3/12/2011 - Birth date and Death Date ---> January updated     3/12/2011 - Birth date and Death Date ---> February uploaded     3/3/2011 - Birth date and Death Date ---> January     2/18/2011 - Choronology of 1942, 1943, 1944, 1945, 1946 & 1947 uploaded     2/16/2011 - Choronology of 1940 & 1941 uploaded     2/14/2011 - Choronology of 1939 uploaded     2/13/2011 - Choronology of 1937 & 1938 uploaded     2/9/2011 - Choronology of 1935 & 1936 uploaded     2/8/2011 - Choronology of 1933 & 1934 uploaded     2/3/2011 - Choronology of 1932 uploaded     2/1/2011 - Choronology of 1931 uploaded     1/31/2011 - People Speak About Gulhayat webpage Updated     1/30/2011 - 5TH SINDH PROVINCIAL CONFERENCE KARACHI IN SINDHI     1/19/2011 - Chronology of the sindh khilafat committee     1/16/2011 - Chronology 1927 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1839 updated     1/16/2011 - Chronology 1919 updated     1/16/2011 - Chronology 1920 updated     1/16/2011 - Chronology 1922 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1923 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1926 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1925 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1928 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1929 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1930 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1924 uploaded     1/14/2011 - Good Morning Messages updated     1/12/2011 - People Speak About Gulhayat Updated     1/11/2011 - Peer Pagara History and its Chronology     1/10/2011 - Shaheed Zulfiqar Ali Bhutto Address 15 December 1971     1/10/2011 - presidential address OF MR. M. A. JINNAH READ ON 8th OCTOBER 1938.     1/9/2011 - The First Sindh Provincial Muslim League Conference Karachi with resoulation     1/9/2011 - Pagara Corner     12/30/2010 - The First Sindh Provincial Muslim League Conference Karachi     12/22/2010 - Punjab     12/21/2010 - The site Kutte-Ji-Qabar is part of Sindh     12/21/2010 - People Speak About Gulhayat     12/16/2010 - Comments page is uploaded     12/14/2010 - Choronology is updated     12/11/2010 - VOICE OF SINDH: OPPOSES KALA BAG DAM     12/10/2010 - Presidential Address by Shaikh Abdul Majid Sindhi     12/10/2010 - Ghulam Muhammad Khan Bhurgri’s Speech     12/9/2010 - Choronology is uploaded     12/7/2010 - ALL Addresses and Speeches     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 7 april, 1996,Islamabad     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 28 March, 1996,Islamabad     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speeches and Statements on JAMMU & KASHMIR     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 20 January, 1996, Tokyo     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 30 November, 1995, Islamabad     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 04 January, 1996, Jacobabad     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 19 April, 1994, Bonn     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 3 January, 1994 Larkana     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 11th January, 1994 Hala     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech DECEMBER 5, 1993 Lahore     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech Garhi Khuda Buksh 4 April, 1994     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 20 November, 1994, Larkana     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 14 March, 1995, Islamabad     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 07 November, 1995, Tehran     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech Islamabad 27 February, 1994     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 8 june, 1994, Islamabad     11/30/2010 - M.Q.M Updated     11/30/2010 - P P P Press Clipping     11/30/2010 - Simon Commission     11/25/2010 - The British Empire League updated     11/24/2010 - Sugar Crises     11/24/2010 - Stories of founder     11/23/2010 - Dr Pathan Presentation on Sindhi Culture     11/22/2010 - Complete Good Morning Messages     11/19/2010 - Index of social Organizations updated     11/19/2010 - Eminent social workers part1     11/15/2010 - Birth date and Death Date ---> January     11/14/2010 - Gul hayat institute’s holdings On muslim league     11/14/2010 - PIRs OF SINDH AGAINST NON CO-OPERATION     11/14/2010 - Sindh Zamindars Association Updated     

مولانا محمد صادق صاحب جو صدارتي خطبو

(آل انڊيا خلافت ڪانفرنس جو “ستين اجلاس” منقعد ڪراچي. 2 ذوالقعد 1339هه مطابق 8 جون 1921ع)

مسلمان ڀائرو، قومي ڀائرو، اسان سڀئي ماڻهو جن جي معمولي دعوت ۽ درخواست تي توهان ههڙي سخت اونهاري جي گرمين ۾ سفر جون تڪليفون ۽ مصيبتون سٺيون آهن، توهان جي ان اسلامي جوش، پياري محبوب مذهب جي مٿان قربان ٿيڻ واري محبت جو چڱي پر اندازو رکون ٿا، اسان کي چڱي طرح معلوم آهي، اڄ ڪلهه خلاف اسلامي جي تباهي ۽ شعائر الله (الله جون نشانيون) جي توهين، هر مسلمان جي دل ۾ هڪ ڀڀڙ ٻاري ڇڏيو آهي، جنهن جي توهين مسلمان جي سسيني کي بيچين ۽ هر مسلمان دل کي پريشان ۽ بي قرار ڪري ڇڏيو آهي، مان پنهنجي شهر جي مسلمانن طرفان، اوهان جي وطني ڀائرن جو احسان مڃان ٿو، جن اسان جي مصيبتن ۾ هميشه ڀائرن ۽ پنهنجي وانگر ونڊ ورتو آهي ۽ هاڻي به اسان جي درخواست تي اسان جي هن سٿ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تڪليف برداشت ڪئي آهي.

حضرات، آئون، مسلمانن جي موجوده تنزل ۽ تباهي سان ڀريل دردناڪ افساني شروع ڪرڻ کان اڳ چاهيان ٿو ته توهان جي توجهه ان مبارڪ ۽ بخت واري زماني جي طرف ڇڪايان، جنهن جي برڪتن ۽ نيڪين کي آقائي نامدار محمد ﷺ جين خير القرون قرني، ثم الذين يلونڪ ثم الذين يلونهم وارن مقدس لفظن ۾ ظاهر ڪيو آهي، اءُ توهان کي ڏيکاريندس ته جيڪا قوم اڄ تباهي جي آخري ڏاڪي تي پهچي چڪي آهي، اها تيرهن سئو سال اڳ اچائين ۽ بلندين جي ڪهڙي ڏاڪڻ تي هئي؟ ۽ پوري وري انهيءَ وچ ۾ توهان کي اهي دردناڪ سبب به ٻڌايان جن جي ڪري اسان جي عزت ۽ ترقيءَ جي پيڙهه ڏينهون ڏينهن جي ضعيف ٿيندي وئي، اسان ۾ سوين ماڻهو آهن، جيڪي امت مرحومه جي تنزل ۽ پستيءَ جي سببن ۽ ڪارڻن تي بحث ڪن ٿا ۽ ٻيا فرد وري اڪيچار افسانن ۽ مست آهن، پر اصلي ڪارڻ تي نظر رڳو انهن ماڻهن جي پهتي آهي، جن مسلمانن جي اجتماعي زندگي جي نقصانن ۽ هلاڪتن، تفرقي بازين ۽ انتشار جي واقعن جي تاريخن حقيقتن جو گهرائي سان مطالعو ڪيو آهي، توهان ٿوري وقت لاءِ قرآن حڪيم ۽ اسلام جي باني (روحي فده) جي صحيح تعليمن کي سامهون رکو ته توهان محسوس ڪندو ته الله تعاليٰ ۽ سند رسول پاڪ ﷺجن، اسان لاءِ هي ڳالهه، ضروري ٻڌائي آهي ته جهڙي طرح اسان پاڻ ۾ گڏ ٿيون، اهڙي طرح عالمي نظام متعلق سموريون ضروري قوتون ۽ مناسبتون به اسان ۾ هجڻ گهرجن، جهڙي طرح الله تعاليٰ جو اهو حڪم اسان لاءِ واجب العمل آهي ته واعتصموا بحبل الله جمعاًولا تفرقوا. الله جي رسيءَ کي گڏجي پڪڙيو الڳ الڳ نه ٿيو. ۽ پوءِ وري انهيءَ وڏي نعمت جي بخششن رحمتن کي مسلمانن لاءِ الله جي لفظن منجهان هڪ اهم نوازش ٻڌايو ويو ته واذڪروانعمةالله عليڪم اذ ڪنتم اعداء قالف بين قلوبڪم فاصبحتم بنعمہ اخوانا. الله جي نعمتن کي ياد ڪيو، جڏهن توهان جون پاڻ ۾ دشمنيون هيون، اسان توهان جي دلين کي ملائي ڇڏيو ۽ پوءِ توهان ان جي احسان مهربانيءَ سان پاڻ ۾ ڀائرن وانگر ٿي ويو، اهڙي طرح مسلمان امت جي قومي خصوصيتن منجهان هڪ ممتاز خاصيت هيءَ به ٻڌائي ته توهان منجهان هر فرد کي پنهنجي اندر اهي سموريون قوتون، گڏ ڪرڻ گهرجن، جن جي ڪري توهان نيڪي ۽ تبليغ ۽ اشاعت ۽ بدي کي روڪي سگهو، کنتم خيرات اخرجت للناس تامرون باالمعروف ولنهون عن المنڪر ۽ پوءِ فرمايائين ته امر ۽ نهي جي مقدس فرضن جي ادا ڪرڻ ۾ انهن لاءِ وسيلا، ذريعا مهيا ڪرڻ ڪري توهان کي گذريل سمورين امتن تي فضيلت ۽ برتري حاصل آهي، ان جي ڪري توهان “خير امة” جي لقب سان نوازيا ويو.

جيڪڏهن اسان کي هڪ طرف پنجن وقتن جون نمازون، جمع ۽ ٻئي عيدون، حج جي فرضيت جا حڪم هيءَ ڳالهه سيکاريندا هئا ته اسان جو شريعت جا بنيادي اصول جماعت جي ضرورت ۽ اجتماعي زندگي آهن ته ٻئي طرف وري حضور جن جو بخت ڀريو وجود اسان جي لاءِ معاش (دنيا) معاد (آخرت) ۽ اخلاق ۽ سياست، تمدن وغيره جي سمورن قانونن ۽ بنيادن جي جامع نمونو ۽ عملي تعليم جو ذريعو هئو.

جيڪڏهن اسان کي هڪ طرف نبوي حڪم هيءُ ٻڌائيندا هئا ته “عليڪم بالسواد الاعظم” يا وري “شذشذ في النار” يا “يدالله علي لجماعة” اهڙي طرح اسان کي هي تلقين ڪئي ويندي هئي ته تفرقي بازي ۽ اختلاف کان بچو ڇو ته جيڪو جماعت کان جدا ٿيو ته اهو پوءِ شيطان لاءِ آهي، جهڙي طرح ڌڻ کان وڇڙيل ٻڪري بگهڙ جو کاڄ ٿيندي آهي، ته ٻئي طرف وري اسان ڏسندا هئاسين ته حضور جن جي زندگي سمورين طاقتن جو مظهر ۽ سڀني قوتن جو ميڙ هئي، سندن شخصيت مبارڪ رڳو، ديني پيشوار يا وحي کڻندڙ ۽ آخرت جي سزا ۽ جزا کان واقف ڪرائيندڙ واري حيثيت نه هئي ۽ پاڻ رڳو خالص اخلاقي تعليم ڏيڻ يا رڳو جهانگيري ۽ شهنشاهي ماڻڻ لاءِ ڪو نه آيا هئا، بلڪ سندن سهڻو طريقو ۽ سندن عمل جو نمونو اسان کي ٻڌائيندو هئو ته اسلامي زندگي، دنيا ان جي تعلقات کان بلڪل الڳ ناهي، شريعت ۽ سياست عبادت ۽ بادشاهي جو وچ ۾ ڪو تضاد ڪو نه آهي ۽ اسلام جو داعي ﷺ تمام ضروري حيثيتن جو گڏيل وجود هئو، هو شريعت جا قانون به جاري ڪندو هئو ۽ حڪومت حڪمراني به ڪندو هئو، جيڪڏهن هو مسجد ۾ ويهي نماز جو فرض پورو ڪندو هئو ته انهيءَ مسجد ۾ ويهي شاهي حڪم به جاري ڪندو هئو، هو هڪ طرف معاشري جو انتظام، گهريلو ڪمن لاءِ تدبيرون به ڪندو هئو ۽ نڪاح، طلاق جا فيصلا به ڪندو هئو ته ٻئي طرف وري فوج جي ترتيب، دشمنن جي خاتمي، ڪاهه ۽ دفاع لاءِ سپہ سالاري وارا فرض به سرانجام ڏيندو هئو، مطلب ته ان هڪ ئي مبارڪ وجود ۾ اهڙيون سموريون شخصيتون، گڏيل هيون ۽ اسان کي ان جي عملي تعليم ڏني ويندي هئي ته خدا جي شريعت جو نظام اهو ئي آهي ته هر مومن لاءِ هي ضروري آهي ته ان ۾ سڀ مواد ۽ قوتون گڏ ٿيل هجن، جن جي ذريعي هو امرباالمعروف۽ نهي عن المنڪر (نيڪيءَ جو حڪم ڪرڻ ۽ برائي کان روڪڻ) واري خدمت پوري ڪري سگهي.

حضور جن جڏهن هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا ته ان وقت توڙي جو وحي ۽ الله جو ڪلام نازل ٿيڻ جو سلسلو ختم ٿي چڪو هئو، پر اهي سموريون ضروري قوتون جيڪي نبوت سان گڏ مڙهيل هيون، اهي دنيا لاءِ هميشه جون ضرورتون هيون ۽ انهيءَ ڪري ئي سندن جاءِ نشين چارئي صحابي سڳورا، انهن سموريون خوبين جا مالڪ هئا، توڙي جو هنن کي وحي، شريعت ۾ قائم مقامي ڪا نه ملي، ڇو ته خدائي دين هميشه لاءِ مڪمل ٿي چڪو هئو، مگر انهن کي باقي سمورين خصوصيتن جي نيابت ڏني وئي هئي.

حضرت عمرؓ  جي زندگي تي غور ڪيو، جو هن کي هڪ وقت مجلس شوريٰ ۾ پنهنجي اجتهاد ۽ فڪر سان شرعي مسئلن جو فيصلو ڪندي ڏٺو ويندو هئو ته ٻئي وقت وري هو عدالت ۾ ڪيس به ٻڌندو هئو، جيڪڏهن هو هڪ طرف نماز جي امامت جو فرض پورو ڪندو هئو ته ٻئي طرف الله جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ وارن نوجوانن جي تربيت ۽ تنظيم ۾ به اڳڀرو هوندو هئو، پوءِ وري رومي سفير کي شهنشاه جي حيثيت ۾ ملاقات جو اعزاز بخشيندو هئو، پوءِ سمورن خلفاءِ راشدين ؓ جي سوانح حيات ۽ زندگيءَ جي حالتن تي نظر ڪري ڏسو ته معلوم ٿيندو ته انهن کي قاضي ۽ مفتي هجڻ واري مرتبي سان گڏ هدايت ڪرڻ ۽ دلين کي پاڪ ڪرڻ واري قوت به حاصل هئي.

جيڪڏهن هو دنيا جي معاشي انتظام کي سڌاريندا هئا ته ٻئي طرف وري دلين ۽ روحن کي بديءَ جي ميراڻ ۽ بت پرستي کان پاڪ ڪندا هئا، جيڪڏهن جسمن جو رشتو هنن جي هٿن ۾ هو ته دلين جي حڪمراني به هنن جي قبضي ۾ هئي. جيڪڏهن هڪ طرف دين جي تبليغ ۽ اشاعت جي ذميداري هنن جي مٿان هئي ته ٻئي طرف ملڪن ۽ حڪومتن جو نظام ۽ سياسي مونجهارا به سندن تدبيرن جي نهن سان ئي کلي پوندا هئا. مطلب هو نبوي خصلتن جو صحيح نائب ۽ شريعت جي امتيازن جا صحيح عملبردار هئا، سندن ساري پاڪ زندگي، امرباالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جو پرتو ۽ مجسمو هئي.

ان جي ڪري ٻنهي جهانن جي سردار محمد ﷺ، اسان جي هدايت ۽ ڪاميابي لاءِ پنهنجي عملي طريقي سان گڏوگڏ، خلفاءِ راشدين جي طريقي کي دڳ لائيندڙ لاٽ ڪوٺيو هئو ته “عليڪم بسنتي و سنڌ الخلفاءِ الراشدين” ۽ انهيءَ ڪارڻ اسان صحيح دڳ کان ڀٽڪندڙن کي پاڻ ڪريم جن هيءَ تاڪيد ۽ وصيت ڪئي هئي “عضوا عليها بالنواجذ” توهان جيڪڏهن هئن سمجهو ٿا ته هڪ عالم ۽ مفتي جي زندگي رڳو هن لاءِ آهي ته هو دنياداري جي ڳالهين کان الڳ ٿي دنيا کي تياڳ ڏئي فقط نماز ۽ قضا جا فرض ادا ڪري ته پوءِ توهان ڀلي سمجهندا رهو، مگر پيغمبر اسلام ﷺ جڏهن توهان جي متعلق فرمايو هئو ته “العلماءِ ورثة الانبياءِ” ان وقت پڪ ڄاڻو ته سندن نظر ۾ توهان جي رهبانيت (دنيا کان ڪٽجي وهڻ) ڪا نه هئي، ڇو ته پاڻ سڳورن ته پهريائين ئي ٻڌائي ڇڏيو هئو “لا رهبانيه في الاسلام” بلڪ سندن ارادي ۽ خواهش ۾ اهي سمورا امتياز موجود هئا، جيڪي سدائين انهن جي حق پرست هٿ تي ظاهر ٿيا يا وري خلفاءِ راشدين جي سهڻي طريقي ۾ سامهون آيا،

توهان  حضرت عمر فاروق ؓ  جي تاريخي واقعي مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته توهان جي اها گوشه نشيني پوءِ وري زهد ۽ تقويٰ جون دعوائون ڪيتري حد تائين شريعت جي انداز ڪراهت واريون ناپسنديده آهن، جنهن زماني ۾ “دمشق” ۾ توحيد پرست ۽ مجاهد، جهاد ۾ مصروف هئا جنگ ۾ جو ميدان “هل من مبازر” جي گهر ڪندڙ هئو ۽ الله جي ڪلمي کي بلند ڪرڻ جو فرض مسلمان کان بهادري ۽ جان جو نذرانو گهري رهيو هئو، ان وقت حضرت عمر ؓ جن هڪ دفعي ڪعبة جي اندر ڏٺو ته هڪ شخص گوڏن ۾ منهن وجهي مراقبو ڪندي الله جي ياد ۾ مشغول هئو، حضرت عمر ؓ هن کي ڳچي کان وٺي ڌونڌاڙيو ۽ چيائين ته اڄ تنهنجي گرم گرم ڳوڙهڻ ۽ عاجزيءَ وارين دعائن ۽ فريادن جي بدران اسلام ۽ خدائي اسلام کي تنهنجي ڳچيءَ مان وهندڙ خون ۽ تنهنجي تڙپندڙ لاش جي وڏي ضرورت آهي، ان لاءِ چڱو آهي ته تون مراقبو ڇڏي ڏي، چيلهه ۾ تلوار ٻڌي “دمشق” جي ميدان ۾ نصارن جو مقابلو ڪري اسلام کي وڃي بلند ڪر.

هاڻي توهان غور ڪيو ته جنهن وقت اسلام ۽ اسلام جي محافظن کي دنيا ۾ ختم ڪرڻ لاءِ انهن جي مٿان حملا ٿي رهيا هجن ۽ اڄ الله جو دين پنهنجي پيروڪارن کان پنهنجو آخري حق گهرندڙ هجي، پوءِ ان وقت توهان جي گوشه نشيني ۽ هي خيال ته سياست جو مذهب سان ڪو لڳ لاڳاپو ئي ڪو نه آهي، ٻڌايو ته ڪيتري قدر شريعت جي حڪمن کان دوري ۽ فراريت جو دليل آهي.

حضرات! توهان جيترو، اسلامي تاريخ جو گهرائي سان مطالعو ڪندو ته اوهان کي هن ڳالهه جو يقين ڪرڻ لاءِ هزارين مثال ملندا ته مسلمانن جي زوال جو صحيح يا حقيقي سبب رڳو هيءُ هئو ته هنن بدقسمتيءَ سان انهن قوتن کي گڏ ڪرڻ ۽ انهن سان تعلق رکڻ ۾ ڪوتاهي ۽ غفلت ڪئي جن جو گڏ ڪرڻ شريعت ۽ مسلمانن لاءِ ضروري قرار ڏنو هئو. اڄ جيڪو ڪجهه اسان کي نظر اچي ٿو اهو سڀ انهيءَ ڪوتاهي ۽ غفلت جو تدريجي نتيجو آهي.

بيشڪ هيءَ ڳالهه صحيح آهي جيئن حضور ﷺ جن اڳئي اڳڪٿي ڪئي هئي، اهو مبارڪ زمانو ٿورو وقت هليو ۽ اهڙي اجتماعي ۽ محبت واري حالت، حضرت علي ڪرم الله وجهہ تائين هلي، پوءِ جيئن اتحاد ۽ اتفاق جي برڪتن اسان کان منهن موڙيو اهڙي طرح انهن قوتن ۽ منصوبن به ٽٽڻ ڊتوع ڪرو، ۽ سموريون گڏ ڪيل قوتون الڳ الڳ ٿي ويون، بجاءِ ان جي جو اهي سموريون ڳالهيون هڪ وجود ۾ گڏ ٿين ها، هو جدا جدا قالبن ۾ وڌيون ويون، حڪومت ۽ سياست جو شعبو جدا ٿي فقط بادشاهن جي حوالي ٿي ويو، فيصلن ۽ فتوائن ۽ ٻين شرعي مئسلن جي ضرورت هڪ مستقل مجتهدن ۽ فقيهن جي جماعت ٺاهي وڌي ۽ اهڙي طرح روحاني تعليم جي ڪاروبار به هڪ الڳ ٽولو پيدا ڪري وڌو ۽ پوءِ وري زوال جي بدبختي ايتري ته ڇانئجي وئي جو انهن سموريون قوتن ۽ انهن جي عملبردارن جي وچ ۾ اتحاد، اتفاق، هڪجهڙائي به باقي نه رهي سگهي، بلڪه هڪ ٻئي جي مخالفت ۽ هڪ ٻئي کان جدائي پيدا ٿي پئي، پوءِ وري اهو اختلاف ايترو ته ڇانئجي ويو جو هر جماعت جي فردن تائين ان جي زهر جو اثر پهچي ويو ۽ اسان ڏٺو ته اهي ماڻهو جن جي متعلق رڳو قضا جا حڪم هئا، انهن ۾ به ڀانت ڀانت جا رستا پيدا ٿي پيا ۽ مذهبن ۽ طريقن جا بنياد پئجي ويا، انهيءَ انتشار ۽ تفرقي بازيءَ جو ئي نتيجو آهي جو اڄ اسلامي شريعت جا ڪئين شعبا نظر اچي رهيا آهن۽ هوڏي وري انهن ماڻحن تي نظر ڪيو جن کي رڳو سياست ۽ دنياداري جي حوالي ڪيو ويو هئو، اهي به اهڙي ئي تباهيءَ جو شڪار ٿي ويا، جنهن جو ماريندڙ نتيجو هيءَ نڪتو جو مسلمانن شريعت جي ان پاڪ (مقدس) اصول جي پرواهه ئي ڪانه ڪئي، جنهن ۾ هنن ئي پنهنجي لاءِ هڪ سياسي مرڪزي قوت جي قائم ڪرڻ جو وٺي چئنين خليفن جي آخري زماني تائين عمل ٿيندو رهيو ۽ اهو ئي اختلاف هيو، جنهن جي بنياد تي ٿورڙي زماني کان پوءِ اسلامي حڪمراني، مختلف ٽولن ۽ حصن ۾ ورهائجي وئي ۽ دنيا جي مختلف حصن جهڙوڪ آفريڪا، مصر، بغداد، اندلس، ايران وغيره ۾ الڳ الڳ مرڪز قائم ڪيا ويا پوءِ انهي الڳ الڳ مرڪزن جو هي نتيجو نڪتو جيڪو نڪرڻو  ئي هيو، يعني ڪٿي به مضبوطي سان اسلام ۽ مسلمانن جا پير پختا نه ٿي سگهيا.

اڄ توهان ڏسو ٿا ته ملڪن جا ملڪ توحيد جي عالمن کان خالي ٿي ويا آهن ۽ اندلس ۽ آفريڪا جا سمورا حصا تيونس، مراڪو، الجزائر ۽ پوءِ وري طرابلس، يورپ جا قبضي ڪيل حصا هڪ هڪ ٿي ۽ سڀني کان پڇاڙي ۾ جزيره العرب جي مقدس (پاڪ) زمين اسلام جي قبضي ۽ اثر کان نڪري وئي ۽ اهو رڳو اختلاف ۽ جدا جدا مرڪزن جي نتيجي ۾ ئي ٿيو.

توهان پري نه وڃو رڳو انهن حڪومتن کي ڏسو جيڪي خوش قسمتيءَ سان بچي ويون آهن، جهڙوڪ ترڪي، ايران، افغانستان توڙي جو، اهي قوت ۽ شان شوڪت، ساز سامان جي لحاظ سان ڪهڙو به مرتبو ۽ حيثيت رکن ٿيون، پر جيڪڏهن اهي متحد ٿي يورپي تعاون جي وسيلن جو مقابلو ڪن ها ته اڄ مسلمانن کي هي بڇڙو ڏينهن ڏسڻو ئي ڪو نه پوي ها ۽ اهو ئي مرض هئو جنهن جي دروازي کي بند ڪرڻ لاءِ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته “ولاتنازعوا فتفشلوا وتنهب ربحڪم” پر محترم حضرات، جيڪڏهن ائين ٿي ويو آهي ته اهو سمورو اسانجي عملن جو نتيجو ۽ اسان جي بدبختي آهي.

باقي هئن چئي خدائي شريعت جي توهين نه ڪيو ته سياست ۽ حڪمراني جي معاملن جو دين ۽ مذهب سان ڪهڙو تعلق آهي، انهيءَ کان انڪار نه ڪيو، ڇو ته اهو ئي تفرقي بازيءَ جو راڳ هئو، جنهن نيٺ هڪ مضبوط امن جي چيلهه ڀڄي وڌي، موجوده زمانو هاڻي هلندڙ زماني ۾ اسان سان ڇا ڇا ٿيو آهي ۽ ڇا ڇا ٿي رهيو آهي؟ اهي واقعا ايترا ته ورجائي ورجائي ٻڌيا ويا آهن جو اوهان انهن کان چڱي طرح واقف ٿي چڪا هوندو.

پهرين نومبر 1914ع اهو پهريون ڏينهن هئو جنهن جو صبح اسان لاءِ بدبختي جو پيغام کڻي نروار ٿيو، ڇو ته انهيءَ ڏينهن اسان کي ان اعلان سان ڌوڪو ڏنو ويو جنهن جي ڪري مسلمان جنگ ڪندي پنهنجي شرعي فرضن جي متعلق هڪ هلاڪت واري غلط فهمي ۾ رڌل هئا، جنهن ۾ گورنمينٽ ٻن ڳالهين کاي خاص طور تي مشهور ڪيو هئو.

ھڪ ته ترڪيءَ سان جنگ، دفاع واري جنگ آهي، اڳرائي واري جنگ ڪانه آهي، ڇو ته اها اسان تي ڪيترائي دفعا حملا ڪري چڪي آهي، ٻيو ته مسلمانن کي هن ڳالهه تي ڀروسو رکڻ گهرجي ته اسلام جون سموريون جايون محفوظ رهنديون، جن ۾ عراق به شامل آهي ۽ انهن جي احترام جو مڪمل لحاظ رکيوويندو، اسلامي خلافت جي خلاف ڪا به ڪاروائي ڪانه ڪئي ويندي، خليفة المسلمين ۽ اسلام سان اسان جي ڪا به جنگ ڪانه آهي.

۽ پوءِ نهايت افسوس ۽ ڪارنهن سان هن ڳالهه جو اقرار آهي ته اسان پنهنجي تيرهن سالن واري زندگي ۾ڪا به قومي مذهبي ۽ غلطي ۽ ڪنهن به ڳالهه کي وساريو ڪو نه آهي، جيتري قدر گڏوگڏ گذريل تجربن جي اسان انهن واعدن تي اعتبار ڪرڻ ۾ غلطي ڪئي، پوءِ وري اهو واعدو ڪيئن پورو ڪيو ويو، اهو هڪ ڏک ڀريو داستان اهي، پڌرن واعدن جي ابتڙ جريره العرب جي مقدس زمين جي ڪن اهميت وارن ٽڪرن کي جنگ جو ميدان بڻايو ويو ۽ مقدس جاين تي قبضو ڪيو ويو، خلافت جي تخت گاهه (قسطنطنيه) تي تسلط ڄمايو ويو ۽ “سمرنا، ٿريس” تي نهايت ناانصافي سان يونانين جو قبضو ڪرايو ويو ۽ انهن اتي جي غريب مسلمان رهاڪن تي طرحين طرحين جا ظلم ڪيا، لکين مسلمان قتل ڪيا ويا ۽ لکين عورتون رنڙ بنايو ويون ۽ ٻار يتيم ڪيا ويا ۽ هوارين توحيد جا پروانه بي گهر ڪيا ويا، اڄ اهي ٻين ملڪن ۾ راهن تي پيا آهن ۽ اتي مصيبت ڀريا ڏينهن گهاري رهيا آهن.

سوين ماڻهن کي بدن ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو ۽ پيٽ ڀرڻ لاءِ ماني به ميسر ڪا نه آهي، هزارين عورتن جي عزت لٽي وئي، ان کان سواءِ ان جنگ جا اُلا ارض مقدس حجاز تائين به پهچي ويا ۽ اتي حرم پاڪ جي حدن جي ويجهو جنگ جي بٺي گرم ٿي وئي، حالانڪ شرعي حڪمن جي لحاظ سان ان سر زمين ۾ ڪهڙي به طرح خونريزي نه ٿيڻ گهرجي، تنهن ڪري حضور پاڪ ﷺ فرمايو هئو ته مدان هذالبلد حرمہ الله تعاليٰ اليٰ يوم القيامة لم يحل القتال فيہ لاحد قبلي ولم يحل لي الاساعة من نهار فهو حرام بحرمة الله تعاليٰ اليٰ يوم القيامة يعني ان شهر (مڪي معظم) جي حرمت الله تعاليٰ قيامت تائين رکي آهي ۽ انهي ۾ جنگ ۽ جهڳڙو ڪرڻ حرام آهي، انگريزن جي حڪومت هر دفعي واعدو ڪري ٿي ته اسان عراق جي عربن جي حڪومت، خود مختياري جي اصول تي آزاد ڪرائڻ لاءِ آيا آهيون، پر جيڪڏهن اهي ويچارا انهي آزادي واري مطالبي لاءِ جدوجهد ڪن ٿا ته انهن جي ان جاکوڙ کي بغاوت جي معنيٰ به سمجهيو ٿو وڃي ۽ انهن کي سزا ڏني ٿي وڃي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ “نجف اشرف” جا دل ڏکوئيندڙ واقعا خاص طرح توجهه جي لائق آهن.

مان اهڙي قسم جون دل کي خوف ڪرڻ واريون ڪهاڻيون ڪيتري تائين توهان کي ٻڌايان، اهي ظلمن جا تجربا اتي ئي ختم نٿا ٿين، بلڪه هن ڳالهه جو به ارادو ۽ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته شريف مڪي کي (جنهن کي اڄ حجاز جو بادشاهه بڻايو ويو آهي) برٽس جي خزاني منجهان وظيفو ڏئي پنهنجي اثر هيٺ رکيو وڃي ۽ سندس ٻاهرين پاليسي (خارجه پاليسي) انگريزن جي نگهبانيءَ ۾ رهي، ان سلسلي ۾ رپورٽر جي 28 فيبروري جي هڪ تار مان معلوم ٿئي ٿو ته وزيراعظم لائڊ جارج وچ اوڀر جي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي هي ڳالهه چٽي ڪئي آهي ته مصر سوڊان ۽ حجاز پرڏيهي وزارت هيٺ رهندا ۽ اهڙي طرح اسان جي انهن مذهبي حڪمن ۽ رسول اڪرم ﷺ جن جي آخري وصيت جي چٽي پٽي توهين ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ توحيد جي پڄارين کي تاڪيد ڪيو ويو هئو ته مقدس زمين جزيرة العرب کي ڌارين جي قبضي ۽ ڪنٽرول کان محفوظ رکجو ۽ اهو سڀ ڪجهه ان حالت ۾ ٿي رهيو آهي جو انگريزي حڪومت جو هر ننڍو وڏو فرد ويندي وزيراعظم تائين اسان جي انهيءَ قومي ۽ مذهبي روايت کان بي خبر ڪو نه اهي، بلڪ اسان جو اهو آواز هر هڪ جي ڪن ۾ گونججي چڪو آهي، اسان ڏسي رهيا آهيون ته جزيرة العرب تي نه رڳو نصارن جو قبضو آهي، بلڪ هيءَ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته فلسطين جي ڌرتي کي جنهن ۾ وڏي شان واريون پاڪ جايون يهودين جي حوالي ڪيون وڃن جنهن جي ڪري هر هڪ مسلمان جي دل خون ٿي پئي آهي ۽ مان هيءَ ڳالهه يقين سان چوان ٿو ته هي ءَ اها ڳالهه آهي جنهن جي ڪري هڪ عالم کان وٺي جاهل تائين هڪ غريب فرد کان وٺي هڪ رياست جي حاڪم تائين سمورن جون دليون زخمي ٿيل آهن، هيءَ ڳالهه ممڪن آهي ته دنيا جي زندگي جي چند ڏهاڙن جي محبت ۽ قرب ۽ ايمان جي ڪمزوري نفس پرستي ۽ زندگي جي بي بقا تعلقن ۽ دنيا جي حرس ۽ خوف جي ڪري ڪنهن شخص جي زبان تي مهر لڳي وڃي ۽ هو حق کي ظاهر ڪرڻ ۾ ڪيٻائڻ لڳي يا وري ڪفر ۽ باطل کي خوش ڪرڻ لاءِ الله ۽ سندس رسول کي خوش ڪرڻ لاءِ بي پرواهه بڻجي وڃي ۽ دنيا اهڙي قسم جي ڏکوئيندڙ انسانن سان ڀري پئي آهي.

پر ان جي هيءَ معنيٰ ڪا نه آهي ته ان جي ڪري شريعت جي قانون ۽ حڪمن جي اندر ڪنهن قسم جي تبديلي يا ڪمي پيشي ٿي سگهي ٿي. “وحده” جي لفظن ۾ ها ڳالهه خاص طور تي رکي وئي هئي ۽ پوءِ هميسه ذميدار حاڪمن جي زبان سان انهي ڳالهه کي ڪئين ڀيرا دهرايو ويو ته اسلامي خلافت رڳو مسلمانن جو مخصوص مذهبي مسئلو آهي، ان ۾ ڪنهن قسم جي هٿ چراند نه ٿيندي.

پر ان جي باوجود انگريزي اخبارن ۽ ڪيترن اڳواڻن خاص طور تي هن ڳالهه جي لاءِ ڪوشش شروع ڪئي ته مسلمان پنهنجي مذهبي روايت جي ابتڙ باغي “شريف مڪي” کي پنهنجو خليفو مڃين ۽ خدا نه ڪري ائين ٿي وڃي ها ۽ مسلمان انهي باطل طلسم ۾ ڦاسي پون ها ته پوءِ انهن جي مذهبي طاقت سدائين لاءِ انگريزن جي مهرباني تي قائم رهي ها، ڇو ته جهڙي طرح ڄاڻ آهي ته “شريف” کي ايتري طاقت ته سو ڪا نه آهي جو هو هڪ مستقل آزاد سلطنت جو پايو وجهي سگهي ان ڪري هيءَ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته شريف کي ساليانو وظيفو ڏئي حجاز جي حڪومت جو پرڏيهي پاليسي، انگريزي حڪومت جي هٿ هيٺ ڪئي وڃي ۽ انهي سلسلي ۾ انهن شيطاني سازشن کي به ياد ڪبو جيڪي اسان جي صوبي سنڌ ۾ ڪيون ويون آهن ۽ اٻوجهه ۽ غريب طبقي جي عالمن ۽ پيرن کي خوف ۽ لالچ ڏئي هن ڳالهه تي راضي ڪري وڌو اٿئون ته هو پنهنجي ايمان، ضمير ۽ مقدس مذهبي حڪمن، معاملن جي ابتڙ شريف جي خلاف تي اتفاق ڪن ۽ وري جڏهن تعجب جي ڳالهه آهي ته جڏهن احتجاج جون گهڻيون صدائون بلند ڪيون ويون ۽ اهي سموريون ڳالهيون گورنمينٽ جي آڏو آنديون ويون ته انهن تڪليف ڏيندڙن جي بر خلاف چند عام رواجي تنبيهه جي لفظن کان سواءِ ڪجهه به نه چيو پر اهي هميشه اکين جا تارا رهيا.

واعدي ۾ چيو ويو هئو ته جنگ ۽ اسلام ۽ خليفة المسلمين جي بر خلاف ڪا نه اهي، پر دنيا ڏٺو ته انگريزن جي حڪومت جي وزير اعظم “مسٽر لائڊ جارج”  انهيءَ جنگ کي ڪهڙي نظر سان ڏٺو هئو،“جنرل ايلبني” کي جيڪو فلسطين جي حملو ڪندڙ فوج جو سپهه سالار هئو، فتح جو تمغو لڳائيندي نيٺ ان سچي ۽ دل جي ڳالهه کي لڪائي نه سگهيو ۽ اقرار ڪيائين ته هيءَ عيسائيت جي جنگ هئي، توڙي جو اسان اڃا تائين ڌوڪي ۾ هئاسين ته صليبي (عيسائيت) جنگيون ته ڪو وقت ٿيو جو بند ٿي چڪيون آهن. پر انگلستان جي انهي ذميدار مدبر ٻڌائي ڇڏيو ته عيسائي اڃا تائين ان کي وساري نه سگهيا آهن، پر اسلام جي بر خلاف، انهيءَ آخري لڙائي ۾ “رچرڊ ثاني” (جنرل ايلبي) عيسائيت جي اهڙي وڏي خدمت ڪئي جو پهريون “رچرڊ” به اهڙي خدمت نه ڪري سگهيو هئو.

اهڙا هزارين واقعا آهن جن کي آئون ڄاڻي واڻي ڇڏي ٿو ڏيان ڇو ته انهن ٻن سالن جي زماني ۾ انهن مسئلن جي متعلق ايترو ڪجهه چيو ويو آهي جو منهنجي خيال ۾ هن وقت تائين ٻئي ڪنهن مسئلي لاءِ ايترو نه چيو ويو هوندو ۽ مان نٿو چاهيان ته هتي اهڙن واقعن جو ذڪر ڪري توهان جي زخمي دلين تي لوڻ ٻرڪيان پر مان چاهيان ٿو ته هن وقت تائين اسان جون مصيبتون ختم نه ٿيون آهن، انگوره جي حڪومت، جنهن کي اسلام ۽ خلافت جي عزت سنڀالڻ ۽ اسلام جي دشمنن، يونان وغيره جي هٿ چراند کان پريا وطن کي بچائڻ لاءِ “ترڪي احرارن” قائم ڪيو هئو، هن ارادو ڪيو ته يورپ ۽ ان جي اٿاريل، يونان جي هٿ چراند جي برخلاف هٿ ۾ تلوار کڻي، ڇاڪاڻ ته انهي حڪومت جي بنياد غريبيءَ واري حالت ۽ محض الله جي مٿان ڀروسي تي وڌو ويو هئو ۽ هن جي اڪيلائي ۽ غريبيءَ جو اهڙو حال هئو جو اتحادين جي وسيلن قسطنطنيه جهڙي نام نهاد حڪومت کي به هن جي برخلاف وڙهڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيو، پر جيئن ته اها حڪومت اسلام جي حفاظت ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي وئي هئي، ان جي ڪري ان خدائي ذوالجلال جي مدد ۽ طاقت هر وقت ان سان گڏ هئي، جنهن کي دين جي تباهي ڪهڙي طرح به منظور ڪانه هئي، پر مادي طاقت جي ڪمزوريءَ ڪارڻ انهن ماڻهن جن جي اعتقاد ۾ طاقت صرف لوهه ۽ باهه جو نالو آهي، انهيءَ کي نهايت حقير سمجهيو انهن کي هي يقين هئو ته اهي ڳاڻ ڳڻيا ۽ شيلا ترڪ يونان جهڙي باقاعده حڪومت جي حملي جي سٽ ڪيئن سهي سگهندا، خاص ڪري اهڙي حالت ۾ جو يونان کي اتحادين جي طرفان هر نموني جي مدد ڏني پئي وئي، پر جنهن وقت يونان جو ترڪن جي ڪفن پهريل اسلام جي مجاهدن سان واسطو پيو ته انهن کي هيءَ ڳالهه چڱي پر معلوم ٿي وئي ته اهو گرهه آسانيءَ سان هضم ٿيڻ وارو ڪو نه آهي ۽ پوءِ انهيءَ جنگ اکين جي تاري يونان کي گهڻو ڪجهه نقصان پهچايو ۽ سندس اندروني حالتون بگڙجي ويون، پوءِ انهن ڏينهن ۾ ئي گهڻو ڪري انهيءَ جنگ جي نتيجي ۾ متاثر ٿي يونانين جي “وينزيلاس” سان (جيڪو ترڪن جو سخت دشمن هئو ۽ جنهن کي اتحادين پنهنجو ايجنٽ بڻايو هئو) ڪا به همدردي نه رهي ۽ سندس وزارٽ ٽٽي پئي، اهڙي طرح يونان ۾ انقلاب اچي ويو ۽ “شاهه قسطنين” کي لٽل ماڻهن جي اڪثريت راءِ سان تخت تي وهاريو ويو. انهي وچ ۾ اسان جي معلومات ۾ هيءَ ڳالهه آئي ته “ترڪ احرارن” ان ڳجهي ٺاهه جي ڪري جيڪو شايد يونان جي شاهه ۽ سندس وچ ۾ ٿي چڪو هئو ته شاهه يونان جي اقتدار جي زماني ۾ ترڪن جي خلاف يونانين جون ڪاروايون رڪجي وينديون، انگوره ۾ خوشي ملهائي وئي.

۽ اهڙي طرح ڇاڪاڻ ته “سيوري ٺاهه” جون اهي سموريون شڪون جن ۾ ترڪيءَ کي گهوگهو ڏنو ويو هئو، محض يونان جي طاقت ۽ مدد جي ڀروسي تي قائم ڪيون ويون هيون ۽ هاڻي ان اتحاد جي ڪري اهو ٺهيل جريل تماشو ختم ٿي رهيو هو. ان جي يورپ جي ڊپلوميسي ۾ هڪ خاص هلچل پيدا ٿي پئي پر ٿورن ڏهاڙن ۾  ئي دنيا ٻڌو ته يونان جي نئين حڪومت فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته هوءَ “سيوري ٺاهه” تي چڱي طرح عمل ڪرائيندي ۽ “ٿريس ۽ سمرنا” تان پنهنجو حق واپس ڪا نه وٺندي.

هاڻي توهان صاحبو ان سوال کي پاڻ ئي ڀڃو ته يونان حالتن ۾ اهڙو سمورو انقلاب ڪهڙي نموني پيدا ٿيو، يا ته يونان هئو جنهن پنهنجي مالي ۽ اخلاقي ڪمزورين کي محسوس ڪري “وينزيلاس” ۽ ان جي تحريڪن جي پاڙ پٽي ۽ پوءِ وري يوناني شاهه (جنهن کي پهريان پنهنجي گذريل ڪاروائين جي ڪري اتحادين جي مدد ۽ همدرديءَ تي ڀروسو ڪو نه هئو) ترڪ احرار سان ٺاهه به ڪري ڇڏيو هئو، پر ٿورڙن ڏينهن کان پوءِ ئي يونان ۽ شاهه يونان پنهنجي حالت کي ايتري قدر درست ۽ صحيح ڏٺو جو پاڻ کي هن اعلان جي قابل سمجهيو ته “هو سيوري ٺاهه تي عمل ڪرائيندو”

ان جنگ جي شروع ٿيڻ کان اڳ هڪ دفعو ٻيهر ڪوشش ڪئي وئي ته دنيا کي پنهنجي صلح پسنديءَ جو ثبوت ڏنو وڃي ان جي ڪري ڪيو ويو ته “سيوري ٺاهه” تي نظر ثاني ڪرڻ لاءِ ترڪ احرار ۽ يوناني نمائندا لنڊن ۾ گڏ ٿين ۽ هندستاني مسلمانن جي جوش کي ختم ڪرڻ انهن تي مفت جو احسان ڪرڻ لاءِ انهيءَ مجلس ۾ گورنمينٽ آف انڊيا چند مسلمان نمائندن کي به هتان پاڻ چونڊي موڪليو. مسلمانن جي امن دوست قوم رڳو هن خيال کان ته متان برٽس گورنمينٽ کي ترڪن جي انهيءَ نئين جدوجهد ۽ بهادري وارن ادارن مان ڪجهه سبق مليو هجي ۽ هوءَ امن ۽ آرام سان دنيا جي سڪون ۽ اطمينان کي ٻيهر ڪنهن جهيڙي ۾ وجهڻ کان سواءِ سود مند فيصلي ڪرڻ لاءِ تيار هجي، انهيءَ دعوت کي قبول ڪيو ۽ آل انڊيا خلافت ڪاميٽيءَ جي صدر سيٺ حاجي جان محمد صاحب ڇٽائي ۽ ڊاڪٽر انصاري صاحب وغيره انهيءَ مقصد لاءِ ولايت روانا ٿيا.

پر توهان کي ڄاڻ آهي ته انهيءَ وفد جي ڪهڙِ نموني توهين ڪئي وئي جو اهي ماڻهو اڃا سفر ۾ ئي هئا ته هتي سپريم ڪائونسل کي جيڪو ڪجهه فيصلو ڪرڻو هئو ان ڪري ورتو، هنن جي راءِ وٺڻ کان اڳئي ترڪن سان بحث مباحثو ٿي ويو هو ۽ چند شرط ترڪن جي حوالي ڪيا ويا هئا ته انهن جي متعلق پنهنجي سرڪار کان راءِ حاصل ڪن. اهڙي نموني ٻيو دفعو مسلمانن جي احساسن کان بي پرواهي اختيار ڪئي وئي.

گفتگو جي وچ ۾ دنيا ڏسي ورتو ته ڪهڙي نموني يونان جي طرفداري ڪئي وئي، تنهن ڪري جڏهن هيءَ تجويز پيش ڪئي وئي ته “ٿريس ۽ سمرنا” جي ٻيهر آدمشماري ڪئي وڃي تان ته هي اندازو لڳائي سگهجي ته اتي ڪنهن جي اڪثريت آهي ۽ ڪير اتان جي حڪومت جو حقدار آهي، توڙي جو اها تجويز انهن تباهين ۽ مال متاع جي بربادين، قتل ۽ لٽ مار ۽ جلاوطنين کان پوءِ پيش ڪئي وئي، جيڪي مسلمانن کي ڏسڻيون پيون هيون. گهڻو ڪري اها تجويز هي سوچي پيش ڪئي وئي هوندي ته انهن مصيبتن کان پوءِ يقيناً مسلمانن جي آبادي گٽجي وئي هوندي، ان جي ڪري هيءَ آدمشماري مقصدن کي نقصان ڏياريندڙ نه ٿيندي، پر پوءِ به هن جي باوجود جو ترڪن ان تجويز کي قبول ڪيو، يونانين ان کي قبول نه ڪيو ۽ پوءِ هي به نتيجو نڪتو جو انهيءَ تجويز کي ڇڏي ڏنو ويو.

پر هاڻي توهان غور ڪيو ته جيڪڏهن ترڪ اهڙي تجويز کي قبول نه ڪن ها ته ڪيتري قدر شور مچايو وڃي ها ۽ اڃا به انهيءَ کان وڌيڪ هيءَ ڳالهه آهي ته اڃا ترڪ نمائندا پنهنجين حڪومتن سان انهن شرطن جي متعلق ڪجههبه طئي نه ڪري سگهيا هئا ته يونان ترڪن جي خلاف اوچتو حملو ڪري ڏنو ۽ انگريز حڪومت، جيڪا پاڻ کي انصاف ۽ ڪمزورن جي مدد ڪرڻ جي ٺيڪيدار سمجهي ٿي، اهڙي چٽي ناانصافي ۽ بي ايماني جي خلاف ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي، بلڪ رڳو رسمي طور هي اعلان ڪيو ته هوءَ انهيءَ جنگ ۾ ڪنهن جو به طرف نه کڻندي. پر ان غير جانبداري جي اعلان جي باوجود جڏهن قسطنطنيه جي ترڪن ارادو ڪيو ته هو ترڪ احرارن سان گڏ ڪلهوڪلهي ۾ ملائي يونان جي ظلم وارن حملن جو مقابلو ڪندا ته ملڪ ۽ ملت جي اهڙين فدائين کي اناطوليه وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي ۽ جڏهن مصر جي يوناني رهاڪن يونان جي مدد ڪرڻ لاءِ ڀرتي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ جڏهن بحيره مارمون ۾ يونانين ترڪيءَ جي فوجن سان ڀريل جهازن کي گرفتار ڪري ورتو ته انهن کي روڪ ٽوڪ نه ڪئي وئي، هاڻي انهن سمورين حالتن کان پوءِ به جڏهن يوناني فوجن کي بڇڙي شڪست آئي آهي ۽ احرارن جي قوت هنن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي ته لاچار يورپي حڪومتن، يونان کي انگوره جي هٿان بڇڙي شڪست کان بچائڻ لاءِ مداخلت ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي.

پر دوستو، توهان چڱي طرح ڄاڻو ٿا ۽ هر مسلمان جو ان ڳالهه جي متعلق يقين آهي ته هن وقت اسلام جي جيڪا ڪجهه بچيل قوت ۽ عزت رکي وئي آهي اها رڳو انگوره ۽ ان جي حڪومت جي ڪري ئي آهي ۽ صرف اهي ئي آهن جن جي تلوار اڄ به توحيد جي حفاظت لاءِ چمڪاٽ ڪري رهي آهي، ان جي خلاف جنگ جو ارادو ڪرڻ، يقيناً اسلام جي رهيل سهيل طاقت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي، انهيءَ سلسلي ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد ؒ، مولانا عبدالباري ۽ حڪيم اجمل خان صاحب ۽ مولوي ثناءُ الله صاحب امرتسري ۽ ٻين اڳواڻن جيڪي ڪجهه اعلان ڪيا آهن انهن ۾ هنن هر طرح سان سمورن مسلمانن جي احساسن ۽ جذبن ۽ خيالن جي ترجماني ڪئي آهي.

هاڻي اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي

معزز حضرات! مان مٿي هي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اسان مسلمانن کي انهن سمورن واقعن جي ڪري ڪيتري قدر صدما پهتا آهن ۽ جڏهن حالتون انهيءَ حد تائين پهچي ويون آهن ته مسلمانن لاءِ آرام سان ويهڻ ڪنهن نموني به ممڪن ڪو نه آهي ۽ اسان هندستان جا مسلمان هن جي ڪري جو اسان جو تعلق اهڙي سرڪار سان آهي جنهن جو ترڪيءَ جي مصيبتن ۾ وڏو هٿ آهي، آئيني طرح گورنمينٽ کان شڪايت ڪندڙ آهيون ۽ ان تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون انهيءَ سلسلي ۾ سڀ کان پهريائين هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ خلافت ڪاميٽيون قائم ٿيون، پوءِ جڏهن ڏٺو ويو ته گورنمينٽ اسان جي درخواستن ۽ اسان جي مذهبي احساسن کان قطعي بي پرواهه آهي ته پوءِ حڪمن جي مطابق “سوشل بائيڪاٽ” جي تجويز پاس ڪئي وئي ۽ سمورن مسلمانن انهيءَ جي کليل دل سان آجيان ڪئي، ڇاڪاڻ ته هندو ڀائر پنهنجي مسلمان پاڙيسرين سان دلي همدردي رکندا هئا ان جي ڪري انهن به حصو وٺڻ شروع ڪيو ۽ توهان کي معلوم هوندو ته پنجاب ۾ رولٽ ايڪٽ جي متعلق “فاراضي” جي زماني ۾ تمام گهڻا بي رحم ظلم ٿيا ۽ هندو، مسلمان ٻئي انهن مصيبتن جو شڪار بڻيا هئا ۽ پوءِ وري گورنمينٽ انهن طلمن جي متعلق هندستانين کي عيوض ۾ ڪو به انصاف پلئه ڪو نه وڌو ۽ جن ماڻهن کان اهڙي قسم جون غلطيون ٿيون هيون ۽ جن جي اجاين ڪاروائين جي ڪري پنجاب جي مظلوم ۽ بي هٿيار اباديءَ جي سوين جانين کي سخت نقصان پهتو هئو ۽ جن جي هٿان هندستانين جي عزت ۽ خودداري برباد ٿي هئي، انهن کي سزائون ڪو نه ڏنيون ويون، ان جي ڪري هاڻي هندستانين کي خلافت واري مسئلي کانسواءِ ٻي هي به شڪايت پيدا ٿي پئي ۽ اهي ئي ڪارڻ هئا جن جي ڪري “سما جي بائيڪاٽ” واري تحريڪ کي عام ماڻهن ۾ مقبوليت حاصل ٿي، سموري ملڪ ۾ ٿورڙن ڏينهن ۾ ئي هيءَ عالمي تحريڪ تمام گهڻو ڦهلجي وئي.

نيٺ هندستان جي گڏيل جماعت انڊين نيشنل ڪانگريس کي هن ڳالهه جي سخت ضرورت محسوس ٿي ته هن نهايت اهميت واري مقبول تحريڪ جي متعلق پنهنجي هڪ خاص اجلاس ۾ غور ڪري، جنهن ڪري ڪلڪتي ۾ سيپٽمبر 1920ع تي ڪانگريس جو هڪ اجلاس سڏايو ويو ۽ ان ۾ گهڻي غور فڪر ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ تحريڪ لاءِ ٽي ڪارڻ قرار ڏنا ويا پوءِ اها تحريڪ اڪثريت راءِ سان پاس ڪئي وئي. انهن ٽن ڪارڻن منجهان ٻه ڪارڻ ته اهي هئا جيڪي مٿي ٻڌايا ويا پر ٽيون ڪارڻ اهو مقرر ڪيو ويو ته هندستان لاءِ آزادي حاصل ڪئي وڃي.

حضرات! حقيقت ۾ هندستان جي حڪومت جي خودمختياري جنهن کي ٻين لفظن ۾ آزادي چيو ٿو وڃي تمام ضروري آهي جيڪڏهن خالص سياسي نقطه نظر کان ڏٺو وڃي ته مان چوندس ته خلافت وارو مسئلو ۽ پنجاب جي ظلمن جي بدلي کان به هي (هندستان جي آزادي) وڌيڪ اهميت رکي ٿي، توهان مان هر ماڻهو هن ڳالههکي چڱي طرح ڄاڻي ٿو ته هلندڙ جنگ ۾ “خليفة المسلمين” جي قبضي مان جيترا به ملڪ نڪري چڪا آهن، انهن جي فتح جي “موڙ” انگريزن جي فوج جي منهن تي ٻڌل ڪا نه آهي، بلڪه هر جاءِ عراق، مصر، فلسطين، قسطنطنيه ۽ ٻين ڪيترين جاين تي هندستاني فوج ئي وڙهندي رهي آهي ۽ هندستان جي ئي دولت سان اهي سموريون فتحون مڪمل ٿيون آهن.

بلڪه اڄ جيڪڏهن انگريزي حڪومت دنيا ۾ حياتيءَ جا ڏينهن ڪاٽي رهي آهي ته اهي يقيناً فقط هندستاني فوج جي ڪري ئي آهن ڇو ته يورپ، ايشيا، آفريڪا جي ميدانن ۾ هر جاءِ تي هندستاني فوجن انگريزن جي دشمنن جي موتمار حملن کي روڪيو آهي ۽ اهائي حقيقت آهي جنهنجو برٽش حڪومت کي ڪنهن به ذميدار حاڪم ۽ مدبر کي انڪار ڪو نه آهي ۽ وري اڄڪلهه به ڏٺو وڃي ٿو ته هر جڳهه فتح ڪيل ملڪن تي گهڻو ڪري هندستاني فوج جي مدد سان ئي قبضي کي قائم ڪيو پيو وڃي، پنجاب ۾ جيڪي به واقعا ٿيا آهن اهي توڙي جو انگريز عملدارن جي  حڪمن ۽ اشارن سان ٿيا آهن مگر خونريزي هندستاني فوجن جي مدد سان ئي ٿي آهي.

انهي منجهان اوهان سمجهي سگهو ٿا ته جيڪڏهن اسان کي ڪنهن نموني پنهنجي حڪومت تي مڪمل اقتدار حاصل ٿي وڃي ۽ فوج ۽ خزاني تي به اسان جو قبضو ٿي وڃي، اهڙا افسوسناڪ واقعا پيدا نه ٿي سگهندا، اوهان اندازو لڳايو ته جيڪڏهن هندستان جو خزانو ۽ فوج اسان جي هٿن ۾ هجي ها ته اسان ڪيئن انهيءَ کي مسلمانن جي پاڪ جاين تي حملي ڪرڻ جي اجازت ڏيون ها يا ڪهڙي نموني انهن کي پنهنجن بي گناهه ڀائرن جي قتل ۽ خون وهائڻ تي راضي ڪيون ها، اهڙي طرح جيڪڏهن اسان جي ملڪ جو خزانو اسان جي هٿن ۾ هجي ها ته اسان انهيءَ کي دنيا جي آزادي کي تاراج ڪرڻ لاءِ ڪيئن خرچ ڪيون ها،پڪ ڄاڻو ته جيستائين اسان کي پنهنجي حڪومت حاصل نه ٿيندي، اسان انهن ٻنهي شين تي قبضو نه ڪري سگهنداسين ۽ جيستائين انهن تي قبضو نه ٿيندو، هن ڳالهه تي يقين ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ڪو به اطمينان جوڳو سبب موجود ناهي ته خلافت ۽ پنجاب جهڙا ظلم ٻيهر نه دهرايا ويندا، بس اهو ئي هڪ ڪارڻ آهي جنهن جي ڪري هر سچي هندستاني توڙي اهو هندو هجي يا مسلمان جي هيءَ دل جي تمنا آهي ته “جليانوالا” جهڙيون ڏکوئيندڙ حالتون ٻيهر پيدا نه ٿين ته اهو پنهنجي زندگيءَ جي مقصد آزاديءَ جو ملڻ سمجهي ٿو، ممڪن آهي ته اڄ انگلستان خلافت واري مسئلي جي متعلق مسلمانن جا سمورا مطالبا مڃي وٺي ۽ پنجاب جي متعلق به گڏيل هندستان کي انصاف پلئه وجهي پر اسان کي ان وقت تائين آرام ڪو نه ايندو جيستائين اسان کي هي يقين نه ٿي وڃي ته اڳتي اهڙيون حالتون پيدا نه ٿينديون ۽ اهو اطمينان رڳو آزادي ماڻڻ سان ئي ٿي سگهي ٿو.

ان کانسواءِ خالص شريعت جي مطابق به اسان مسلمانن لاءِ تمام ضروري ۽ واجب آهي ته اسان آزادي حاصل ڪيون ۽ مسلمانن لاءِ ڪهڙي طرح به جائز ڪو نه آهي ته هو ڪنهن غير مسلم حڪومت جي ماتحتيءَ ۾ آزادي کانسواءِ پنهنجي زندگي گذاري سگهي. انهيءَ جي متعلق علمائن جي اڪثريت جو اتفاق ۽ فقہ جا چٽا دليل موجود آهن، تنهن ڪري معتبر ۽ مستند ڪتاب “رد المختار في مبسوط” ۽ “فتح القدير” منجهان نقل ڪيو ويو آهي ته جيڪو ملڪ ڪافرن جي قبضي ۾ هجي ان ۾ جيڪڏهن حاڪم غير مسلم آهن ته اسلامي حڪمن جاري رکڻ لاءِ مسلمانن تي واجب آهي ته مسلمان حاڪم مقرر ڪن.

انهيءَ عبارن منجهان اسان جا شرعي قرض ۽ واجب پڌرا ٿي پيا آهن، هڪ مسلمان جيستائين هر مسلمان آهي مذهبي طرح هن ڳالهه جو پابند آهي ته هو اسلامي حڪمن ۽ حدن کي جاري رکڻ لاءِ گهڻي محنت ۽ ڪوشش ڪري ۽ ان وقت تائين آرام سان نه ويهي جيستائين جو گهٽ ۾ گهٽ مسلمان حاڪم مقرر نه ڪرائي وئي، جيڪو اندروني ملڪ ۾ حڪم جاري رکي سگهي. بس اهي ماڻهو جيڪي آزاديءَ جي نالي کان ڪنن ۾ آڱريون ٿا وجهن ۽ سمجهن ٿا ته اها رڳو هندن جي اٿاريل شورش آهي، انهن کي پنهنجي شرعي واجبن جي محرومي ۽ بيخبري تي ماتم ڪرڻ گهرجي ۽ هر مسلمان هن ڳالهه جو يقين ڪري ڇڏي ته سندس لاءِ آزاديءَ جي گهر به ائين ئي ضروري آهي جهڙي طرح شريعت جي واجبن جو پورو ڪرڻ ضروري آهي.

بهرحال ڪانگريس جي خصوصي اجلاس کان پوءِ هندستان جي عالمن گڏيل جمعيت به پنهنجي يادگار ۽ عظيم الشان اجلاس جيڪو دهلي ۾ ڪوٺايو ويو هئو پر شرعي نقطه نظر ۽ خدائي حڪمن جي مطابق هندستان جي موجوده سرڪار سان “سماجي بائيڪاٽ” جي تجويز کي اتفاق سان پاس ڪيو. عالمن سڳورن جي آڏو انهيءَ تجويز تي غور فڪر ڪرڻ ۽ شرعي حڪمن منجهان دليل وٺڻ کان اڳي هيٺيون ڳالهيون سامهون هيون.

1.       انگريزي حڪومت جيڪي سلطنت عثمانيه جي متعلق واعدا ڪيا هئا ۽ جن جو تعلق سمورن مسلمانن ۽ اسلام جي عزت ۽ زندگي سان  هئو اهي پورا ڪونه ڪيا ويا انهن خلاف عمل ڪيو ويو.

2.      انگريزي حڪومت اسان جي پاڪ جاين تي جن ۾ اسان جو “قبلو” ۽ اسان جي پيغمبر ﷺ (روحي فداه) جو روزو پاڪ به شامل آهي، سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح قبضو ۽ اقتدار قائم ڪيو ويو آهي.

3.      انگريزي حڪومت خلافت کي نقصان پهچايو آهي.

4.      انگريزي حڪومت جزيرة العرب ۾ مداخلت ڪئي آهي ۽ اتي پنهنجو ڪنٽرول قائم ڪيو آهي،جنهن جو ختم ڪرڻ شرعي حيثيت سان هر مسلمان تي فرض آهي.

5.      انگريزي حڪومت جي ڪري مسلمانن جا هزارين خاندان تباهه، برباد ۽ جلا وطن ٿي چڪا آهن، توڙي جو اها بربادي خود انهن جي مرضي ۽ اکين ٻوٽڻ جي ڪري ٻي حڪومت يعني يونان ۽ ٻين ڪئي آهي.

6.      انگريزي حڪومت جي هڪ ذميدار مدبر مسٽر “لائڊ جارج” وزيراعظم هن ڳالهه جو چٽو پٽو اقرار ڪيو آهي ته گذريل جنگ مسلمانن سان مذهبي جنگ هئي (صليبي جنگ هئي.)

7.      حڪومت ڪيترين مذهبي فتوائن کي ضبط ڪيو ۽ ڪيترن مسلمانن کي رڳو هن ڏوهه جي ڪري جو هو پنهنجي مذهبي حڪمن پٽاندڙ خلاف لاءِ ڪوشش ڪري رهيا هئا جيل موڪلي ڇڏيو يا نظر بند رکيو، جمعيت علماءِ هند ۾ قران حڪيم جي چٽين آيتن ۽ حڪمن جي آڌار تي فيصلو ڪيوويو ته جيڪا حڪومت انهن سمورين ڳالهين ڪرڻ جي ڪري ڏوهاري بڻبي آهي اها يقيناً مسلمانن جو دشمن ٽولو آهي ۽ ان جي ڪري اها هر طرح هن ڳالهه جي حقدار بڻي آهي ته انهيءَ سان “سماجي بائيڪاٽ” ڪيو وڃي.

ڪيترائي اهي ماڻهو جن دنيا جي فنائيندڙ زندگيءَ کي پنهنجي بيوقوفي جي سبب هميشه واري زندگي سمجهيو آهي ۽ اهي آخرت واري جزا ۽ سزا کي وساري ويٺا آهن اهي ماڻهو هر وقت ڪوشش ڪندا رهندا آهن ته دنيا جي فاني عزت حاصل ڪرڻ لاءِ مذهبي حڪمن جي اصل مطالبن کي بدلائي ڇڏين ۽ پوءِ اهڙي طرح مسلمانن کي خدائي حڪمن کان غافل ڪرڻ جهڙين شيطاني ارادن کي پورو ڪن.

پر مسلمانن انهن ٿورڙن سالن ۾ اها مصيبت ڪلهن تي کنئي آهي، الله جي حڪمن کان غافل ٿي اهي ٺوڪريون کاڌيون آهن جو انهن کان غفلت ۽ منهن موڙڻ وارا پڙدا کڄي چڪا آهن ۽ هاڻي انهن تي اهو عمل فائديمند ڪو نه ٿي سگهندو، هو هاڻي چڱي طرح سمجهي ويا آهن ته سماجي بائيڪاٽ جنهن کي الله تعاليٰ مسلمانن لاءِ ضروري قرار ڏنو آهي ان جي رڳو هيءَ معنيٰ ۽ مطلب آهي ته جيڪا غر مسلم قوم مسلمانن تي حملو ڪري ۽ سندن دشمن ٽولو هجي ان سان اهڙا تعلقات ختم ڪرڻ گهرجن جن منجهان هنن جي مدد يا خدمت يا محبت ۽ پيار  نظر ايندا هجن، سورة مائدة ۾ الله جو حڪم آهي “لاتتخذوا اليمود والنصاريٰ اولياء بعضهم اولياء بعض ومن يتولهم منڪم فانہ منهم” يعني يهودين ۽ نصارن کي پنهنجو دوست نه بڻايو، اهي ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا دوست آهن ۽ جيڪو انهن کي دوست بڻائيندو اهو به انهن منجهان ليکيو ويندو. سورت ممتحن ۾ الله تعاليٰ تمام چٽيءَ طرح غير مسلمن جي ورهاست ڪئي آهي، پوءِ انهن سان صلح ۽ جنگ، محبت، بغض، ملڻ جلڻ ۽ نفرت متعلق حڪم بيان فرمايا آهن.

لاينهاڪم الله عن اللذين لم بقا تلوڪم في الدين ولم يخرجو ڪم من ديارڪم ان تبرو اهم و تقسطوا اللهم ان الله يحب المقسطين، انما ينهاڪم الله عن الذين قاتلوڪم في الدين واخرجوڪم من درياڪم و ظاهر و اعليٰ اخراجڪم ان لولوا هم ومن ليتولهم فائولئڪ هم الظالمون. يعني جن ماڻهن توهان سان دين جي باري ۾ جنگ ڪانه ڪئي آهي ۽ توهان کي توهان جي گهرن مان ڪو نه ڪڍيو اٿائون خدا توهان کي انهن سان احسان ۽ انصاف ڪرڻ کان منع ڪو نه ٿو ڪري، بلڪه خدا ته اهڙن ماڻهن جي دوستي، ڏيتي ليتي ۽ تعلقات کان منع ڪري ٿو، جن توهان سان مذهبي جنگ ڪئي ۽ توهان کي توهان جي گهرن مان ڪڍيو يا وري گهرن مان ڪڍڻ وارن جي ڪنهن نموني مدد ڪئي، پوءِ انهن سان توهان منجهان ڪنهن به دوستي رکي يا انهن جي مدد ڪئي ته اهو ظالم آهي.

پهرين قسم ۾ اهي سمورا غير مسلمان آهن جيڪي اسان سان نڪو وڙهن نڪو اسان کي پنهنجي وطن مان ڪڍي بي گهر ڪن ٿا ۽ ته انهن جي متعلق الله جو حڪم آهي ته انهن سان بيشڪ نيڪي ۽ انصاف ڪريو. انهيءَ حڪوم کي سامهون رکي اسان جو پنهنجن هندو ڀائرن سان هر قسم جو اتفاق ۽ اتحاد آهي، جيڪڏهن هو اسان کي پنهنجن دشمن جي مقابلي ۾ مدد نه به ڪن تڏهن به اسان جو فرض آهي ته انهن جي غير جانبداري جي ڪري انهن سان سهڻو سلوڪ ڪيون، پر هتي ته صورت ئي ٻي آهي جو هو ته اسان جي هر قسم جي مدد ڪري رهيا آهن ۽ اهڙي طرح اسان لاءِ سماجي بائيڪاٽ واري پروگرام تي عمل ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪري رهيا آهن، اهڙي حالت ۾ ته اسان جو اڃا به وڌيڪ فرض آهي ته هر طرح انهن جي دلجوئي ڪيون ۽ انهن سان سهڻو سلوڪ ڪيون.

آءُ انهيءَ موقعي تي هي عرض ڪرڻ به مناسب سمجهان ٿو ته ڪيتري وقت کان وٺي هي مسئلو هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ نااتفاقي ۽ اختلاف جو سبب پئي بڻيو آهي ۽ ان اختلاف جي ڪري ٻنهي قومن گڏجي ٻاهرين ۽ ڌارين جي هٿان تڪليفون پئي سٺيون آهن، اهو مسئلو ڳئون ڪهڻ جو آهي، جهڙي طرح اسان سڀني کي ڄاڻ آهي ته هندو ڀائر ڳئون جي مذهبي حيثيت سان عزت ڪندا آهن، ان ڪري قدرتي طرح انهن کي ڳئون ڪهڻ جي ڪري تڪليف پهچي ٿي ۽ هن جي دل جي سڌ آهي ته مسلمان جيڪر انهيءَ کي ڪهڻ ڇڏي ڏين، پر ٻئي طرف مسلمانن وٽ ڳئون هڪ حلال جانور آهي، ۽ ان کي ڪهڻ ۽ ان جو گوشت کائڻ جائز آهي، انهري ڪي ٻنهي طرفن کان ڪشمڪش جاري آهي،

الحمدلله جو اڄ هن وقت جڏهن ٻنهي قومن جي آڏو اهڙن اختلافن ۽ جهڳرن جا نتيجا ظاهر ٿي چڪا آهن ته ٻئي قومون، آرام ۽ هوشياري سان انهي اهم مسئلي تي غور ڪرڻ لڳيون اهن، اسان سمجهون ٿا ته هندو ڀائر، جيڪي هن نازڪ وقت ۾ جڏهن مسلمان پنهنجي موت ۽ حياتيءَ واري ڏي وٺ ۾ مبتلا آهن، اسان ڏانهن اتحاد ۽ همدرديءَ جو هٿ وڌايو اٿن انهن جو عمل لک لک مبارڪن جي لائق آهي، اهڙي حالت ۾ اسان به جن وٽ احسان فراموشي قومي روايتن جي خلاف آهي، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيترو ٿي سگهي ۽ شريعت مطهرة اسان کي جيتري اجازت ڏئي، اسان جي طرفان انهن کي ڪا تڪليف نه پهچي.

حضرات! هن ۾ شڪ ڪونهي ته اسان لاءِ سموري دنيا ۽ان جي هر تعلقن کان وڌيڪ هيءَ ڳالهه آهي ته پنهنجي شرعي حڪمن کي هر وقت پورو ڪندا رهون، جيڪڏهن اسان جي شريعت ڳئون ڪهڻ کان واجب يا فرض ۽ ضروري ڪا ها ته پوءِ ڪو به رشتو ۽ تعلق يا ڪا به طاقت اسان کي انهي مذهبي فرض جي ادائگي کان روڪي نه سگهي ها ۽ پوءِ اسان هندو ڀائرن کان ان جي متعلق معذرت گهرون ها پر اسان ڏسون ٿا ته الله جي شريعت اسان کي ان جي کائڻ تي مجبور ڪو نه ڪيو آهي ۽ هي ڪو نه ٻڌايو آهي ته ڳئون نه کائڻ جي ڪري اسان مسلماني مان نڪري وينداسين ۽ جڏهن ائين آهي ته ڳئون کائڻ اسان لاءِ جائز ۽ اسان جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي ته پوءِ جيڪڏهن اسان ڳئون جو گوشت کان سواءِ ٻيو گوشت استعمال ڪيون ته اسان لاءِ ڪا به مذهبي رڪاوٽ ڪا نه آهي، هائو جيڪڏهن اسان ائين ڪنداسين ته ان جو اهو مطلب ڪونهي ته نعوذباالله اسان ڳئون کي حرام سمجهون ٿا ڇو ته ڪنهن به انسان لاءِ هيءَ ڳالهه ممڪن ڪا نه آهي ته جيڪا شيءِ الله جي شريعت ۾ حلال ۾ استعمال جي لائق ٻڌائي آهي، ان کي حرام سمجهي يا حرام چئي، بلڪ اسان ان کي حلال سمجهي به انهيءَ جي استعمال کان رڪجي سگهون ٿا ۽ ان کان سواءِ ٻيو گوشت استعمال ڪري سگهون ٿا. انهيءَ سلسلي ۾ ڪن مسلمان سرواڻن سٺيون ڪوششون شروع ڪيون آهن انهن جي انهن ڪوششن جا نتيجا به سٺا نڪتا آهن ۽ محسوس ٿي رهيو آهي ته مسلمان به هندن جي محبت ۽ همدرديءَ کان متاثر ٿي اتحاد ۽ ايڪي جي طرف اڳتي وڌي رهيا آهن ۽ انهيءَ اتحاد ۽ اتفاق جو اثر پري پري تائين پهچي ويا آهن جو امير اسلام “حضرت غازي امان الله خلدالله ملڪہ” به پنهنجي ملڪ (افغانستان) جي عالمن جي مشوري سان ڳئون جو ڪهڻ بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ يقيناً اها ڳالهه اسان جي ملڪي تحريڪن جي ڪاميابيءَ کي ويجهو ڪري ڇڏيندي.

اسان منجهان ڪي دوست اهڙا به آهن جيڪي سمورين مذهبي ضرورتن کان اڳتي وڌي ڳئون ڪهڻ کي ضروري سمجهن ٿا، انهن کي هن ڳالهه جو ڪجهه خيال ڪو نه آهي ته اسلام جي عزت تي ڪيتري قدر ڀوائتا حملا ٿي رهيا آهن ۽ ڪهڙي طرح دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان خدائي دين جي پوئلڳن کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ ڪهڙي نموني “ارض مقدس” ڌارين جي پيرن هيٺان لتاڙجي رهي آهي ۽ پوءِ ڪهڙي طرح اسان جي غلاميءَ جون زنجيرون اسان جي ڳچيءَ جو ڳٽ آهن، پر هو ان ڳالهه کي ضروري سمجهن ٿا ته ڳئون ڪهڻ وارو مقدس ڪم رهجي نه وڃي، انهن منجهان ڪي ته ويچارا اهي آهن جن انهيءَ مسئلي جي متعلق مذهبي حڪمن جو مطالعو ئي ڪو نه ڪيو آهي ان جي ڪري مجبور آهن ۽ ڪي وري اهڙا به آهن جن پنهنجي پاڻ کي شيطان لعين جي آڏو جهڪائي ڇڏيو آهي ۽ پوءِ سندن ارباباً من دون الله جيڪو ڪجههانهن جي نڙين ۾ وجهن ٿا انهيءَ کي پنهنجي زبانن سان ٻاهر ڪڍندا رهن ٿا اهڙي طرح پنهنجي وطن جي ٻن وڏن ٽولن ۾ نفاق ۽ نزاع جو ٻج پوکي “سماجي بائيڪاٽ” واري تحريڪ جي شرعي حڪمن کي شڪست ۽ ان جي دشمنن ۽ مخالفن کي فتح ڏيارڻ گهرن ٿا.

انهن کي نه شريعت جو خيال آهي ۽ نه ڪو وري مذهب جي عزت ۽ حرمت جو خيال آهي، جيڪڏهن انهن کي، انهن ڳالهين جو خيال به هجي ها ته انهن جي دانهن ۽ ڪوڪن ڪرڻ جو وقت هينئر ڪو نه اهي بلڪ اهو ته ڪيتري وقت کان آهي ۽ اهڙي جيڪڏهن ڪنهن هڪڙي مسلمان جي ڳئون مري رهي آهي ته باوجود هن ڳالهه جي جو هو ڏسي رهيو آهي ته شريعت جي لحاظکان انهيءَ کي حلال ڪرڻ گهرجي، مگر اهو قانون کان مجبور آهي، اهي ماڻهو اهڙي زيادتي ۽ تشدد کي ڏسن ٿا، پر انهن جون زبانون بند آهن ۽ انهن تي نفاق جو موت ڇانيل آهي، پر جيڪڏهن هڪ ديني مصلحت جي ڪري علماءِ دين ۽ ملن جي سرواڻ ڳئون کي ڪهڻ جي منع ڪن ته پوءِ مذهبي غيرت جي نالي تي دانهون ڪرڻ شروع ڪري ٿا ڏين.

مون کي پنهنجي هندو ڀائرن کي به هيءُ عرض ڪرڻ ضروري آهي ته اهي هن ڪم کي اسان جي مٿان ڇڏي ڏين ۽ پاڻ هي يقين کن ته اسان انهيءَ ڪم لاءِ پنهنجيون سموريون ڪوششون جاري رکنداسين ته جيئن انهن جي اها تڪليف ختم ٿي وڃي، آءُ ڏسان ٿو ته گهڻين جاين تي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته قانون جي صورت ۾ يا زبردستيءَ سان ڳئون جو ڪهڻ ڇڏايو وڃي پر هو ائين ڪرڻ ۾ پنهنجين ڪوششن کي غلط نموني استعمال ڪري رهيا آهن ڇو ته هيءَ ڳالهه انساني فطرت جي خلاف آهي ته مسلمان زور ۽ زبردستيءَ سان ڳئون کي ڪهڻ ڇڏي ڏيندا، بلڪ انهي زبردستيءَ جي ڪري هنن جو ضد اڃان به وڌندو ۽ انهيءَ سان پوءِ هي سوال پيدا ٿيندو ته هندو، مسلمانن کان هڪ مذهبي ڳالهه زوري ڇڏائڻ چاهين ٿا. ۽ پوءِ انهيءَ سوال جي پيدا ٿيڻ ڪري هر هڪ مسلمان جو هي فرض هوندو ته انهيءَ زبردستيءَ جي خلاف اٿي کڙو ٿئي ۽ اهڙي طرح ان اتحاد جي بنياد ۾ ڏارون پوڻ شروع ٿي وينديون، جنهن تي اسان پنهنجي وطن جي آزادي جي عمارت ٺاهڻ جو ارادو رکون ٿا، بلڪ اهي انهيءَ معاملي ۾ هندستان جي پياري ۽ محبوب ليڊر مهاتما گانڌي جي مشوري تي عمل ڪري انهيءَ ڪم ۾ جلد بازي ڪرڻ کان رڪجي پون ۽ مسلمانن کي پنهنجي احساس سان هيٺاهون ڪن کان ته آسانيءَ سان اهو مرحلو پورو ٿي سگهي ٿو.

غير مسلمن جو ٻيو قسم اهو آهي ته جنهن مسلمانن سان مذهبي لڙائي ڪئي هجي ۽ مذهبي حڪمن ۾ مداخلت ۽ شرعي حرمتن ۾ هٿ چراند ڪئي هجي ۽ پوءِ وري مسلمانن کي وطن مان ڪڍيو هجي يا انهن جي ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي هجي، جمعيت علماءِ هند فيصلو ڪيو آهي ته برٽش گورنمينٽ جو دامن انهن ڳالهين سان پسو پيو آهي ته پوءِ اهڙي ٽولي لاءِ الله جو حڪم ظاهر آهي ته انهن سان دوستي ۽ همدردي جو سلسلو ختم ڪيو ۽ ان جي ڪري مسلمان مجبور ٿي پيا آهن ته انگريزن جي حڪومت تان، الفت، محبت، خدمت ۽ مدد جو هٿ کڻي وٺن ان آيت سڳوري جي متعلق ڪي ماڻهو هن غلط فهميءَ ۾ پئجي ويا آهن ته اها آيت مسنوخ ٿيل آهي، پر حقيقت ۾ اها سندن سمجهه ۽ فڪر جي ڪوتاهي آهي نه ته علامه ابن جرير ملبري پنهنجي تفسير ۾ هيءَ ڳالهه صاف صاف بيان ڪئي آهي ته انهيءَ آيت کي مسنوخ سمجهڻ، بي معنيٰ ۽ اجائي ڳالهه آهي، مطلب ته انهيءَ آيت جو حڪم ثابت ۽ هميشه لاءِ عمل جي لائق آهي.

معزز حضرات! انهيءَ سمورن ذميدار مجلس “سماجي بائيڪاٽ” واري تحريڪ جي متعلق نهايت غور ۽ فڪر ڪرڻ کان پوءِ چند درجا مقرر ڪيا هئا ته انهن جي مطابق آهستي آهستي طاقت آهر عمل ڪيو ويندو، الله جو شڪر آهي جو، ملڪ جي هر طبقي پنهنجي طاقت آهر هن اهم مذهبي ۽ ملڪي تحريڪ کي ڪامياب بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهن دفعن مان جيڪو مطلب هئو اهو ڪنهن حد تائين پورو ٿي ويو آهي، ڪيترائي مخالف چون ٿا ته ان تحريڪ کي ڪاميابي حاصل ڪا نه ٿي آهي ۽ اهي پنهنجي دليل ۾ هن ڳالهه کي پيش ڪن ٿا ته ڪيترن ئي لقبن سان نوازيل ماڻهن ۽ شاگردن، وڪيلن انهيءَ تحريڪ جي پوري طرح آجيان ڪانه ڪئي آهي، ممڪن آهي ته اهي ٻاهرين طرح ان ڳالهه تي خوش هجن.

پر اسان کي ته نهايت خوشي ۽ ڪاميابي جو يقين ٿئي ٿو، جڏهن ڏسون ٿا ته اهي ماڻهو جن جا ڳاٽ لقبن جي بار سان جهڪيل آهن، انهن جو قوم ۾ عزت ۽ مرتبو ختم ٿي ويو آهي ۽ هاڻي عام ماڻهو لقبن کي ملت فروشي جي معنيٰ ۾ سمجهن ٿا ۽ اهڙي طرح هن تحريڪ انهن خطرناڪ ماڻهن جي هر دلعزيزي ۽ عزت کي ختم ڪري انهن جي شر کان ملڪ کي بچائي ورتو آهي. مدرسن جي متعلق، اسان وانگر اسان جي دشمنن به چڱي طرح ڄاڻي ورتو آهي ته قومي تعليم جي ضرورت واري احساس جي پوري قوم ۾ لهر ڊوڙجي وئي آهي ۽ ماڻهو انهن سرڪاري قيد خانن کي پنهنجي ٻارن لاءِ عام طرح نقصان ۽ ڇيهو پهچائيندڙ سمجهڻ لڳا آهن.

وڪيلن جي متعلق مون کي ڪجهه چوڻو ڪو نه آهي، رڳو ايترو ياد ڏياريو ته انهن کي پنهنجي حيثيت تمام هيٺاهين نظر اچي رهي آهي ۽ هو پنهنجي حالت ۽ مرتبي کي خوف وارين نظرين سان ڏسي رهيا آهن ۽ هاڻي تازو وڪيلن جي ڪانفرنس ۾ هڪ ذميدار شخص جي واتان انهيءَ ڳالهه جو اقرار ٿي چڪو آهي. گورنمينٽ جو ته هي فرض آهي ته هوءِ تحريڪ کي ڪامياب ٿيندو ڏسي هينئن چوندي رهي ته تحريڪ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي. ڇو ته اسان سمجهون ٿا ته هوءَ پنهنجي نالي ماتر مرتبي کي جنهن جا ٿنڀ نهايت تڪڙائيءَ سان ڪري رهيا آهن، اک ڇنڀ جيتري ٽائيم تائين به محفوظ نٿي رکي سگهي ۽ هن کي حق آهي ته جيئن سندس دل گهري ڀلي پاڻ کي خوش رکي. پر اصل ۾ سندس پريشاني ۽ مايوسي واري ڪاروائي ۽ خوف ۽ ڊپ، سندس دعوائن کي ڪوڙو ثابت ڪري رهيا آهن.

جيڪي هوءَ “ترڪ موالات” جي خلاف ڪيس داخل ڪري ۽ تشدد سان بدلي وٺڻ جي صورت ۾ ظاهر ڪري رهي آهي، گورنمينٽ تحريڪ ترڪ موالات جي ڦهلاءَ ۽ هر دلعزيزي کي پنهنجي لاءِ خطري جي نظرن سان ڏسي ٿي، ان ڳالهه جو اندازو هن مان به لڳائي سگهجي ٿو ته سندس حاڪم هر جاءِ تي “امن سڀائون” جي قائم ڪرڻ ۾ رڌل آهن، جيڪي رڳو هن مقصد لاءِ ٺاهيون ويون آهن ته تحريڪ “ترڪ موالات” (سماجي بائيڪاٽ واري تحريڪ) جو مقابلوڪيو وڃي. جمعيت علماءَ جي صدر انهن مجلسن کي غير شڪي محسوس ڪري، عام فتويٰ ڏئي ڇڏي آهي ته مسلمان انهن ۾ شريڪ نه ٿين ۽ الحمدلله هر جاءِ تي مسلمان، هندو انهن فريبن ۾ نه ٿا اچن.

هائو البت مان پنهنجي وطن وارن کي هيءَ عرض ڪندس ته جهڙي طرح هن تحريڪ کي تيزيءَ سان ڪامياب ڪرائڻ جو فرض سندن مٿان آهي، ان کي پوري ڪرڻ ۾ هو سستيءَ سان اڳتي وڌيا آهن، ان ڪري هن ڳالهه جي ضرورت آهي ته هو تيز، تيز اڳتي وڌن ۽ جهڙي نموني هنن فيصلو ڪيو آهي انهيءَ آهر پنهنجي منزل تي پهچڻ جي ڪوشش ڪن، خاص ڪري ديسي شين جي استعمال ڪرڻ ۾ ديسي ڪپڙي کي رواج ڏيڻ لاءِ گهڻي ۾ گهڻي ڪوشش ڪن ۽ اهڙي طرح پنهنجي ملڪ کي مسڪيني ۽ غربت واري تباهيءَ کان بچائين جنهن جي طرف هي ملڪ ڌڪبو پيو وڃي ۽ جيستائين جو آزادي حاصل ڪري وٺن، تيستائين “چرغي” جي عام رواج ۽ هر دلعزيزي کي تمام گهڻو وڌائين، ڇو ته اهو ئي رستو آهي جنهن سان اسان پنهنجي آزادي وڃائي آهي ۽ پوءِ وري انهيءَ دروازي کان آزادي کي حاصل به ڪري سگهون ٿا.

انهن ٿورڙن ڳالهين کان پوءِ آءُ توهان کي هيءَ درخواست ڪندس ته هن وقت گهڻي کان گهڻي هن ڳالهه جي ضرورت آهي ته اسان گڏجي متحد ٿي اسلام جي حفاظت جي متعلق شرعي فرضن کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون، ان ڪري اسان کي خدائي ذوالجلال جي بارگاهه ۾ خلوص سان هي انجام ڪرڻ گهرجي ته اسان پنهنجي طاقت آهر انهيءَ عزيز مقصد لاءِ پنهنجو مال پنهنجي جان قربان ڪرڻ کان ڪو نه ڪيٻائينداسين.

آءُ هڪ دفعو وري اوهان جي تڪليف ڪري اچڻ جو احسان مڃان ٿو، هن ۾ ڪو به شڪ نه اهي ته توهان کي آرام ۽ راحت پهچائڻ ۾ اسان کان ڪيتريون ڪوتاهيون ٿيون آهن پر اوهان جي مهربانين مان اسان کي هيءَ اميد آهي ته اوهان انهن کي درگذر ڪري اسان کي پنهنجو احسانمند ڪندا.

© Fayaz Sindhi 2010