3/12/2011 - Birth date and Death Date ---> January updated     3/12/2011 - Birth date and Death Date ---> February uploaded     3/3/2011 - Birth date and Death Date ---> January     2/18/2011 - Choronology of 1942, 1943, 1944, 1945, 1946 & 1947 uploaded     2/16/2011 - Choronology of 1940 & 1941 uploaded     2/14/2011 - Choronology of 1939 uploaded     2/13/2011 - Choronology of 1937 & 1938 uploaded     2/9/2011 - Choronology of 1935 & 1936 uploaded     2/8/2011 - Choronology of 1933 & 1934 uploaded     2/3/2011 - Choronology of 1932 uploaded     2/1/2011 - Choronology of 1931 uploaded     1/31/2011 - People Speak About Gulhayat webpage Updated     1/30/2011 - 5TH SINDH PROVINCIAL CONFERENCE KARACHI IN SINDHI     1/19/2011 - Chronology of the sindh khilafat committee     1/16/2011 - Chronology 1927 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1839 updated     1/16/2011 - Chronology 1919 updated     1/16/2011 - Chronology 1920 updated     1/16/2011 - Chronology 1922 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1923 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1926 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1925 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1928 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1929 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1930 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1924 uploaded     1/14/2011 - Good Morning Messages updated     1/12/2011 - People Speak About Gulhayat Updated     1/11/2011 - Peer Pagara History and its Chronology     1/10/2011 - Shaheed Zulfiqar Ali Bhutto Address 15 December 1971     1/10/2011 - presidential address OF MR. M. A. JINNAH READ ON 8th OCTOBER 1938.     1/9/2011 - The First Sindh Provincial Muslim League Conference Karachi with resoulation     1/9/2011 - Pagara Corner     12/30/2010 - The First Sindh Provincial Muslim League Conference Karachi     12/22/2010 - Punjab     12/21/2010 - The site Kutte-Ji-Qabar is part of Sindh     12/21/2010 - People Speak About Gulhayat     12/16/2010 - Comments page is uploaded     12/14/2010 - Choronology is updated     12/11/2010 - VOICE OF SINDH: OPPOSES KALA BAG DAM     12/10/2010 - Presidential Address by Shaikh Abdul Majid Sindhi     12/10/2010 - Ghulam Muhammad Khan Bhurgri’s Speech     12/9/2010 - Choronology is uploaded     12/7/2010 - ALL Addresses and Speeches     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 7 april, 1996,Islamabad     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 28 March, 1996,Islamabad     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speeches and Statements on JAMMU & KASHMIR     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 20 January, 1996, Tokyo     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 30 November, 1995, Islamabad     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 04 January, 1996, Jacobabad     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 19 April, 1994, Bonn     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 3 January, 1994 Larkana     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 11th January, 1994 Hala     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech DECEMBER 5, 1993 Lahore     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech Garhi Khuda Buksh 4 April, 1994     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 20 November, 1994, Larkana     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 14 March, 1995, Islamabad     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 07 November, 1995, Tehran     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech Islamabad 27 February, 1994     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 8 june, 1994, Islamabad     11/30/2010 - M.Q.M Updated     11/30/2010 - P P P Press Clipping     11/30/2010 - Simon Commission     11/25/2010 - The British Empire League updated     11/24/2010 - Sugar Crises     11/24/2010 - Stories of founder     11/23/2010 - Dr Pathan Presentation on Sindhi Culture     11/22/2010 - Complete Good Morning Messages     11/19/2010 - Index of social Organizations updated     11/19/2010 - Eminent social workers part1     11/15/2010 - Birth date and Death Date ---> January     11/14/2010 - Gul hayat institute’s holdings On muslim league     11/14/2010 - PIRs OF SINDH AGAINST NON CO-OPERATION     11/14/2010 - Sindh Zamindars Association Updated     

حاجي عبدالله هارون جي تقرير

(سنڏ جي سياسي تاريخ ۾ “سنڌ پراونشل ڪانفرنس” کي وڏي اهميت حاصل آهي، بلاشبه اسان جي ڌرتيءَ تي “جديد سياست”جو آغاز “سنڌ سڀا” جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ سان ئي ٿيو، ليڪن عوام جي جيڪا سياسي تربيت پراونشل ڪانفرنس ڪئي، ان کي ڪڏهن  به نظر انداز ڪري نه ٿو سگهجي.

هن ڪانفرنس جو آغاز 1894ع ۾ ٿيو، جڏهن “بمبئي پراونشل ڪانفرنس” جو نائون ساليانو اجلاس ڪراچيءَ ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت اين جي چندر ورڪر ڪئي، اهو سنڌ ۾ “بمبئي پراونشل ڪانفرنس” جو آخري اجلاس هو، ان کان پوءِ سنڌ واسين کي پنهنجي صوبائي تشخص جو احساس ٿيو ۽ هنن ذهني طور تي پاڻ کي بمبئي کان الڳ ڪري پنهنجي مسئلن کي پنهنجي حالتن جي روشنيءَ ۾ پرکڻ شروع ڪيو ته “سنڌ پراونشنل ڪانفرنسون” ٿيڻ لڳيون، انهيءَ سلسلي جي پهرين ڪانفرنس 1908ع ۾ سکر ۾ ۽ آخري ڪانفرنس به 1920ع ۾ سکر حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ ٿي.

سنڌ پراونشل ڪانفرنسن جو دور، باقي هندستان وانگر هندو مسلمانن جي گڏيل سياست جو دور هو، اڃا مذهب ڪٽر پڻي، سياسي تنگ نظريءَ جي هوا ڪا نه گهلي هئي، هندو، سک، پارسي ۽ مسلمان هڪ هنڌ ويهي گڏيل قومي مسئلن تي غور و فڪر ۽ ويچار ڪندا هئا، نفرتن ۽ ڪدورتن جي حڪمراني گهڻو پوءِ شروع ٿي.

سنڌ پراونشل ڪانفرنس جي جملي ڪانفرنس مان پاڻ آخري ڪانفرنس ۾ ڪيل تقرير جي هن ڪتاب لاءِ چونڊ ڪئي اٿئون، ان لاءِ اها تقرير اهڙي ماحول ۾ اهڙين حالتن جو پڙاڏو آهي، جڏهن سنڌ جي سياست رنگ بدلائڻ شروع ڪيو، پاڻ کي انهي موڙ جي نشاندهي ڪرائڻي هئي، هونءَ نه ته سنڌ پراونشنل ڪانفرنس ۾ ڪيل سموريون تقريرون مختصر يا مڪمل صورت ۾ پاڻ وٽ موجود آهن، جن کي خود الڳ ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي سگهجي ٿو.

هيٺ اوهان جي خدمت ۾ جيڪا تقرير ڏئي رهيا آهيون، اها حاجي عبدالله هارون جي سياسي ڏات جي هڪ جهلڪ آهي، حاجي عبدالله هارون سنڌ جي انهن چند چوٽيءَ جي سياستدانن مان هڪ هئو جنهن جي سياسي بصيرت ۽ ڪارڪردگيءَ ۽ سنڌ ۽ هند جي سياست تي وڏا اثر وڌا، سر حاجي عبدالله هارون جي اها تقرير انهي سياسي پس منظر جي ڪک مان جنم ورتو، جنهن اڳتي هلي حاڪم ۽ محڪوم کي ٻن فريقن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو، اڻ ڳڻيون تحريڪون هليون، هل ۽ هنگاما ٿيا ۽ جابر حڪمران کي هٿين خالي عوام ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا، بهرحال اها تقرير پنهنجي مٿي پس منظر ۽ پيش منظر تي پاڻ روشني وجهي ٿي.)

 

ڊيليگيٽ ڀائرو، ڀينرو ۽ معزز حاضرين.

سنڌ پراونشل ڪانفرنس جي ستين ساليانه جلسه جي سڀاپتي ٿيڻ لاءِ مون کي حڪم ڪري جا منهنجي عزت افزائي توهان ڪرڻ فرمائي، تنهن لاءِ آءُ توهان جو نهايت شڪر گذار آهيان، آءُ صاف عرض ڪندس ته مون ڪا به اهڙي خدمت ڪانه ڪئي آهي جو توهان صاحبن تي ايتري قدر مون تي مهرباني ٿئي ۽ جيئن ته مون کي معلوم ٿيو آهي ته اهڙي عهدي لاءِ مون ۾ ضروري لياقت نه آهي تنهن ڪري منهنجي اها خواهش هئي ته هن جلسه جي صدارت لاءِ توهين ڪو ٻيو بهتر ماڻهو منتخب ڪريو ها، پر جنهن صورت ۾ اوهان جو حڪم مون ڏي آيو تنهن صورت ۾ ان جي بجا آوري ڪري آءُ اوهان جي خدمت ۾ اچي حاضر آهيان ۽ مون کي پوري اميد آهي ته جيڪي ڳالهيون ۽ خيال غور ڪرڻ لاءِ اسان جي روبرو پيش ٿيڻ وارا آهن تن تي بحث مباحثه هلڻ ۾ اوهين مون کي مدد ڏيڻ فرمائيندا.

اسان جي مدعا

جڏهن اسين مادر وطن جي گذشته شان ۽ شوڪت کي ڏسون ٿا ۽ سندس ترقي جي چوٽي ڏي نظر ڪريون ٿا ته جو درجو مادر وطن ان وقت حاصل ڪيو هو جڏهن سندس چوڌاري ساري دنيا اونداهي ۽ جهالت ۾ غرق هئي تڏهن اسان جي دلين ۾ اهو خيال پڪو ۽ يقيني پيدا ٿئي ٿو ته اسان جو آئينده مستقبل نهايت خوشگوار ٿيڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ٿي نٿو سگهي، بشرطيڪ ملڪ جي شيوا ڪرڻ لاءِ اسان ۾ طاقت آهي، جيتوڻيڪ اسان کي اها پڪ آهي ته اسان جي ملڪ جي آئينده حالت تمام اميدن ڀري آهي، ان جو بنياد اسان تي آهي ۽ نه پارليمينٽ جي قاعدن تي ان جو مدار آهي، اسان جي ديس جي محبت تي ۽ اسان جي قربانين تي، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه صاف آهي ته اسان جي ڪوششن ئي پارليمينٽ جي قاعدن کي جهڙي طرح گذريل واقعن ۾ پئي ٺاهيو آهي اهڙي طرح آئينده به انهن کي پيون جوڙينديون، ڪا به قوم جنهن مان اندروني ڪوشش نه اٿي آهي سا ڪڏهن به ترقي نه ڪري سگهي ٿي، تنهن ڪري اها خوشي ڀري ڳالهه اهي ته اسان جا ملڪي ڀائر هر روز زياده تعداد ۾ ٻاهر نڪرندا پيا اچن ۽ جنهن عظيم مدعا لاءِ انڊين نيسنل ڪانگريس ايترو وقت پئي ڌنيو آهي تنهن لاءِ ڪمر ٻڌي ڪم ڪرڻ واسطي تيار ٿيا آهن، انهي معزز مجلس جي نالي وٺڻ سان اسان جا خيال داد ڀائي نورجي، الن آڪٽيوين، هيوم جارج بول، انند موهن بوس، سرهينري ڪٽن، گوپال ڪرشنا گوڪلي، محمد طيبجي، فيروز شاهه مهتا، جي بي فاني روحن ڏي نهايت شڪر گذاري سان ڇڪجو وڃن، جو انهن اٽڪل هڪ پيڙهي کان به اڳ نهايت دور انديشي سان اسان لاءِ پلئٽ فارم تيار ڪيو ته اسين انهي تي بيهي متحده هندستان جو قومي نشان کڙو ڪيون، انهي پلئٽ فارم جي پيڙهه اڳئين کان به وڌيڪ مضبوط پائي تي بيٺل آهي، ڇاڪاڻ ته عوام الناس جي همدردي ۽ مدد ڪري ان ۾ تمام ڪشادگي پئدا ٿي آهي، ڪانگريس جون پاڙون ۽ شاخون هينئر ملڪ جي چوطرف پکڙجي ويون آهن، سواراج ۽ خود حڪومت جو پيغام عام خلق جي ڪنن تائين پهچايو ويو آهي ۽ ماڻهن ۾ ايتري راڄنيتي سجاڳي ٿي آهي جو نه فقط اهي شخص جن ڪم شروع ڪيو سي عجب ۾ پئجي ويا آهن پر اسان جي مدعائن جي جلدي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان ۾ تمام وڏي اميد پيدا ٿي آهي، اسان جي گهر اها آهي ته اسان کي حڪومت اهڙي ملي جا حڪومت پنهنجي ماڻهن جي هجي، پنهنجي ماڻهن جي فائدي لاءِ پنهنجي ماڻهن سان مدد سان، ۽ اهڙي حڪومت کي ڪيترائي نالا ڏنل آهن، جهڙوڪ سواراج يا خود داري، يا خود حڪومت يا سيلف گورنمينٽ، رسپا سيبل گورنمينٽ يا ذميدار حڪومت جن سڀني جي معنيٰ هڪڙي ئي آهي، پنهنجي آرزوئن جي انتها حاصل ڪرڻ لاءِ اسان ملڪ جي فرزندن کي گهرجي ته پاڻ ۾ اتفاق کي بند ڪريون ۽ انهي لاءِ جيڪڏهن ڪجهه ٿوري گهڻي قرباني به اسان کي ڪرڻي پوي ته اها اسان کي ڪرڻ گهرجي ۽ اسان کي ايڪو ڪري منهن ڏيڻ گهرجي.

منهنجو مذهب جنهن صورت ۾ مون کي جمهوريت سيکاري ٿو تڏهن منهنجي صلاح اوهان لاءِ فقط هي ٿي سگهي ٿي ته نهايت زور سان ڪم ڌوڪيندا هلو، جيستائين اسين پنهنجي مطلبن کي پهچون، مادر هند جنهن گذشته وقت ۾ اهڙو بي مثال جلوو ڏيکاريو سا اڃان به اهڙو بلڪ وڌيڪ شاندار زمانو حاصل ڪندي جو دنيا جي سڀني قومن جي مهندار ٿي بيهندي، هندستان جي مستقبل جو نظارو آءُ ڏسان ٿو ته اسان جو ملڪ دنيا جي زبردست جمهوريت اختيار ڪري پنهنجي اعليٰ تهذيب ۽ روحانيت سان مغرب ۽ مشرق جي قومن جي زندگي ۽ خيالن کي ترتيب ڏيندو، اهو دور ڪيترو دور ٿئي يا ويجهو ٿئي سو هندستان جي هن پيڙهي ۽ ايندڙ پيڙهي جي جوانن جي هٿ وس آهي ۽ مون کي اميد آهي ته ڌڻي کان دعا گهران ٿو ته جوان مسلم ۽ جوان هندو هڪ ٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پنهنجي عظيم الشان ڪم کي پورو ڪندا.

سڌارا

اها ڳالهه البت گهٻرائڻ جهڙي آهي ته جڏهن اسين آئينده جي دل خوش ڪن خوابن کان هٽي موجوده وقت جي سچي پچي حالت تي ويچار ڪريون ٿا ته صاف طرح معلوم ٿئي ٿو ته آئينده جي ترقي لاءِ اسان ڪيتري قدر نه ڇوٽو پير ڀريو آهي، انهي وڏي مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ پهرين قسط سڌارن قاعده جي صورت ۾ اسان کي ڏنل آهي، جو گذريل ڊسمبر جي مهيني ۾ قاعدن جي ڪتاب تي چاڙهيو ويو آهي، ٻه ورهيه ٿيا ته انهي قاعده جو خاڪو مانٽيگوچياسفورڊ جي رپورٽ ۾ تجويز ٿيو هو ۽ اگرچه انهيءَ کان اسان کي وزنائتو ۽ قدري مضبوط ڍانچو مليو آهي ۽ ان ۾ ڪٿي ڪٿي هڪ ٻه هاڻي کان ڪجهه وزنائتا ٽڪرا به ڳنڍيل آهن تڏهن به گهڻو ڪري سواءِ ڪنهن گهڻي ڦير گهير جي قائم رکيو ويو آهي، هاڻي بي انداز رولن ۽ ريگيوليشن جي مدد سان ان ۾ گوشت ۽ خون پيدا ڪيو ويندو، انهن ٻن سالن ۾ انهي مسوده تي گهڻون بحث مباحثه ۽ نقطه چيني ٿي آهي ۽ آءُ نٿو ڀانيان ته هاڻي انهي مان وڌيڪ پتو ۽ ڦولهاءُ مان ڪو سود ملڻو آهي ته بنياد ۾ ڇا تجويز هئي يا گڏيل پارليمينٽري ڪميٽي ڪيتري قدر ۽ ڪهڙا سڌارا ڪيا ۽ نه انهيءَ قاعدي جي خوبي معلوم ٿي سگهندي، جيستائين اهو مرده جسم رولن جي تازگي سان چرڻ ڦرڻ جهيڙو ٿئي، مگر اها ڳالهه به بلڪل پڌري پئي آهي ته ديس جون ضرورتون ۽ ماڻهن جون گهرجون مناسب طور انهي ائڪٽ مان بلڪل پوريون نٿيون ٿين، امرتسر ڪانگريس جي بلندي تان ٽن قسمن جا مختلف فرقا ظاهر ٿيا، هڪڙي جي مهندار مسز بيسنٽ صاحبه هئي ۽ هن گهڻي احسانمندي سان سڌارن ائڪٽ جي آجيان ڪئي ۽ چيو اهو اڳتي جي لاءِ معمول پيش خيمه آهي، ٻيا صاحب جي لوڪمانيه تلڪ ۽ مسٽر داس جا پيرو آهن تنهن جو چوڻ هو ته اهو قاعدو جڏو، بيڪار ۽ مايوس ڪندڙ آهي، وري مهاتما گانڌي جي گروهه اها راءِ ڏني ته اگرچ ائڪٽ ڪار آمد ۽ تسلي وارو نه آهي، تڏهن به اهو هڪڙي وک اڳتي آهي ۽ ان کي گڏجي سڏجي عمل ۾ آڻجي، جيڪي به نمائنده امرتسر ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيا، تن مان مشڪل سان ڪنهن به پهرين تجويز کي ٽيڪو ڏنو ۽ پوين ٻن راين بابت فيصلي جي نوبت ڪا نه پهتي، ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهين جي وچ ۾ اڳتي هلي هڪڙو سمجهوتو کڙو ٿيو، ڪانگريس اهو وچيون رستو ورتو. آءُ پاڻ به انهيءَ خيال جي پٺڀرائي مناسب سمجهان ٿو، ڪانگريس آخر وڃي اختيار ڪيو ۽ هاڻي انهي مان ڪو سود ڪونهي ته پاڻ هاڻي دماغ سوزي ڪريون ته ٽنهي فريقن مان ڪهڙو حق تي هو، سڌارا پاس ٿي چڪا آهن پوءِ جهڙا آهن چڱا، بڇڙا يا مندا اسان جي هٿ وس نه آهي ته انهن ۾ هاڻي ڪو واڌارو ڪريون ۽ اسان جي لاءِ ٻه رستا کليل آهن يا ته انهن موجب ڪم هلايون يا وري انهن کي ڌڪو ڏئي ڇڏيون ڪنهن به اهل الراءِ ديس ڀڳت ۽ ڪهڙي به راڄنيتي بلند خيال واري بزرگ اهڙي راءِ نه ڏني آهي ته سڌارن کي پاڻي ۾ لوڙهي ڇڏجي ۽ سڀني سمجهدار صاحبن جو اهو متفق ويچار آهي ته سڌارن کي آزمائجي ۽ انهن مان جيترو ٿي سگهي گهڻي کان گهڻو فائدو وٺجي پر ان جي اها معنيٰ به نه هئڻ گهرجي ته اسان جو جيڪو آخرين مقصد اهي تنهنجي لاءِ ڌنئڻ چڏي ڏيون، خلافت جي مسئلي جي مونجهاري ڪري آءُ نه چئي سگهندس ته نئين ڪائونسلن ۾ مسلمان ڪيتري قدر بهرو وٺندا ۽ ان کان سواءِ چوطرف سڀ ڪنهن پرڳڻي ۾ راڄنيتي لوڪن جو سڌريل ڪائونسلن جي نظام تي گهرو ڌيان پوندو ٿو وڃي ۽ هو فڪر ڪري رهيا آهن ته تون چونڊ ڪندڙ طبقن کي ڪهڙي طرح واقف ڪري انهن جي رهنمائي ڪجي تنهن ڪري اسان کي هاڻي مناسب آهي ته انهي مڙدي کي کوٽڻ ڇڏي ڏيون ته سڌارن کي ڪهڙي لقب سان ياد ڪجي ۽ اها ڏاهپ نه آهي ته هن موقعي تي لفظي جهڳڙن ۾ پئون ته هن ائڪٽ کي ڇا سڏجي، ڇو ته جهڙو ڪي تهڙو اهو ظاهر موجود آهي ۽ ڪا به گلا يا ساراهه ان جي صورت کي ڦيرائي يا جيڪي اختيار ديسي ماڻهن کي سونپيا ويا آهن تن ۾ زيادتي ڪري سگهي، بهتر ٿيندو ته اسين يا اسان مان جيڪي چونڊ ۾ به حيثيت اميدوار ووٽر يا ڪم ڪندڙ شريڪ ٿيڻ چاهن تن کي لازم آهي ته خاص دستور العمل تيار ڪري وٺن ته ماڻهن جي نائبن کي انهي ڪائونسل ۾ ڪم ڪري ڪهڙي نتيجي تي پهچڻون آهي ۽ انهيءَ نقطه نگاهه سان چونڊ ڪندڙن ۾ پنهنجي ڪوشش شروع ڪن ۽ پنهنجي طاقت بيوقوفي سان ائڪٽ جي بالائي نالن وڃائڻ بدران اسان کي اها روش مناسب آهي ته هاڻي ڪهڙا رول ٿا تيار ٿين ۽ انهيءَ لاءِ گورنمينٽ سان مقابلي ۾ اچون ۽ اسان انهيءَ ضروري مسئلي کي وساري ڇڏڻو آهي ۽ انهيءَ غفلت جو اسان کي ضرور خمياڙو ڀوڳڻون پوندو.

مون هن کان اڳ هڪ اشارو ڪيو آهي ته مسلمان ڪائونسل جي چونڊ ۾ شايد حصو نه وٺن تنهن ڪري مٿيون ذڪر مسلمان فرقي سان لاڳو نه آهي، مگر مون کي چوندو ته خلافت جي مسئلي هڪڙي قومي سوال جي صورت ۾ ورتي آهي، تنهن ڪري هاڻي ئي قوميت جي لحاظ سان اسان کي ظاهر ڪرڻو پوندو ته جيڪڏهن مسلمان سڌريل ڪائونسل کان الڳ رهيا ته پوءِ اسان جو ڪهڙو طريقو ٿيندو، يقيناً اهو تمام نازڪ ۽ پيچيده سوال آهي ۽ منهنجي دانست ۾ ڀارت ماتا جي ۽ قوم جي عزت انهيءَ جي نبيري تي گهڻو مختصر رهندي.

پنجاب جي مصيبت

ٻيو وڏو مسئلو اسان جي اڳيان پنجاب جي گذريل سال وارو مصيبت جو قصو آهي، منهنجو مطلب نه آهي ته انهن معلوم ٿيلن واقعن تي وڌيڪ مباحثو ڪريان جي قوم جي دل تي خوني حرفن سان اڪريل آهن ۽ نه اسان کي اها اڳڪٿي ڪرڻي آهي ته سرڪاري ٺاهيل ڪميٽي جو ڪهڙو فيصلو ظاهر ٿيندو جنهن جي رپورٽ عنقريب پيش ٿيڻ واري آهي پر اها ڳالهه ته پڪي طرح ثابت ٿي چڪي آهي ۽ سرڪاري گواهن جي ئي شهادت تي مبني آهي ته امرتسر جا واقعات هٿرادو دٻاءُ ۽ زبردستي جي طريقي سان پيدا ٿيا ۽ جنهن جي ڪري قوم جي هر دل عزيز بزرگن کي شهر نيڪالي ڏني وئي ۽ جليانوالا باغ جو دهشت ناڪ ڪوس انگريزي راڄ جي صفحه تاريخ تي هڪڙو ڪارو نشان بطور يادگار هوندو ۽ مارشل لا جي زماني واري دردناڪ حيوانيت جڏهن سموري نڪري ظاهر ٿيندي تڏهن انگريزي قوم لاءِ اهو شرمناڪ داغ رهندو ۽ جڏهن اهو داستان دنيا جي ٻين قومن اڳيان پوري تفصيل سان پيش ٿيندو ته پوءِ برطانيا عظميٰ جي نيڪنامي جا آزادي جي حمايت لاءِ آهي سا مٽيءَ ۾ ملي ويندي، ڀارت ديس گذريل سال جي موسم بهار ڪڏهن به وساري نه سگهندو ۽ مون کي اميد آهي ته 6 کان 13 اپريل جو قومي هفتو عام طرح سڀ ماڻهو ملهائيندا آهن ۽ مون کي آشا آهي ته جليانوالا باغ جي يادگار لاءِ ڏهن لکن کان زياده چندو گڏ ٿيندو ۽ اسان کي مهاتما گانڌي جو فرسودو ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته شهيدن جي قرباني جي يادگار قائم ڪرڻ جو ارادو آهي ۽ نه ظالمن جي خونريزي جو. هڪڙو اهڙو انسان جو پريم جو ديوتا ۽ ڪرڌ ڌڪاريندڙ آهي سو ان کان سواءِ ڪا به ٻي صلاح نٿو ڏئي سگهي ۽ مون کي ڀروسو آهي ته قومي هفته جي مجلسن جا تقرير ڪندڙ انهيءَ تفاوت کي خيال ۾ رکندا.

خلافت جو سوال

انهي ۾ ته ڪو شڪ نه رهيو آهي ته خلافت جو سوال ڪري هندستان جي حالت اهڙي خطرناڪ ٿي رهي آهي جو ٻين سڀني سوالن کي ميٽي ڇڏيو اٿس، منهنجي دل سان دعا آهي ته اڃان به حالت رو به درستي ٿين، هينئر برطانيه ۽ اتحادي مدبرن جي ايمانداري جو امتحان ٿي رهيو آهي ۽ جي مضبوط واعدا هن پنهنجي مصيبت جي وقت ڪيا آهن، انهن جي پوري ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، پر مون کي اهڙي اميد نه ٿي ٿئي ته برطانيه پنهنجا سمورا انجام پاڙيندي ڇو ته ملڪ گيري ۽ پراون ملڪن کي چوپڻ ۽ نچوڙڻ جي خواهش يورپ جي پاليٽڪس جو وڏو ڀاڱو آهي، سو ڀي تمام تاريڪ نتائج رکي ٿو ۽ ان مان صاف طرح ظاهر ٿئي ٿو ته مسلمانن جي جيڪا گهٽ ۾ گهٽ گهر آهي صلحه جا شرط انهيءَ کان به ڪريل ٿيندا ۽ ڏسجي ٿو رڳو قسطنطنيه سلطان ۽ خليفي وٽ ۽ اهو به اتحادين جي توبن جي رحم هيٺ رهندو ۽ سلطان جو اهڙو قبضو به هينئر نه بلڪه تڏهن جڏهن جيڪڏهن خلافت جي صدر مقام جنگي جو قبضو جيڪو اتحادين ڪيو آهي سو ڪنهن غير محدود وقت تائين بحال نه رهندو.

مسٽر لائڊ جارج جنوري 1918ع ۾ اتحادين جي لڙائي جا مقصد بيان ڪندي (جي انهيءَ وقت جي لحاظ ۽ مصلحت جي ڪري مناسب هئا) ظاهر ڪيو هو ته اسين انهيءَ لاءِ وڙهي رهيا آهيون ته ترڪي کي قسطنطنيه کان محروم ڪريون يا ايشيائي مائنر ۽ ٿريس جون نامور ۽ زرخيز زمين کان خارج ڪريون جتي ترڪي قوم جو گهڻو انداز آهي اهڙي واعدي هوندي به مسٽر محمد علي جي ياداشت جي جواب ۾ هن ائين چيو آهي ته ٿريس ۾ مسلمانن جي آدمشماري گهڻو گهٽ آهي ۽ سمرنا ۾ غير ترڪي ماڻهو گهنو انداز ۾ آهن ڇا ائين آهي؟ ته مصلحت جي وقت ڪري حقيقتن کي موڙيون سوڙيو وڃي ۽ سچ کي ڪوڙ ڪري واعدا پورا نه ڪيا وڃن ۽ ڇا انگريزن جي دانائي جو ڏيوالو نڪتو آهي ڇا؟ آسمان تي اونداهه اچي وئي آهي ۽ دنيا اسلام اهڙي سخت بي آرامي ۾ گهيرجي وئي آهي جا سؤ ورهين کان ڪڏهن به هن نه ڏٺي هئي، يقيناً چو طرف تاريڪي آهي، حالتون ڪهڙيون به ٿين مگر آءُ اها پڪ رکان ٿو ته هندو ڀائرن جي مدد سان مسلمان هميشه ياد رکندا جو هنن خلافت جي مسئلي کي سڄي هندستان جو گڏيل سوال ڪري ڇڏيو آهي، ديس جا سڀئي گهڻ گهرا خلافت جي مسئلي ۾ هندو ۽ مسلمانن جي ايڪي کي ڏسي خوش آهن ۽ هرڪو شخص مصيبت جي وقت ۾ همدردي جو گهڻو قدر ڪري ٿو، مون کي خبر آهي ته انهن مسلمانن جي تڪليف جي وقت ۾ جيڪو دوستي ۽ محبت جو هٿ ڊگهو ڪيو آهي تنهن مسلمانن جي دلين تي گهرو اثر پيدا ڪيو آهي، جنهن صورت ۾ انهي سوال هڪڙو قومي انداز ورتو آهي، اهڙي حالت ۾ مان اميد ٿو ڪريان ته آئنده به سڀ ڪو قدم باهمي اتفاق سان کنيو ويندو.

ڪمشنر جون اختياريون

هندستان جي متفقه مسئلن تي نگاهه ڪرڻ کانپوءِ جي قوم جي لاءِ نهايت ضروري آهن، منهنجي مرضي آهي ته آءُ هڪدم انهي وڏي سوال تي اچان جو صوبه جي فائدي لاءِ سڀ کان ضروري آهي ۽ انهيءَ سوال جي لاءِ ٻه رايا نٿا ٿي سگهن ته اهو هڪڙو مسئلو جنهن تي ٻين ڳالهين کان اڳ ۾ توجهه ڏيون سو آهي ريفارم (سڌاري) ائڪٽ هيٺ ڪمشنر جون اختياريون، مانٽيگو چيلمسفورڊ جي رپورٽ جي فقره نمبر 214 ۾ نامور منصف اهي دليل ڏيندي ته سڀني صوبن ۾ هڪڙي مانهوءَ جي حڪومت ڇو بند ٿيڻ کپي، پنهنجي راءَ هن طرح لکن ٿا ته “اسان جي خيال ۾ هن کان وڏو خيال جوڳو ۽ زبردست دليل اهو آهي ته هڪڙي صوبه جي انتظام هڪڙي ئي ماڻهوءَ جي هٿ وس ڇڏجي ته انهيءَ مان اها ڳالهه ناممڪن ٿيندي ته ڪو هن کي ذميوار ٺهرائي سگهبو”

انهيءَ صفا ۽ زبردست بيان هوندي اسان جي پڪار آهي ته انهن ڳالهين ۾ جي سرڪار جي تبديل ڪيل يا قبضي ۾ رکيل محڪمن سان تعلق رکن ٿيون، جن ۾ گورنر ان ڪائونسل جا اختيارات يا گورنر ۽ وزيرن جا اختيارات اڳي ڪمشنر سنڌ کي سونپيا ويا آهن تن ۾ وزيرن ۽ سڌريل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي سنڌ جي لاءِ خبرداري سان انتظامي واڳ جهلي نه سگهندي، جيستائين ڪمشنر جي هٿ ۾ ان کي ميونسپل اختياريون موجود آهن ۽ هن کي مسئلن جي آخرين نبيري ڪرڻ جو ايترو اختيار رهندو جو ٻين حصن ۾ رڳو وزير کي مليل رهندو، اهڙي حالت ۾ ذميدار حڪومت جو وجود سنڌ ۾ اڻ لڀ هوندو. مثال لاءِ ڊسٽرڪٽ ميونسپل ائڪٽ هيٺ گهڻا اختيارات مڪاني خود حڪومتن جي انتظامي ۽ حڪمي ڳالهين تي هاڻوڪي گورنر ان ڪونسل کي سپرد ٿيل آهن، اختيارات جي قاعده يعني ڪمشنر سنڌ جي ائڪٽ نمبر 5 سن 1868ع موجب اهڙن اختيارن جو وڏو حصو ڪمشنر سنڌ کي سونپيل آهي، سڌاري جي قاعدي جي بهالي سان گورنر ان ڪونسل جا اهي اختيار حقيقت ڪري مڪاني حڪومتن جي وزيرن جي ذمي وڃي ٿيندا ۽ چونڊ ڪندڙن کي پنهنجي نائبن جي وسيلي اهو وس رهندو ته انهيءَ محڪمي جي انتظام جي جاچ رکي سگهن.

پر جيڪڏهن سنڌ جو ڪمشنر مڪاني حڪومتن جي متعلق هاڻوڪيون ميونسپل اختياريون هلائيندو رهيو ته پوءِ جيستائين ان جي هٿ ۾ اهڙيون اختياريون آهن جيتري قدر سنڌ جو تعلق آهي ذميوار وزير چونڊ ڪندڙن يا ڪائونسل وٽ فلاحي نه ٿي سگهندو ڇو ته محڪمي ۾ هن جو آخري آواز نه آهي، انهيءَ جي معنيٰ اها آهي ته جيتريقدر تبديل ڪيل ڳالهين جو تعلق آهي سڌارن مان سنڌ کي ڪو معقول فائدو ڪو نه مليو، باقي قبضي ۾ رکيل معاملات جي متعلق به سڌريل انتظامي ڪائونسلن مان (جن ۾ هندستاني حصو زياده ٿيندو) جيڪو فائدو حاصل ٿيڻو آهي ان مان سنڌ کي ڪو گهڻو بهرو ملي سگهندو.

جيڪڏهن سنڌ کي سڌارن جو ڪو فائدو ملڻو آهي ته سرڪار کي انهي کان سواءِ ڪو ٻيو رستو ميسر نه ٿي سگهندو ته هڪدم اهو سوال هٿ ۾ وٺي ته سنڌ جي ڪمشنر کي انهي درجي تي آڻجي جنهن درجي تي پريزيڊنسي جي ٻين پرڳڻن جا ڪمشنر آهن، عام رايو مختلف خيالات جي ماڻهن جو ڪمشنر سنڌ جي انهيءَ نياري درجي جي سخت برخلاف آهي ۽ جنهن وقت کان وٺي هندوستان جي سڌارن جو سوال، ملڪ جي راڄنيتي بزرگن هٿ ۾ کنيو آهي تنهن وقت کان وٺي صوبي جي اخبارن ۽ سياسي مجلسن ۾ انهي مڪاني سڌاري تي گهڻو ويچار ۽ ڳڻ ڳوت ڪئي وئي اهي، هندن ۽ مسلمانن کي هاڻي انهي ڳالهه جو پڪو وشواس آهي ته انهي مڪاني جبري حڪومت جو خاتمون ٿئي ۽ مون کي پڪ آهي ته جيستائين اهو مقصد حاصل ٿئي تيستائين اهي پٺتي نه هٽندا.

جيڪڏهن اها ڳالهه قبول ڪئي وڃي ته انگريزن جي 77 ورهين جي راڄ سنڌ ۾ ڪو سڌارو نه ڪيو آهي ته ٺهيو، نه ته اهي پراڻا دليل جن تي سنڌ جي طرز حڪومت جي بناءَ تي ڪيل آهي تن جو هاڻي ڪو اثر ڪونهي ۽ سرڪار توڙي رعيت جي لاءِ اها ڳالهه بهتر ٿيندي ته بمبئي سرڪار جلد کان جلد هاڻوڪي انتظام جي درستي ڪري.

سنڌ ۾ زبردستي

مٿيون عنوان سنڌ جي خاص انتظامي خامي تي قائم ٿيل نه آهي ۽ جيڪي ٻه مثال آءُ ڏيان ٿو انهن مان سمجهڻ نه گهرجي ته آءُ پنهنجي دعويٰ کي وزن دار ڪريان ٿو، پر ٻين ڳالهين جي نسبت آهي اهڙا ضروري آهن ۽ سرڪار ۽ ماڻهن جي تعلقات سان اهڙا مضبوطي سان لاڳاپو رکندڙ آهن جو منهنجي خواهش آهي ته انهن لاءِ مان بلڪل صاف گوئي ڪم آڻيان.

ڊيلي گيٽ ڀائرو! اوهان سڀني کي چڱي طرح معلوم آهي ته بدقسمت سنڌ جي عملدارن جي دل گذريل اپريل ۾ ڪيترو ڌڪو کاڌو، پنجاب جي واقعن هنن جي اکين اڳيان انڌيرو ڪري ڇڏيو  ۽ پنهنجي سموري بردباري وڃائي انهن دٻڙدوس جي پاليسي هڪڙي اهڙي صوبي ۾ ورتي جنهن جهڙي شانتي ٻئي ڪنهن به صوبي ۾ نه ٿي ڏسڻ ۾ آئي، هنن ڪراچي ۾ اهڙن ماڻهن جي بيجا خانه تلاشي تي ڪمر ٻڌي جي هر طرح سرڪار جي خلاف سازش جي شڪ کان پري هئا ۽ انهن انهي ڳالهه کي سياڻپ سمجهو ته هڪڙي چوپڙي بنسبت جنهن جي لاءِ چوڻ ۾ آيو ته راڄ ڊوهي پيدا ڪندي ۽ جا ڪنهن به داناءُ ماڻهوءَ جو سک ڦٽائڻ جهڙي نه هئي تنهن لاءِ مسٽر درگداس بي آڏواڻي ۽ مسٽر ايڇ ڊي ماريوالا تي مقدمو هلائجي ۽ ڪم نصيبي ڪري انهيءَ چوپڙيءَ سندن آرام ۾ خلل وڌو ۽ انهن ٻنهين کي بيجا ۽ سخت سزا ڏني وئي.

حيدرآباد ۾ ته حالت ان کان به بدتر رهي، شره جا ٻه معزز سياسي ڪارندا جن ۾ آنريبل مسٽر غلام محمد ڀرڳڙي جهڙو بزرگ به هو، سي عملدارن جي شرارت جا شڪار ٿيا ۽ هڪڙي جڙتو ابتدائي رپورٽ انهن جي بر خلاف ڦهلائي وئي، جنهن جي سچائي بابت سرڪار خود بمبئي ڪونسل ۾ انڪار ڪيو هو، انهن مان پنجن ڄڻن کي گرفتار ڪيو وي ۽ ڳرين ضمانتن تي ۽ ذاتي مچلڪن تي انهن کي آزاد ڪيو ويو، پر اهو ٺاهيل منصوبو جلد پڌرو ٿي پيو ۽ جيتري قدر هنن کان پڄي سگهيو عجيب کيڏ سان هنن موٽ کاڌي، انهي وچ ۾ هڪڙو ٻيو راڄ ڊوهي مقدمو حيدرآباد ۾ کڙو ڪيو ويو ۽ انهي موقعي تي هندواسي اخبار جو هر دلعزيز ايڊيٽر مسٽر ڄيٺمل پرسرام هنن جي پنجي ۾ اچي ويو، مسٽر ڄيٺمل جي قسمت پنهنجي ڪراچيءَ جي دوستن کان ڪا وڌيڪ چڱي نه ٿي، پر شڪر آهي جو هن مئجسٽي جي پڌرنامي جي ڪري اسان جا سڀئي دوست ٿورن مهينن جي شاندار روحاني ۽ جسماني رياضت جو وقت ڪاٽڻ کان پوءِ آزاد ڪيا ويا ۽ هاڻي هو اسان وٽ آهن ۽ پنهنجي پنهنجي سمجهه موجب ديش جي شيوا ڪري رهيا آهن.

سنڌ جا عملدار ۽ خلافت

سنڌ ۾ اوڊ وائري جو ٻيو مثال ڪن عملدارن جي ناپاڪ ڪوشش هئي (مون کي ايئن چوندي شرم ٿو ٿئي ته هو مسلمان عملدار هئا ۽ گهٽ ۾ گهٽ هو پاڻ مسلمان چورائن ٿا) جن پنهنجو درجو ۽ اثر سنڌ ۾ خلاف جي برخلاف ايجنٽيشن جي شروع ڪرڻ ۽ قائم رکڻ ۾ ڪم آندو، هنن ائين ڄاتو ته سنڌ جا عام اڻ پڙهيل مسلمان جيڪي عملدارن جي خوف ۾ اڳئي مرده ٿيا پيا آهن انهن ۾ اهڙي اشاعت ڪرڻ لاءِ ميدان کليل آهي جا سڄي اسلامي هندستان جي اعتقادات ۽ خيالات کان ابتڙ هئي.

ٻه مسلمان عملدار جن جو درجو اعتماد ۽ اثر وارو هو سي لهي هيٺ آيا ۽ انهي لاءِ سڀئي ناجائز طريقا ڪم آندائون ته مسلمان فاسد رايا ۽ برا اعتقاد ظاهر ڪن ۽ پکيئڙن، اها هٿرادو ايجيٽيشن خلافت جي برخلاف زبردستيءَ، جرئت ۽ بي خوفي سان قائم رکي وئي جنهن سان سنڌ جي ڪمشنر ۽ بمبئي گورنمينٽ جي درجي تي انهي ڳالهه ۾ راضي هجڻ بابت گهڻو شبهو پيدا ٿيو ۽ جڏهن اخبارن ۾ مسلمانن جي راين کي دٻائڻ جي متعلق کليل الزام رکيا ويا تڏهن سنڌ جي حڪومت گهڻي وقت لاءِ ماٺ ڪرڻ پسند ڪيو ۽ انهن ٻن عملدارن مهينن جا مهينا انهي ناٽڪ کي برقرار رکيو ۽ ماڻهو قدرتي طرح يقين ڪرڻ لڳا ته گورنمينٽ جي خود خواهش هئي ته اهڙو ايجيٽيشن ٿئي ۽ اهي عملدار رڳو ڪارندا هئا پر آخرڪار سرڪار تي انهي ڳالهه ذهن نشين ڪئي وئي ته ان جي خاموش رهڻ جي ڪري اهڙي عام يقين جو زور وٺڻ ۽ ان جي لاءِ معقول سبب پيدا ٿيڻ نامناسب ۽ مصلحت جي خلاف آهي ۽ هزايڪسلنسي گورنر بمبئي انهن عملدارن کي فهمائش ڪئي ته انهي تحريڪ ۾ حصو نه وٺن، سرڪار جي شڪرگذاري ڪندي هن نيٺ ڏاهپ ڪري کلي طرح انهي تحريڪ کان پنهنجو جدا هجڻ ثابت ڪيو ۽ انهن عملدارن جي هلت تي ملامت ڪئي اسين اها تقاضا وري ٿا ڪريون ته انهن عملدارن ۽ سندن چيلن جي زبردستي جي الزامات جي متعلق هڪڙي پوري ۽ آزاد تحقيقات ڪري.

ڇا سرڪار جو اهو خيال آهي؟ جيڪي انهيءَ زبردستي جو شڪار ٿيا آهن ۽ جن پنهنجي ثابت قدم رهڻ لاءِ سچ جي خاطر تڪليف سٺي آهي سي اهي ڌمڪيون بي عزتيون ۽ بدترين برتاءُ سهي ماٺ ڪري ويهي رهن ڇاڪاڻ ته سرڪار هڪڙي عملدار جي (جنهن پنهنجي اختيارن جو غير واجبي طرح استعمال ڪيو) آبرو بچائڻ لاءِ آرزو مند آهي ڇا اهڙين ڳالهين ۾ اها هلت دانشمندي ۽ مدبرائي جي آهي؟ لارڪاڻي خلافت ڪانفرنس هزايڪسلنسي گورنر بمبئي جي اڳيان اهو معاملو هڪڙي عرضداشت جي صورت ۾ تحقيقات لاءِ پيش ڪيو ۽ هڪڙو وفد تيار ڪيو ته انهي ڳالهه لاءِ صاحب موصوف سان ملاقات ڪري مگر نه رڳو وفد سان ملڻ کان انڪار ڪيو ويو بلڪ خود تحقيقات ڪرڻ کان به رُکو جواب مليو. ڪو به ماڻهو جا رکيل الزامات جي بلڪل صاف سبب سان آهن سي غلط آهن ته ڪنهن به وڌيڪ تڪرار کانسواءِ سرڪار جو اهو چوڻ صحيح معلوم ٿيندو ته ڪنهن به زبردستي جي پڪار بابت ڪو سبب موجود نه آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن ماڻهن آئينده اهڙيون ناواجبي ڳالهيون تحقيقات لاءِ پيش ڪيون ته پوءِ سرڪار اهو وجهه ڏيندي ته ملزمن کي ثابت ٿيل ڏوهن جي عيوض جوڳي سزا ملي، اسين سرڪار جا شڪر گذار ٿينداسين ته عملدار يا غير عملدار جو فرق ڪڍي پنهنجو هڪڙو صحيح فرض ادا ڪري ۽ آءُ اميد ٿو ڪريان ته سرلائڊ جارج اسان جي عرضداشت کي مناسب هجڻ تي عور ڪندو ۽ جلد هن کي قبول فرمائيندو.

19 مارچ 1920ع

هز ايڪسلنسي سر لائڊ جارج سرڪاري نوڪرن تي جيڪا خلاف جي برخلاف تحريڪ ڪرڻ جي متعلق تنبيهه ڪئي هئي ان ۾ چيو هو ته اهو “مذهبي بحث” آهي پر هاڻي گورنمينٽ سرڪيولر ڪڍيو آهي ته خلاف جي تحريڪ سياسي آهي ۽ غالباً انهيءَ ڪري  ئي اسين اهو نظارو ڏسون ٿا ته سنڌ ۾ ڪيترن ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽن کي جيتري قدر ٿي سگهيو آهي اوتري قدر مسلمانن جي زبان بند ڪرائڻ لاءِ بمبئي پوليس ايڪٽ کي ڪم آندو آهي، جيئن وقت بوقت ظاهر ڪيو ويو آهي، خلافت جي تحريڪ هڪ خاص مذهبي معاملو آهي ۽ انهي ڪري جهڙي طرح آزمودو آهي ان ۾ ڪا به دست اندازي سخت ممڪن مقابلو پيدا ڪرڻ جو باعث ٿيندي، هندستان جا رهاڪو امن پسند آهن ۽ انهن جي خواهش آهي ته پاڻ به ٻين سان گڏ زندهه رهن تنهن ڪري اهڙن ماڻهن جي لاءِ نامناسب اشتعال بلڪل اجايو آهي.

ڪراچي جي ميونسپل ڇانوڻي جي حد ۾ پوليس ائڪٽ جو قلم 42 پڌرو ڪيو ويو ۽ وري حيدرآباد سکر ۽ ٻين جاين تي ماڻهن تي نوٽيس تعميل ڪيا ويا، ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ حيدرآباد انهي قلم جي وسيع ۽ تمام گنجائش وارن لفظن تي به بس نه ڪئي ۽ انهي قلم جي حدود کان ٻاهر نڪري اها ڳالهه مشتهر ڪئي ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪافر چوڻ يا جماعت کان خارج چوڻ يا اهڙا ٻيا جملا سندس حڪم هيٺ اچن ٿا، اها ڳالهه ظاهر آهي ته قرآن شريف ۾ لفظ “ڪافر” اڪثر اچي ٿو ۽ فرض ڪريو ته ڪنهن ماڻهوءَ اهڙو ٽڪرو پڙهيو جنهن ۾ اهو لفظ هجي ته پوءِ ڇا پوليس ائڪٽ جو قلم 42 جيئن ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ سمجهيو آهي هن کي مقدمه جي لاءِ جوابدار ٺهرائيندو؟ جيڪڏهن ائين آهي ته اها ماڻهن جي مذهبي آزاديءَ ۾ صاف دست اندازي نه چئبي؟

“جماعت کان خارج” دراصل ڪو جدا فرقو ڪونهي ۽ جهڙي طرح هميشه دستور رهيو آهي اهڙا ڪي ٿورا ماڻهو لڀندا اهڙي صورت ۾ انهن کي فرقي جو درجو ۽ خطاب ڏئي ماڻهن کي اهڙن شخصن سان (جي پنهنجي هلت جي ڪري جماعت کان نڪري ويا آهن) پنهنجي خانگي تعلقات ۽ لاڳاپن جي نبيري ڪرڻ جي منع ڪرڻ هڪڙي بيهودي ڪوشش آهي، تنهن ڪري صفا طرح اها ڳالهه هڪڙي مئجسٽريٽ جي اختيار کان ٻاهر آهي ته جماعت جي خانگي معاملات تي نظرداري ڪري.

اسان کي اخبارن مان معلوم ٿيو آهي ته خود هتي سکر ۾ ڪهڙي طرح پوليس جي هڪڙي نوڪر اسان جي معزز چيئرمين رسپشن ڪميٽي تي سمن تعميل ڪيو، اهڙا غير ضروري ۽ اڪثر رنج ڏيڻ وارا اختيار هلائڻ جا نظارا سود مند ثابت نه ٿا ٿين، اٽلندو انهن مان عملدارن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ جدائي جي وڏي کاهي پيدا ٿيو پوي ۽ اها ڳالهه سڀني جي لاءِ فائدي واري آهي ته سنڌ جو عملداري طبقو غير ضروري موقعن تي پنهنجي طاقت جي نمائش ڪرڻ جي پراڻي عادت کان باز اچي.

هندو مسلم اتحاد

ڊيليگيٽ ڀائرو! اگرچه هوا جو رخ گهڙيءَ پريشاني سان ڀريل آهي ۽ آسمان تي اونداهي ڇانيل آهي تڏهن به ان ۾ مبارڪ روشنيءَ جو شعاع ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ايڪائي جي خيال جي جذبي هندستان جي هندو مسلمانن جي اتفاق جي پايي کي هن سخت مصيبت جي وقت گهڻو ڪيو آهي ۽ آءُ اميد ٿو ڪريان ته هڪڙي ڏينهن جڏهن اسين پنهنجي اميدن کي رسنداسين رنج جي وقت ۾ اسان جي انهيءَ شرڪت مان راحت جي شرڪت جو نتيجو نڪرندو، ٻنهي قومن ۾ اتفاق ڪا نئين ڳالهه ڪانهي، بلڪ هندوستان ۾ اسلام جي اچڻ کان وٺي هلي ٿي اچي، ڌرم ۽ مسلمانن جي روزانه هلت اجازت نٿي ڏئي ته هنن ۽ سندن هندو پڙوسن جي وچ ۾ ڪا جدائي پيدا ڪرڻ واري ديوار هجي ۽ جڏهن اسين اها ڳالهه به ياد ڪريون ٿا ته هندستاني مسلمانن جو وڏو تعداد هندن جي ساڳئي نسل جو آهي، تڏهن هندو مسلمانن جي اتفاق ۾ درحقيقت ڪا به مشڪلات نٿي رهي سگهي.

تاريخ اها ڳالهه صفا ثابت ڪري ٿي ته گذريل زماني ۾ هندو ۽ مسلمان بهترين پاڙيسري ۽ سچا دوست ۽ ايماندار رفيق ٿي رهيا آهن ۽ ٻنهي طرفن کان ٿوري ڪوشش انهن جي ٻڌي کي گهڻو مضبوط ڪندي ۽ انهن کي هڪڙي شاندار قوم جي سانچي ۾ پلٽي ڇڏيندي.

انهيءَ ڳالهه جو انڪار ڪرڻ اجايو آهي ته ٻنهي فرقن جي تعليم يافته طبقي ۾ ٿوري وقت کان هڪڙو بي اعتباري جو خيال پيدا ٿيل آهي، ان جي پيدا ڪرڻ ۾ ڪين جهڙين ڳالهين تي نامناسب حسد ۽ مسلمانن ۾ هاڻوڪي تعليم جي گهٽتائي وڏو حصو ورتو آهي، خوشقسمتي آهي ته پڙهيل طبقي جي انهن خيالن جي هوا عام ماڻهن کي نه لڳي آهي ۽ سچائي ۽ ٿوري ڪوشش سان هندو مسلمانن جي اتفاق هڪڙي خوشنما زندگي اختيار ڪئي آهي، مون کي ڀروسو آهي ته مسلمان تعليم جي اشاعت سان قومي جوابدارن ۾ اڳئين کان وڌيڪ آزادگين سان حصو وٺندا، هندو مسلمانن جي هاڻوڪي اتحاد ۾ مون کي اها وڏي خوبي ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته قوميت جي جوش مسلمانن جي دلين تي مضبوط پيڙهي ٻڌي آهي ۽ جيئن وقت گذرندو تيئن مسلمان ائين ڏسڻ ۾ ايندا ته هو جو ديس جي ڀلي لاءِ هندن کان ڪنهن به طرح چاهه ۽ اتساهه ۾ گهٽ نه آهن.

مسلمان ائين نٿا ڪري سگهن ته هندستاني قوميت جي فائدن کي وساري ڇڏن ۽ اهڙي طرح هندن کي به انهيءَ ڳالهه کان بي پرواهه نه ٿيڻ گهرجي ته مسلمان نسبتاً پٺتي پيل آهن، ٻنهي کي هڪ ٻئي جي ضرورت آهي ۽ هر هڪ کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته محبت جا هٿ ڊگها ڪن ۽ آءُ اميد ٿو ڪريان ته عام ماڻهن کي هندو مسلمانن جي ايڪي جو پيغام ذهن نشين ڪيو ويندو ۽ منهنجي خواهش آهي ته هاڻي جو اسين ديواني عدالتن ۾ ٻهراڙيءَ جي ڳرن وياجن جن جون پڪارون ٻڌون ٿا سي جلد بند ٿين، مون کي اخبارن مان معلوم ٿيو آهي ته صوبي جي قانوني ڪونسل ۾ سنڌ جي هندن کي پريزيڊنسي لاءِ موجود جاين منجهان پورو حصو نه مليو آهي ۽ سڌريل ڪائونسل ۾ انهيءَ هڪڙي جماعت جي ٻن حصن جي نيابت جي تقسيم موافق ۽ نياءُ واري نه آهي، سنڌ جا هندو چونڊ ڪندڙن جي تعداد جي لحاظ ڪري چئن جاين جا حقدار آهن پر هنن کي فقط ٻه جايون مليون آهن، سرڪار، نيشنل ڪانگريس ۽ مسلم ليگ انهيءَ ڳالهه کي قبول ڪيو آهي ته گهٽ تعداد وارين قومن سان رعايت ڪئي وڃي، انهيءَ حقيقت مان به سنڌ جي هندن جي دعويٰ کي ٽيڪو اچي ٿو ۽ آءُ خيال ڪريان ٿو ته سنڌ جا مسلمان سنڌي هجڻ جي حيثيت سان انهيءَ ڳالهه ۾ سنڌ جي هندن جي ڪشاده دليءَ سان پٺڀرائي ڪندا ته بمبئي پريزيڊنسي جي هندن کان نيابت جون ٻه وڌيڪ جايون هٿ ڪن جنهن جا هو حقدار آهن، مون کي معلوم ٿئي ٿو ته هندو ڀائرن پنهنجي دعويٰ بمبئي صوبي جي سڌارن جي لاءِ مقرر ڪيل ڪمشنر وٽ پيش ڪئي آهي، پر اڃان تائين اها درخواست قبول نه ٿي آهي، آءُ اميد ٿو ڪريان ته اها دعويٰ اعليٰ اختياريءَ وارن وٽ پيش ڪئي ويندي ۽ ان تي زور ڏنو ويندو ۽ سنڌ جا مسلمان انهيءَ لاءِ پنهنجي دلي امداد ڏيندا.

صلح ڪرائڻ لاءِ گڏيل جماعت

گهڻي وقت کان وٺي اها تجويز در پيش آهي ته اهڙيون گڏيل مجلسون ٺاهجن، جي ڪورٽن جي دست اندازي کان سواءِ ديواني ۽ ڀائيچاري جا تڪرار نبيرين، افسوس آهي ته سنڌ ۾ اسان انهيءَ ڳالهه کي وساري ڇڏيو آهي، خانگي فيصلن سان نه رڳو وقت ۽ پئسي جو بچاءُ ٿيندو، بلڪ مقدمن جو انداز به گهٽ ٿيندو. جنهن جي ڪري ماڻهن جي حالت بهتر ٿيندي، منهنجو خيال آهي ته اهڙيون مجلسون نه فقط انهيءَ لاءِ هجن ته هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ جهڳڙن جو فيصلو ڪن پر هندن جا هندن سان ۽ مسلمانن جا مسلمانن سان پاڻ ۾ به جيڪي تڪرار ٿين تن کي نبيرين، هي وقت انهيءَ ڳالهه لاءِ گهڻو مناسب آهي ته اسين انهيءَ تجويز کي عملي صورت ۾ آڻيون ۽ مون کي پڪ آهي ته اسان جا ماڻهو انهيءَ تجويز کي مرحبا ڪرڻ لاءِ تيار آهن، خانگي لاڳاپا ٻنهي فرقن جي وچ ۾ خصوصاً وڏن شهرن ۾ غور ڪرڻ جي قابل آهن ۽ آءُ پنهنجي بزرگن کي درخواست ڪريان ٿو ته اهڙن تعلقات کي وڌائڻ لاءِ ڪي اپاءُ ڳولي ڪڍن جن جي هينئر محبت جي زيادتي، وقت ۽ مصلحت جي ڪري قوم کي ضرورت آهي.

سوديشي

سنڌ ۾ ماڻهن کي ضرورت پوريءَ طرح مجبور ڪيو آهي ته غير ملڪي قيمتي ڪمبلن ۽ پشمي ڪپڙي ۽ فلالين جي بدران کٿا ۽ لوئيون وڏي انداز ۾ ڪم آڻن، جيڪي ٿر جي ملڪ ۾ ٺهن ٿيون، ٿر ۾ جيڪو پشمي سامان ٺهي ٿو تنهنجي انداز کان ان جي ڇڪ زياده آهي ۽ مون کي هڪڙي معتبر ذريعي سان معلوم ٿيو آهي ته ڪورين کي جيڪي ٿوري پيسي جي مدد سان ڏجي ته اهو مال هاڻوڪي کان وڌيڪ انداز ۾ اچي سگهي ٿو، اسين ته رڳو پشمي سامان پنهنجي ملڪ مان سستو حاصل ڪري سگهون ٿا، بلڪه عمدو ڪپڙو پيراهڻن ۽ ٻئي ڪم لاءِ آسانيءَ سان ٺهي سگهي ٿو ۽ اڄ به ميسر آهي اگرچه اُن جو انداز ڪجهه گهٽ آهي.

ڪپڙي جي گهڻي گهرج ۽ ضرورت آهي، ڪپڙو به کهرو ۽ سادو ڪپڙو هڪڙو ڀيرو سستو ۽ مضبوط بازار ۾ اچي سگهي ته پوءِ ان جي نڪاسيءَ لاءِ ڪنهن کي چوڻ جي ضرورت ئي ڪانهي، البته انهي ڳالهه جي گهرج آهي ته سرمايو هجي ۽ مان اُميد ٿو ڪريان ته اسان جي صوبي جا بزرگ پير، زميندار ۽ شاهوڪار ڪورين کي جي پنهنجو ابائي ڌنڌو ڇڏي رهيا آهن، اڳواٽ پئسا ڏيندا ته پنهنجي ڪم کي وري شروع ڪن، سنڌ ۾ ڪيترا ميلا ٿين ٿا ۽ اها ڳالهه بلڪل مفيد ٿيندي ته اتي ديسي ڪپڙي جو نماءُ ڪيو وڃي، سڀ ڪنهن ڳوٺ ۾ يا چند ڳوٺن لاءِ آڏاڻن جو چڱو انداز هجي ته اتاهين جي ضرورت لاءِ ڪافي ٿي سگهن.

سنڌ ۾ ديسي ڪپڙي جي خواهش وڌندي وڃي ٿي ۽ اسان کي گهرجي ته ان جي ترقي لاءِ زوردار ڪوشش ڪريون اسين واپاري ماڻهو وڏن شهرن ۾ غير ملڪ جي واپار ۽ سٽي ۾ گتل آهيون ۽ ائين ڪرڻ ڪري اسين ملڪ کي چوسيندڙن ڌارين ماڻهن جا نائب ٿي ويٺا آهيون ۽ سچ ڪري پڇو ته ڀارت ماتا ۽ ان جي اڳوڻن، هاڻوڪن ۽ آئينده اولاد جا گهڻو ڏوهي آهيون، وقت ڀرجي آيو آهي ته هاڻي اسين انهن خطائن جي تلافي ڪريون ۽ سوديشي ڪم ڏي وڌيڪ رغبت ڪريون ۽ اهڙي مال کي بازار ۾ آڻي وجهون، مون کي انهيءَ ڳالهه متعلق گهڻي گرمجوشي ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ ماڻهو بلڪل تيار آهن ته نقصان سان به ان جي حمايت ڪن ۽ منهنجي دل و جان سان گذارش ۽ وينتي آهي ته منهنجا هم پيشه ڀائر اکيون کوليندا ۽ پوءِ کين معلوم ٿيندو ته اسان جي اڳيان مادر وطن جي واڌاري لاءِ وڏو ۽ ڪشادو ميدان پيو آهي جنهن ۾ اسين پنهنجو پئسو لڳائي سگهون ٿا.

رسائي ڪميٽي

ٻه ورهيه گذري ويا آهن، اسان کي خبر نه آهي ته رسائي ڪميٽي جي محنتن جو ڪهڙو نتيجو نڪتو، اسان کي اڳي به آزمودو آهي ۽ اڄ به اسين ساڳي حالت ڏسون ٿا ته جڏهن ڪڏهن سرڪار سنڌ جي ڪنهن به اهنج جي تحقيقات لاءِ ڪا ڪميٽي مقرر ڪري ٿي ته اُن جي رپورٽ جي پڌري ڪرڻ ۾ ورهيه لڳيون وڃن، رسائي، لاپي ۽ ڇيڙ جون تڪليفون تمام پڌريون آهن ۽ سرڪار تي اها ڳالهه لازم آهي ته انهي بابت پنهنجا احڪام جلد ظاهر ڪري توڙي ڪميٽي ڪهڙي به سفارش ڪئي هجي ۽ گورنمينٽ ڪهڙا به حڪم ڪڍي، تڏهن به انهن ايذائن جي لهڻ جي اميد ڪانهي ۽ منهنجي راءِ آهي ته آبادگار جي انهيءَ پيڙائن جا شڪار آهن سي خود انهيءَ لاءِ جوابدار آهن ۽ جيستائين اهي پاڻ مردانگي اختيار ڪندا تيستائين يقيني طرح اهي ظلم ۽ بي عزتيون ڀوڳيندا رهندا، زميندارن کي جن مان اڪثر منهنجا هم مذهب اهن آءُ پيغام ڏيانٿو ته هو قوم کي سجاڳ ڪرڻ جي ڪم ۾ پنهنجي مدد ڏين، قرآن شريف ۾ هڪڙي آيت آهي سا تمام گهري معنيٰ رکي ٿي جنهن ۾ خدا تعالي فرمايو آهي ته جيستائين ڪا به قوم پنهنجي حالت نه بدليندي آهي تيستائين ان جي حالت نٿي ڦري سگهي. اوهان کي دليون دماغ ڏنل آهن، سمجهو ۽ عبرت وٺو، ڏڪار، مفلسي ۽ وڏا وڏا مرض ۽ سڀ ڪنهن قسم جون بڇڙيون بيماريون ۽ موتن جي زيادتي اسان جي آباد ۽ سرسبز ملڪ ۾ ڏهاڙي جو وهنوار آهي، مون کي خبر آهي ته اوهان پنهنجي گهڻي حشمت، تابعداري ۽ ذاتي مخالفت ۽ غفلت ۾ وڃائي آهي ۽ اوهان جي حالت قريب قريب نااميدي جهڙي آهي، هندستان ۾ جيڪڏهن ڪنهن فرقه وڌيڪ ايذاءُ سٺا آهن ته اهو اوهان جو آهي ۽ اوهان جا ماڻهو آهن، اوهان جي بهتري ۽ ملڪ جي خوشحالي جو رڳو هڪڙو ئي علاج آهي ۽ اهو سواراج آهي، جنهن لاءِ هندستان جي هي قومي مجلس دل و جان سان ورهين کان پاڻ پتوڙي رهي آهي، ڇا اوهين ڪانئرائي، ڊپ ۽ ٻاهرين دٻاءُ جا زنجير ڀڃي ٻاهر نه نڪرندا؟ ۽ ڇا هن قومي مجلس جي پليٽ فارم تي سڀئي گڏجي اسان سان نه بيهندا؟ قومن جي خيالات ۽ خواهشن ۾ هن وڏي لڙائي کان پوءِ انقلاب پيدا ٿيو آهي، دنيا جو گهڙيال پنهنجي پوري وقت تي هلي رهيو آهي ۽ اهو اوهان جي غفلت ۽ جدائي جي ڪري نه پٺتي هٽندو ۽ نه بيهي ويندو، پر منهنجو فرض آهي ته آءُ اوهان کي خبردار ڪريان ته جيڪي پٺتي رهندا آهن تن جو نتيجو بربادي کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿيڻو آهي ۽ خدا تعاليٰ کي منهنجي دعا آه ته اهو مالڪ هاڻي به اوهان کي سمجهه ڏئي، اوهان جي گڏجڻ سان اسان جي آواز ۾ وڏي طاقت پيدا ٿيندي ۽ سوراج جي پرڀات گهڻو سويرو ڦٽندي.

ڪرسي نشينن لاءِ ڪميٽي

ڪرسي نشينن لاءِ ڪميٽين بابت اسان کي ٿورو ئي ڪجهه ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ ان جون ڪهڙيون سفارشون هجن مگر انهي ڪرسي جي مسئلي جو صاف ڪرڻ ماڻهن جي ئي هٿ وس آهي. “ڪرسي” ڪا تواريخي اهڃاڻ نه ٿي رکي، انگريزي راڄ سان اها پيدا ٿي آهي، سنڌ ۾ مير صاحبن جي زماني ۾ ڪرسي درٻار جو جز نه هوندي هئي تنهن ڪري اها ڳالهه کل جهڙي آهي ته اها پراڻي يادگار آهي، انگريزي آفيسرن ان کي سنڌ ۾ آندو ۽ اهو انهن جي آرام جو سامان هو، جو هو پنهنجن ملاقاتين جي آڏو پيش ڪندا هئا، هٿرادو رولن گڏجي ڪري انهي ڪرسي کي هاڻوڪي بدصورت شڪل ۾ آندو آهي، جيڪڏهن رولن کي ڇڏي ڏجي ۽ ماڻهن سان رڳو سندن ڀل مانسائي جي لحاظ سان هلت ڪجي ته پوءِ هوند ڪرسي جي سوال ۽ زميندارن کي هن جي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي ڏاکڙا ۽ خرچ ڪرڻا پون ٿا تن جو خاتمو ٿي پوي.

اها ڳالهه صفا طرح سمجهڻ گهرجي ته پنهنجي عزت کي پاڻ سمجهڻ وارا ماڻهو جن کي پنهنجي ڪمن جي سبب عملدارن وٽ وڃڻو پوي ٿو، سي ڪرسي جي ليسن کي عزت جي سند نٿا سمجهن، پر هو انهي ڪرسي کي ان ڪري ضروري ڄاڻن ٿا ته ڪو به ماڻهو عملدارن جي اڳيان اهڙي طرح بيهڻ پسند نه ٿو ڪري جهڙي طرح هڪڙو قيدي پڃري ۾ بيهندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هيٺين ڪامورن جي سفارش حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ڪنهن قسم جون زحمتون ۽ حرفتون گوارا ڪيون وڃن ٿيون، انهيءَ مسئلي جي صفائي هن طرح آسان آهي ته هر ڪو ماڻهو ڪرسي ڇڏي ڏئي ته پوءِ ڪرسيءَ جو جهڳڙو ئي نه رهندو، مون کي هڪڙو جملو سرڪار کي به چوڻو آهي، ڪرسيءَ جو سوال ماڻهن ۽ عملدارن جي وچ ۾ جدائي پيدا ڪري رهيو آهي ۽ جيئن وقت گذرندو تيئن سرڪاري ڪرسي جي موجود هجڻ جي ڪري عملدارن جي وچ ۾ ملاقاتون ٿوريون ٿوريون ۽ ورلي ٿينديون ۽ سرڪار کي انهي ڪري پنهنجي رسوخ جي ئي سبب زير دستن کي حڪم ڪرڻ گهرجي ته پنهنجن ڪرسين کي ڪنهن خانگي ڪرسي کان ايترو وڌيڪ مانوارو نه سمجهن.

انڪم ٽيڪس جي قاعدي جو استعمال

سنه 1918ع ۾ انڪم ٽيڪس جو قاعدو درست ڪيو ويو ۽ ان کان اڳ پراڻي دستور موجب عملدار مختلف طريقن سان حاصل ڪيل اطلاعن تي ٽيڪس ٻڌندا هئا ۽ اهو اٽڪل جو ڪم هوندو هو، نئين قاعدي موجب ماڻهن جي ڀري ڏنل (د) فارم جي بنياد ۽ انهي جي حساب جي تپاس ڪرڻ تي ٻڌڻو پوي ٿو، ظاهري طرح ته اهو سڌارو آهي پر عملي صورت ۾ ان کي تمام سختي سان ڪم آندو وڃي ٿو. ماڻهو (د) فارم ڀري ڏين ٿا پر انهي تي ڪو ڀروسو نه ٿو ڪيو وڃي ۽ هنن کي چيو وڃي ٿو ته پنهنجا حساب ڪتاب پيش ڪن ان کان پوءِ پڇ پڇا وارو امتحان شروع ٿئي ٿو، جنهن مان ماڻهن کي گهڻي تڪليف ۽ پريشاني ڀوڳڻي پوي ٿي، هنن کي روزمره، مهينن جا مهينا حاضر ٿيڻ لاءِ ناچ نچايو وڃي ٿو، معزز واپاري ماڻهو پنهنجو قيمتي وقت ضايع ڪري انڪم ٽيڪس آفيس جي اڳينا پيا گهمتاريون ڏيندا آهن ۽ تپاس ڪندرن ڪم درجي ڪامورن جون جٺيون سهندا آهن، انهن جي آرام ۽ ويهڻ لاءِ ڪا جاءِ نه هوندي آهي، روزانه وڏي تعڳداد ۾ انهن کي گهرايو وڃي ٿو ۽ انهي ڳالهه جي ڪا به پرواهه نٿي ڪرڻ ۾ اچي ته انهن جو ڪم هٿ ۾ وٺي سگهبو يا نه، خسيس بهاني ملڻ تي هنن جي حسابن کي رد ڪيو وڃي ٿو ۽ اهڙا ماڻهو تپاس ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيا ٿا وڃن جن کي ديسي ماڻهن جي حساب جي طريقي جي ڪا واقفيت نه هوندي آهي. ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته تپاس ڪندڙ ڪامورا اهڙيون رقمون، جي حقيقت ۾ نفع جون نه آهن، سي نفعن ۾ گڏي گول مول ڪري ڇڏن ٿا ۽ ٻيون خرچ جون رقمون اڻ قبوليت جوڳيون ٺهرائين ٿا، انهي مان انڪم ٽيڪس ڪليڪٽر کي وجهه ملي ٿو ته هو ٽيڪس ڀريندڙ کي دٻائي ته هو راضي نامون ڪري ۽ اها ڳالهه بلڪل نياءُ کان ٻاهر آهي، ڪن حالتن ۾ ٽڪس ڀريندڙن کي ان لاءِ مقدمي هلائڻ جو دڙڪو ڏنو وڃي ٿو ته تپاس ڪندڙ جي راءِ ۾ حساب باقاعده رکيل نه آهي يا ته ڪي شڪي ڏيتيون ليتيون داخل ٿيون آهن ۽ اهڙن دٻائن هيٺ ماڻهن کي راضي نامن لاءِ لاچار ڪيو وڃي ٿو.

ان کانسواءِ تپاس ڪندڙ مختلف خسيس سببن تي حسابن کي رد ڪيو ڇڏين ٿا ۽ چون ٿا ته سڀ کاتا بند ٿيل نه آهن تنهن ڪري حسابن تي ڀروسو نه ٿو ڪيو وڃي ۽ ٻيو وري ساليانو نفع ڪڍن ٿا ۽ اگرچه ٽيڪس ڀريندڙن کي نقصان ئي پيو هجي تڏهن به هن کي مجبور ڪيو وڃي ٿو ته سال جي وڪري تي في سيڪڙي جي حساب سان ٽيڪس ڏئي ۽ انهيءَ صورت ۾ انڪم ٽيڪس ڪليڪٽر ثابت ٿيل نقصان تي به ويچار نه ٿو ڪري.

اپيلن جي حالت ته انهيءَ کان به وڌيڪ تماشي جهڙي آهي، اپيل ٻڌندڙ شخص انڪم ٽيڪس ڪليڪٽر جو ويجهو بالادست آهي ۽ انهيءَ ڪري هن جي ئي ڪن تي لڳي ٿو، اپيل پيش ٿيڻ تي انڪم ٽيڪس ڪليڪٽر کان راءِ ورتي وڃي ٿي ۽ جيڪڏهن هو چوي ٿو ته اپيل نه ٻڌڻ جڪوڳي آهي ته اها دريافت کانسواءِ رد ڪري ڇڏڻ ۾ اچي ٿي ۽ جيڪڏهن اها قبول به ٿئي ۽ ان جي ٻڌڻ لاءِ ٽيڪس ڀريندڙ يا ان جي وڪيل کي ڪا تاريخ به ڏني وڃي ٿي ته جاچ کان پوءِ وري به انڪم ٽيڪس ڪليڪٽر کان صلاح ورتي وڃي ٿي ۽ اڪثر ڪري ان جي ئي راءِ تي فيصلو ٿئي ٿو، ظاهر ۾ ته اپيل ٻڌندڙ اختياري آهي پر سچ ڪري پڇو ته انڪم ٽيڪس ڪليڪٽر خود اپيل جو فيصلو ڪرڻ وارو آهي، ٻيو وڏو ايذاءُ اهو آهي ته جڏهن تپاس ٿيل حساب تي اعتراض ورتو وڃي ٿو تڏهن ٻڌندڙ عملدار وٽ حساب جي وري جاچ لاءِ ڪو ماڻهو ڪونهي، هو وري به انڪم ٽيڪس ڪليڪٽر کان پڇي ٿو ۽ وري حساب جاچڻ لاءِ به ساڳيو تپاس ڪندڙ مقرر ڪيو ٿو وڃي، ڇا اهڙي طريقي ۾ نياءُ جي اميد رکي سگهبي؟

هند سرڪار جو فيصلو آهي ته جڏهن ڪنهن ٽيڪس ڀريندڙ جي حساب ڪتاب جو سوال درپيش هجي تڏهن هن کي اجازت ڏي ته هو پنهنجا حساب غير سرڪاري ڪميشن کان تپاس ڪرائي، انهن حڪمن جي تعميل رڳو ان طرح سان ڪجي ٿي ته انهن کي ٽوڙجي ۽ ڪنهن به حالت ۾ انهن تي عمل نٿو ڪيو وڃي، هند سرڪار جا گهڻا حڪم موجود آهن، جن ۾ ڪليڪٽرن ۽ انڪم ٽيڪس عملدارن کي فرما.ش ڪئي وئي آهي ته هو قاعدي کي همدردي سان ڪم آڻين پر هنن ڪامورن وڏين رقمن جي گڏ ڪرڻ جي شوق ۾ گورنمينٽ جي انهن ارادن کي پئي پاسيرو رکيو آهي، اهڙيءَ طرح وڏي ڪونسل جي آنريبل ميمبرن نئين انڪم ٽيڪس ايڪٽ جي پاس ٿيڻ وقت جيڪي دانهون ۽ پڪارون ڪيون هيون سي هاڻي پوريءَ طرح ثابت ٿيون آهن جڏهن ايڪٽ عملي صورت ۾ آيو آهي انهي ايڪٽ کي بلڪل بي رحمي سان ڪم آندو وڃي ٿو ۽ اپيل جو حق رڳو نالي ڪاڻ آهي.

آخرين التماس

ڊيليگيٽ ڀائرو! ختم ڪرڻ کان اڳ ۾ اسان جي دستور العمل بابت مان ڪي خاص ڳالهيون اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو جي اسان جي ويچار لاءِ موجود آهن ۽ سڀني ديس جي گهڻگهرن کي التماس ٿو ڪريان ته انهن تي پنهنجا ڌيان پوريءَ طرح ڏين، اُهي مختصر هي آهن.

1.                   مسئلي خلافت جو خاطر خواهه انجام ٿئي

2.                  سڌارن منجهان ممڪن فائدي حاصل ڪرڻ جون تجويزون

3.                  هندستان ۽ ان کي سواراج ملڻ لاءِ ڪوشش کي قائم رکڻ

4.                  جبري قانونن کي رولٽ ايڪٽ سميت رد ڪرائڻ لاءِ هڪڙي مضبوط ۽ باضابطه ايجيٽيشن برقرار رکڻ

5.                  انهيءَ ڳالهه ۾ ثابت قدم رهڻ ته سرڪار پنجاب جي هچارن کي سزا ڏئي ۽ آئنده لاءِ اهڙن ظلمن کي بند ڪري

6.                  مڪاني ڳالهين ۾ هندو ۽ مسلمان يڪراءِ تي ڪمشنر سنڌ جا اختيارات محدود ڪرائين

صاحبان! گذريل زماني ۾ مسلمان جي قومي تحريڪ سان جدائي اسان جي ترقي جي آڏو هڪڙي وڏي روڪ ٿي رهي هئي، خوشقسمتي سان وقت موٽ کاڌي آهي، ٻنهي فرقن سمجهيو آهي ته هڪ ٻئي تي ڀروسو ۽ انهن جي عزت ڪريون، پراڻي خيالات جا مسلمان جهڙي طرح اخبارالبشير اٽاوه جو آزمودگار ايڊيٽر خان بهادر بشير الدين صاحب به هاڻي پنهنجي غلطي قبول ڪري رهيو آهي ته مون اجايو ورهن جا ورهين جدائي جا متا ڦيلايا ۽ هاڻي هو انڊين نيسنل ڪانگريس جي دستورالعمل جو پڪو حامي آهي، مسلمان جيڪي پنهنجي ديني تعليم جا سچا پيروي ڪندڙ آهن ته هندستان جي معاملات ۾ انهن جو رڳو هڪڙو ئي مقصد ٿي سگهي ٿو يعني سواراج، تنهنڪري انهن لاءِ اها ڳالهه ناممڪن آهي ته هو هندن جي خواهشن کان الڳ رهن، آءُ هنن کي عرض ڪندس ته هندن سان گڏجي پنهنجي سرسبز ۽ عظيم الشان وطن جي ترقي لاءِ هندو ڀائرن سان گڏجي ڪلهو ڏين.

حضرات! اسان کي جيڪا سڌارن جي هڪڙي ٿورڙي قسط ملي آهي ان جي پريشاني ۾ اسان کي هڪ پل لاءِ به اها ڳالهه وسارڻ نه گهرجي ته اسان جو آخري مقصد ڇا آهي، جڏهن سڄي دنيا ۾ خود اختياري جو دور دوره ٿي رهيو آهي ۽ ملي به رهيو آهي تڏهن اسان جو قدم هلو پوڻ نه گهرجي، آءُ پنهنجن هندو ڀائرن کي عرض ڪندس ته پنهنجي ديس ڀائرن مسلمانن جي حالت جو خاص لحاظ رکن جي پٺتي پيل آهن ۽ سياسي ميدان ۾ نوان آيل آهن، انهن سان جيڪڏهن اوهين رواداري ۽ همدردي ڪندا ته آءُ اوهان کي يقين ڏياريان ٿو ته هو آئنده هميشه لاءِ اوهان سان چنبڙيل رهندا. اسين ٻئي فرقا مذهبي روحانيت رکون ٿا ۽ دنيا ۾ ڪرمن لاءِ پنهنجن پاڻ کي خدا وٽ جوابدار سمجهون ٿا، انهيءَ ڪري اسان جو هڪ ٻئي سان تعلقات جو بنياد سچائي، اخلاص ۽ انصاف جي مضبوط پهاڙي تي ٻڌل رهڻ گهرجي ۽ نه چالبازي ۽ واقعي مصلحت تي جيئن اسان جا نڪته چين چون ٿا، اهي ماڻهو اسان کي پنهنجي اخلاق تي قياس ڪن ٿا، جن جو بنياد ماديت جي انهيءَ اصول تي آهي ته ضرورت کي ڪا به اشرافت آڏو نه ٿي اچي سگهي يا انهي متي تي مبني آهي ته جنهن مقصد کي هو نيڪ سمجهن ٿا، تنهن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن به قسم جو ذليل طريقو ڪم آڻڻ جائز ۽ روا آهي، انهيءَ دغابازيءَ ۽ بي ايماني کان خدا امان ۾ رکي، جا سڀ ڪنهن وقت ۽ سڀني ماڻهن کي گمراهه نه ٿي ڪري سگهي ۽ انهيءَ جي ڪيتي لوڙڻ جو ڏينهن اچڻو آهي.

ڀائرو! منهنجي سمجهه ۾ اهو سوال اجايو آهي ته ڪو ماڻهو هندو آهي يا مسلمان آهي، پر جيئن منهنجي نامور بزرگ مسٽر محمد علي صاحب سنڌ ڪاليج جي شاگردن کي پنهنجي مختصر تقرير ۾ چيو هو ته اهو سوال ضروري آهي ته آيا هو شخص ڌر ماتما ۽ ديندار آهي؟ اوهان ٻنهي هندن ۽ مسلمانن کي آءُ وري وري وينتي ڪندس ۽ ياد ڏياريندس ته اسان پنهنجو مقصد هڪڙو وڏو عظيم الشان رکيو آهي جنهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ بي انداز قربانين جي ضرورت آهي، دنيا جي سيج، ڪنهن به ملڪ گلن جي سيج تي سمهي ڪاميابي حاصل نه ڪئي آهي، اسان کي آڳاٽي زماني جي رشين، منين ۽ صوفين جو ۽ هاڻوڪي محبان وطن مهاتما گانڌي، لوڪمانيه تلڪ، پنڊت نهرو، مالويه، لجپت راءِ، مولانا عبدالباري، شوڪت علي، محمد علي، مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ مشير حسين قدوائي ۽ اسان جي هن صوبي جي پروفيسر واسواڻي جو مثال خيال ۾ آڻڻ گهرجي جن ديش ۽ قوم جي خدمت ۾ پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيو آهي، آءُ هن پليٽ فارم تان هنن کي عزت سان سلام ڪريان ٿو ۽ پنهنجي نيازمندي ٿو ظاهر ڪريان، ڪنهن به قوم جي قسمت ۾ لکيل نه آهي ته اها سدا غلام رهي، تنهنڪري اسان جا پنڊ صاحبو، مولوي صاحبو ۽ حضرات پير صاحبو، وڪيل، ڊاڪٽر ۽ سوداگر ۽ زميندار ڪڙمي ۽ ڪاسبي ڀائرو نڪري ٻاهر ٿيو ۽ پنهنجي قسمت آزمائي ڪريو جا انهيءَ کان سواءِ ٻي نٿي ٿي سگهي ته هندستان متحد ۽ آزاد ٿئي.

© Fayaz Sindhi 2010