سنڌ حڪومت هلائڻ جون آهن، تنهن جو جواب سر غلام حسين هدايت الله بلڪل عمدي طرح سان ڏئي ڇڏيو آهي، هن صاحب ڏيکاريو آهي ته اهي تڪليفون انهي ڪري ٿيون آهن جو سنڌ جدا نه آهي، پر بمبئي جي ماتحت آهي، وقت بوقت وڏن کان وڏن اڪابرن پئي ڏيکاريو آهي ته سنڌ ۽ بمبئي وچ ۾ آمدرفت جو ذريعو اهڙو خراب آهي جو سنڌ کي موقعو نٿو ملي، جو هو رستا ٺاهي سگهي يا ٻيا عام فائدي جا ڪم ڪري سگهي، بمبئي سرڪار جيڪي ڪم سنڌ کان ٻاهر پئي ڪري تن جي لاءِ سنڌ کي پنهنجو حصو ڀرڻو پوي ٿو، بمبئي شهر ۾ جو سمنڊ کي سڪائي زمين ڪڍي وئي تنهن تجويز ۾ گهڻيون مشڪلاتون پيدا ٿيون آهن ۽ انهيءَ ڪم تي گهڻي قدر نڪته چيني ٿي آهي، انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪو نه آهي ته بمبئي کي سڌارڻ لاءِ جي تجويزون عمل ۾ پئي آيون آهن، تن بمبئي جي مالي حالت ناس ڪري ڇڏي آهي ۽ سنڌ بمبئي جي پٺيان پئي گهلبي وئي آهي ۽ سو به اهڙن ڪمن ۾ جن ۾ سنڌ جو ڪو فائدو ڪو نه هو، سکر بئراج جو سنڌ جي فائدي لاءِ ٺاهيو ويو آهي تنهن تي بلڪل گهڻو خرچ ٿيو آهي، اسين اميد ڪريون ته انهي مان جيڪو فائدو ٿيندو سو خرچ مطابق ٿيندو، پر جيڪو خرچ بئراج تي ٿيو آهي سو هڪ قسم جي ڌراوت آهي ۽ جڏهن بئراج جي ڪمن مان آمدني اچڻ شروع ٿي ته سنڌ جي آمدني اڄڪلهه کان وڌيڪ بهتر ٿيندي.

هاڻي آءُ مالي سوال تي اچان ٿو ۽ اهو پڻ چوڻ گهران ٿو ته مالي ڪمن جو سلسلو هميشه سياسي ڳالهين سان ڳنڍيل آهي پر گهڻا ماڻهو اها ڳالهه چڱيءَ طرح نٿا سمجهن، مون کي هند سرڪار ۾ اهڙن مشهور مالي وزيرن جهڙو سر ايڊورڊ بيڪر، سر گاءِ فليٽ ووڊ ولسن ۽ سر جيمس هيٺ هندستان جي مالي محڪمي ۾ مالي ڪمن جي تعليم ملي هئي، مالي محڪمن جو اهو اصول آهي ۽ سڀني مالي ڪمن جو اهوئي اصول رکڻ گهرجي ته مالي ماهرن کي گهرجي ته هر هڪ ڪم لاءِ پوري جاچ ڪن ۽ هر هڪ رٿ جا ٻئي پاسا ڳولي، جانچي، انهن حاڪمن جي سامهون رکن جن کي ڪنهن رٿ تي فيصلو ڪرڻو آهي، جڏهن ائين ڪبو تڏهن ئي ڪا صحيح راءِ مٿيان حاڪم قائم ڪري سگهندا. صحيح راءِ گهڻن خيالن تي بنياد رکي ٿي، انهن مان مالي حالت به هڪ خيال آهي، حالانڪ مالي خيال به ضروري آهي پر جڏهن سياسي نقطي کان ڪو فيصلو ڪيو ويندو آهي ته پوءِ مالي ماهرن لاءِ لازم آهي ته اهڙا رستا ڳولي ڪڍن جنهن ڪري مالي مشڪلاتون نڪري وڃن ۽ تخفيف جا رستا ۽ آمدني وڌائڻ جا رستا اهڙا ڪڍي ٻڌائن جو جيڪا رٿ قائم ٿي آهي سا پوري هوشياري سان عمل ۾ اچي سگهي.

جيڪڏهن اهي مٿيان صحيح اصول اوهين پنهنجي اڳيان نه رکندا ته مالي معاملا پروپئگنڊا لاءِ هڪ اوزار ٿيو پون ۽ پوءِ مالي انگ جهيڙن جهٽن ۽ بحث مباحثي جي راند روپ لاءِ ڪارآمد شئي ٿيو پون، اوهان اهو انگريزي پهاڪو ٻڌو آهي ته “انگ اکر ڪا به ڳالهه ثابت ڪري سگهن ٿا” ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سنڌ جو سوال پارٽي بازيءَ جي ڪم لاءِ استعمال پيو ڪيو وڃي. جيڪڏهن اوهين گذشته تاريخ تي غور ڪندا ته اوهان کي ڏسڻ ۾ ايندو ته “انڊين نيشنل ڪانگريس” گذريل موقعن تي سنڌ جي جدا ٿيڻ لاءِ زور سان مدد پئي ڪئي آهي، سال 1927ع واري ڪانگريس ٺهراءُ بحال ڪيو هو ته هندستان جي صوبن جو جوڙجڪ وري نئين سر ٺاهيو وڃي ۽ خاص طرح سان ٺهراءُ پيش ڪيائين ته “هن ڪانگريس جي راءِ آهي ته صوبن جي وري جوڙجڪ جي ڪم جي شروعات سنڌ کي بمبئي کان علحده ڪري نئين صوبي ٺاهڻ سان ڪئي وڃي” پر جيڪي چڱا ڪانگريسي آهن سي ئي هاڻي سنڌ جي علحدگيءَ جي نڪته چيني ڪن ٿا، هن پنهنجو رخ هاڻي ڇو بدلايو آهي؟ اها مها سڀا جي فرقه وار روش جنهن کي مسٽر چنتامني گول ميز ڪانفرنس ۾ ننديو هو، ڪري ٿيو آهي؟ اهو انهيءَ ڪري ٿيو آهي ڇا ته هنن کي ڊپ آهي ته خود غرضانه مطلب هو وڌيڪ حاصل ڪري نه سگهندا؟ جيڪڏهن هن ڳالهه تي غور ڪندا ته اوهان کي معلوم ٿيندو ته مخالفت مالي مشڪلاتن ڪري نه ڪئي وئي، پر بغض ۽ خودغرضيءَ جي ڪري ڪئي پئي وڃي.

چيو وڃي ٿو ته سنڌ صوبي ۾ کوٽ آهي، موجوده حالتن ۾ اهو برابر سچ آهي، جن جن ملڪن ۾ سڌارا نه ٿيا آهن تن سڀني ۾ کوٽ ٿيندي آهي، پر اڻ سڌريل صوبن ۾ به کوٽ آهي، پر اڻ سڌريل صوبن کان سواءِ ٻين سڌريل صوبن ۾ کوٽ  آهي، گذريل سال بمبئي صوبي ۾ به ڏيڍ ڪروڙ رپين جي کوٽ هئي،  سر غلام حسين هدايت الله تعام سهڻو سوال پڇيو هو ته اهڙي کوٽ وارو صوبو انهيءَ کا ڇني ڌار ڪري کيس نجات ڏجي! انهيءَ جو سچو جواب انهيءَ ۾ آهي ته بمبئي کي اميدون آسرا آهن ته اڳتي هلي سنڌ مان اپت ۽ آمدني ٿيندي، سنڌ ۾ سکر بئراج آهي، جنهن کي اڃا تائين نه فقط خرچ تي خرچ پئي ٿيو آهي، پر جنهن مان وڏين آمدنين ٿيڻ جي اميد آهي، پوءِ کڻي اهي اميدون ڪٿيندڙن جي دل مطابق سڀئي پوريون نه ٿين.

گذريل سال واري گول ميز ڪانفرنس تي سنڌ جي جدائيءَ بابت پيش ڪيل دليلن اهڙو ته اثر ڪيو جو سنڌ جي جدائي جو معاملو اصولن گول ميز ڪانفرنس قبول ڪيو، فقط شرط هو وڌو ويو ته مالي حالت تي غور ڪرڻ ۾ اچي، انهيءَ ڪانفرنس جي ڇپيل ڪاروائي مان اوهان کي معلوم ٿيندو ته لارڊ ريٽلنڊ جهڙي تجربيڪار عملدار سر غلام حسين هدايت الله کي چيو ته “اوهان سنڌ جي جدائي لاءِ تمام سهڻو ۽ پورو بحث ورتو آهي” جڏهن مالي حالت تي غور ڪرڻ لڳا ته معلوم ٿيو ته ڪانفرنس وٽ ڀروسي جهڙا انگ اکر موجود ڪو نه هئا، بحث مباحثي ۾ ايتري قدر بدمزگي پيدا ٿي پئي هئي جو سنڌ جي مالي حالت تي سٺو ۽ سهڻو بحث ٿي ڪو نه ٿي سگهيو. ڪانفرنس ۾ جيڪي صاحب موجود هئا تن مان ڪو به صحيح طور ٻڏائي نه ٿي سگهيو ته سنڌ ۾ کوٽ ڪيتري ٿيندي، جيڪي انگ اکر اول بمبئي سرڪار ڏنا هئا، تن مان کوٽ 24 لک ٿي نڪتي، پروفيسر ڇٻلاڻي جنهن سنڌ جي جدائي جي مخالفت خوب ڪئي آهي تنهن وري پنهنجا انگ اکر ڪڍيا هئا، جن جي چڪاس سرڪار اڃا ڪانه ڪئي هئي، پر هن کوٽ وڌرائي 64 لک ڪري ڏيکاري، مالي انگ اکر اهڙي شيءِ آهي جن ۾ ڪڏهن به غلطي ٿيڻ نه گهرجي، پر ڏهن به هي گوڙ جيڪو سنڌ جي مالي حالت بابت ٿيو آهي، تنهن مان صاف ثابت آهي ته سنڌ جي مالي حالت جاچڻ ۾ پوري خبرداري نه ڪئي وئي آهي ۽ نه انهيءَ ڪم ۾ ڪا مدد ڏني وئي.

انهيءَ سبب ڪري گذريل سال واري گول ميز ڪانفرنس فيصلو ڪيو ته سنڌ جي مالي حالت تي وڌيڪ غور ڪيو وڃي، پر انهيءَ سان گڏ اصولي طرح سنڌ جا جدا ٿيڻ قبول ڪيو ويو، انهيءَ ڪري سنڌ جي مالي حالت جاچڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي مسٽر مائلس ارونگ جي صدارت هيٺ برپا ڪئي وئي جنهن پنهنجي رپورٽ سيپٽمبر 1931ع ۾ پڌري ڪئي انهيءَ ڪميٽي انگن اکرن جي جاچ ڪئي ۽ سنڌ جي جدائي جي موافقن ۽ مخالفن جون ڳالهيون ٻڌيون، انهيءَ ڪاميٽيءَ پنهنجي راءِ ڏني ته سنڌ ۾ شروع شروع ۾ هڪ ڪروڙ ساڍن ڏهن لکن روپين جي کوٽ ٿيندي، انهيءَ کان پوءِ وري هڪ ٻي ڪاميٽي مقرر ٿي، جنهن جو صدر آنربل مسٽر برين هو ۽ اها ڪاميٽي هن سال جي شروع ۾ ويٺي، اها ڪاميٽي انهيءَ سبب لاءِ ويٺي ته جيڪا کوٽ اڳئين ڪاميٽين ڏيکاري هئي تنهن جي ڪهڙي طرح سان پورائي ڪجي، انهيءَ ڪاميٽي جي رپورٽ اوهان جي سامهون آهي، انهيءَ ڪاميٽي سڀني ماڻهن جي راين جا خيال رکي پنهنجي رپورٽ ڪڍي جنهن ۾ ڏيکاريل آهي ته اوائلي کوٽ ساڍا اٺهٺ لک ۽ سنڌ جي جدائي جي حالت ۾ ٻارهن لک وڌيڪ خرچ ٿيندو يعني ڪل ساڍا اسي لک کوٽ ٿيندي، اها رپورٽ اهو به ڏيکاري ٿي ته سال 40-1939ع ۾ کوٽ گهٽجڻ شروع ٿيندي ۽ سال 45-1944ع ۾ کوٽ ته بلڪل نڪري ويندي پر پوڻا پنج لک بچت ٿيندي ۽ پوءِ بچت وڌندي ويندي تان جو سال 62-1961ع ۾ بچت 89 لک ٿيندي، انهيءَ رپورٽ سان گڏ خانبهادر محمد ايوب کهڙي پنهنجي رپورٽ شايع ڪرائي آهي جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته کوٽ درحقيقت ڇهه لک ٿيندي ۽ آمدني وڌائڻ جا نوان رستا ڏيکاري ثابت ڪيو اٿس ته بچت ويهه لک کن ٿيندي، جن مان ماڻهن جي عام فائدي جي ڪمن جي مدد ٿي سگهندي. انهيءَ جي برخلاف پروفيسر ڇٻلاڻي ۽ سندس هندو دوستن وري پنهنجي رپورٽ ڪڍي آهي جنهن ۾ هن وري کوٽ مسٽر برين يا خانبهادر کهڙي جي انگن اکرن کان به وڌيڪ ڏيکاريل آهي.

مٿين ڪاغذن کان سواءِ ٻيا به گهڻا رسالا آهن، سيٺ حاجي عبدالله هارون صاحب ايم ايل اي، خانبهادر محمد ايوب کهڙو ايمن ايل سي ۽ سيد ميران محمد شاهه ايم ايل سي به سنڌ جي جدائي جي معاملي تي گهڻو لکيو آهي، جيڪا بمبئي ڪائونسل طرفان سائمن ڪميسن ڪاميٽي 1929ع واري ويٺي هئي، تنهن لاءِ سيد ميران محمد شاهه ايم ايل سي هڪ قيمتي نوٽ لکيو هو، وري پروفيسر ڇٻلاڻي جو جواب آهي، انهن سڀني ڪاغذن پٽن جو جيڪڏهن پوري طرح سان مطالعو ڪبو ته صاف معلوم ٿيندو ته مالي ڳالهين تي ضد ڪرڻ مناسب نه آهي، پر جيڪڏهن سنڌ کان جدا ڪيو ويو ته ڪفايت سان هلي پنهنجا آمدني جا ذريعا وڌائيندو ۽ خرچ پوري طرح سان هلائيندو ۽ ٿورن سالن ۾ هڪڙو باعزت صوبو ٿي پنهنجن پيرن تي پاڻهي بيهندو.

جنهن نتيجي تي آءُ پهتو آهيان سو ضرور انهن صاحبن کي جي سنڌ کي جدا صبو ٺاهڻ لاءِ مٿا هڻن ٿا، همٿ ڏياريندو، هڪ ڳالهه جنهن مونجهارو ڪيو آهي سا هي آهي ته اها خبر ڪا نه ٿي پوي ته جيڪو خرچ بمبئي سرڪار پئي ڪيو آهي تنهن مان ڪيترو هند سرڪار کي پاڻ تي کڻڻ گهرجي ۽ ڪيترو بمبئي سرڪار کي کڻڻ گهرجي، انهيءَ لاءِ سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح انهيءَ جو فائدو خاص فائدو بمبئي کي مليو آهي ۽ باقي ڪيترو خرچ سنڌ تي رکڻ گهرجي اڄ ڏينهن تائين سنڌ جو خرچ ۽ سنڌ جي آمدنيءَ جا انگ اکر جدا نه رکيا ويا آهن، مثال طور بمبئي جي واڌاري لاءِ يا دکن جي زراعتي سڌارن لاءِ جيڪي خرچ پئي ٿيا آهن، سي وچ جي موڙي مان پئي نڪتا آهن جنهن ۾ سنڌ جا پئسا هئا پر اهو خرچ سنڌ جي فائدي لاءِ نه هو.

سکر بئراج جنهن کي هزايڪسلنسي وائسراءِ کوليو آهي تنهن مان به ٿوري عرصي ۾ آبپاشيءَ جي ڪري ئي فائدو ملڻ شروع ٿي ويندو جڏهن سکر بئراج پوري طرح سان وهيو تڏهن گهڻي زمين آبادي هيٺ ايندي، آدمشماري وڌندي، ريلواين جي اپت وڌندي، جنهن مان هند سرڪار جي آمدني وڌندي، ڪراچي بندر جا محصول وڌيڪ انداز ۾ اڳڙاندا ۽ انهيءَ ڪري به هند سرڪار کي ڪراچي بندر جي محصول مان اپت وڌيڪ ٿيندي، سنڌ صوبي جي حڪومت کي ماڻهن جي خوشحاليءَ مان زياده آمدني ٿيندي، شايد ائين ٿيندو ته برين ڪاميٽي جي اميدن کان به وڌيڪ حالتون بهتر ٿينديون، جيڪو به سڌارو سنڌ ۾ ٿيندو، تنهن مان سنڌ جي مالي حالت (اڄڪلهه غير همدردانه نموني کان ڇٽي) ڏينهون ڏينهن صفا ٿيندي ويندي، هي اپت جو اهڙو ذريعو نه آهي، جو حساب وانگر انگن اکرن ۾ ڏيکاري سگهجي، پر تڏهن به اهڙو نه آهي جنهن کي نظر انداز ڪري سگهجي ٿو.

انهيءَ ۾ ڪو شڪ آهي ڇا ته هڪ اهڙو صوبو جنهن سيٺ هرڇند راءِ وشنداس يا مرحوم مسٽر ڀرڳڙي جهڙا پيشوا پيدا ڪيا، يا جنهن مسٽر محمد علي جناح يا سر غلام حسين هدايت الله جهڙا رهبر پيدا ڪيا آهن يا جنهن ۾ اهڙا صاحب جهڙوڪ سر شاهنواز ڀٽو يا مسٽر جمشيد ميهتا، خانبهادر کهڙو يا سيد ميران محمد شاهه، حاجي عبدالله هارون يا مسٽر نور محمد آهن، سو صوبو هندستان جي نئين جوڙجڪ ۾ ٻين صوبن سان چڱيءَ طرح ڪلهوڪلهي ۾ ڏئي هلي نه سگهندو؟ اسان ڏٺو آهي ته بمبئي سرڪار جي هٿ هيٺ سنڌ کي منهن مٿي ڪرڻ جو موقعو پوريءَ طرح ڪو نه مليو آهي، مون کي يقين آهي ته سنڌ کي عليحده صوبي هجڻ جو درجو ضرور جلدي ملندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ هاڻي چؤطرف عجيب سجاڳي پيدا ٿي وئي آهي.

هاڻي مختصر طرح وري اهي ڳالهيون بيان ڪندس جن تي اسان غور پئي ڪيو آهي حدن جي ڪري، ٻوليءَ جي ڪري، تهذيب ۽ تمدن جي ڪري ۽ حڪومت جي سهولت جي ڪري اڳئي جدا صوبو آهي، سنڌ جي ماڻهن جو تمام وڏو حصو گهري ٿو ته هندستان جي ٻين صوبن وانگر سنڌ به هڪ جدا گورنر جو صوبو ٿئي، انهيءَ جي مخالفت فقط ڪي خود غرض طبقا ڪن  ٿا، ٻين صوبن وانگر هن صوبي ۾ به ننڍين تعداد وارين قومن جي سنال ٿي سگهي ٿي، ڪراچي بندر کي وڌائڻ جو ڪم رستن ۽ ريلواين کي سڌارڻ جو ڪم، سکر بئراج هيٺ زراعت جو ڪم، سنڌ جي ماڻهن جي ئي هٿن ۾ رهڻ گهرجي ۽ نه ڌارين ماڻهن جي هٿ هيٺ جن مان گذريل زماني ۾ سنڌ کي نقصان پئي پهتو آهي، مالي حالت تي مسٽر مائيلس ارونگ ڪاميٽيءَ جي ماهر ميمبرن غور ڪري حقيقت ٻڌائي آهي ۽ مسٽر برين واري ڪاميٽي تجويزون ڏيکاريون آهن ته ڪهڙي طرح سان مالي مشڪلات کي منهن ڏبو. سمجهو ته شروع شروع ۾ خرچ سنڌ جي جدائي تي ٿيندو، سو ڪنهن ڪنوار کي کڻي ڏاج ڏجي ٿو، پر جيڪڏهن ڪنوار کي پرائي ڌيءَ ڪري ليکجڻ ۾ ايندو ته ڪنوار کي به ايتري غيرت ضرور ايندي جو ڪوششون ڪري ٿورن ورهين ۾ پنهنجا قرض لاهي ڇڏي، اصوليءَ طرح گذريل گول ميز ڪانفرنس سنڌ جي جدائي جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هاڻي جڏهن مالي حالت جي به چڪاس ٿي وئي آهي تڏهن طلب ٿا ڪريون ته گول ميز ڪانفرنس، جا هاڻي ويٺي آهي، تنهن کي سنڌ جو فيصلو صوبي سرحد وانگر يڪدم صاف صاف ڪرڻ گهرجي.

آخر ۾ ڪانفرنس جو ڪم شروع ڪندي آئون اوهان کي يقين ٿو ڏيان ته جيڪو ڪم ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ اسان آڏو آهي نه رڳو تنهن ۾ پر آئينده سڀني موقعن تي جڏهن اوهان کي منهنجي مدد جي ضرورت هوندي، منهنجي خدمت اوهان لاءِ هميشه خاص رهندي.

 
© Fayaz Sindhi 2010