3/12/2011 - Birth date and Death Date ---> January updated     3/12/2011 - Birth date and Death Date ---> February uploaded     3/3/2011 - Birth date and Death Date ---> January     2/18/2011 - Choronology of 1942, 1943, 1944, 1945, 1946 & 1947 uploaded     2/16/2011 - Choronology of 1940 & 1941 uploaded     2/14/2011 - Choronology of 1939 uploaded     2/13/2011 - Choronology of 1937 & 1938 uploaded     2/9/2011 - Choronology of 1935 & 1936 uploaded     2/8/2011 - Choronology of 1933 & 1934 uploaded     2/3/2011 - Choronology of 1932 uploaded     2/1/2011 - Choronology of 1931 uploaded     1/31/2011 - People Speak About Gulhayat webpage Updated     1/30/2011 - 5TH SINDH PROVINCIAL CONFERENCE KARACHI IN SINDHI     1/19/2011 - Chronology of the sindh khilafat committee     1/16/2011 - Chronology 1927 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1839 updated     1/16/2011 - Chronology 1919 updated     1/16/2011 - Chronology 1920 updated     1/16/2011 - Chronology 1922 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1923 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1926 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1925 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1928 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1929 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1930 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1924 uploaded     1/14/2011 - Good Morning Messages updated     1/12/2011 - People Speak About Gulhayat Updated     1/11/2011 - Peer Pagara History and its Chronology     1/10/2011 - Shaheed Zulfiqar Ali Bhutto Address 15 December 1971     1/10/2011 - presidential address OF MR. M. A. JINNAH READ ON 8th OCTOBER 1938.     1/9/2011 - The First Sindh Provincial Muslim League Conference Karachi with resoulation     1/9/2011 - Pagara Corner     12/30/2010 - The First Sindh Provincial Muslim League Conference Karachi     12/22/2010 - Punjab     12/21/2010 - The site Kutte-Ji-Qabar is part of Sindh     12/21/2010 - People Speak About Gulhayat     12/16/2010 - Comments page is uploaded     12/14/2010 - Choronology is updated     12/11/2010 - VOICE OF SINDH: OPPOSES KALA BAG DAM     12/10/2010 - Presidential Address by Shaikh Abdul Majid Sindhi     12/10/2010 - Ghulam Muhammad Khan Bhurgri’s Speech     12/9/2010 - Choronology is uploaded     12/7/2010 - ALL Addresses and Speeches     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 7 april, 1996,Islamabad     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 28 March, 1996,Islamabad     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speeches and Statements on JAMMU & KASHMIR     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 20 January, 1996, Tokyo     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 30 November, 1995, Islamabad     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 04 January, 1996, Jacobabad     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 19 April, 1994, Bonn     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 3 January, 1994 Larkana     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 11th January, 1994 Hala     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech DECEMBER 5, 1993 Lahore     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech Garhi Khuda Buksh 4 April, 1994     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 20 November, 1994, Larkana     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 14 March, 1995, Islamabad     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 07 November, 1995, Tehran     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech Islamabad 27 February, 1994     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 8 june, 1994, Islamabad     11/30/2010 - M.Q.M Updated     11/30/2010 - P P P Press Clipping     11/30/2010 - Simon Commission     11/25/2010 - The British Empire League updated     11/24/2010 - Sugar Crises     11/24/2010 - Stories of founder     11/23/2010 - Dr Pathan Presentation on Sindhi Culture     11/22/2010 - Complete Good Morning Messages     11/19/2010 - Index of social Organizations updated     11/19/2010 - Eminent social workers part1     11/15/2010 - Birth date and Death Date ---> January     11/14/2010 - Gul hayat institute’s holdings On muslim league     11/14/2010 - PIRs OF SINDH AGAINST NON CO-OPERATION     11/14/2010 - Sindh Zamindars Association Updated     

مولانا سنڌيءَ جي پڪي قلعي حيدرآباد واري تقرير

(17 اپريل 1994ع)

(ماڻهو جنهن شيءِ کي مقدر چون ٿا، ان کي آءُ “حالتن” جو نالو ڏيان ٿو، اهي حالتون آهن جيڪڏهن منهن مٽي بيهي رهن ته جي پوکن سي لڻي ئي نه سگهن، ڪن هڪڙا ۽ لوڙڻ ٻيا! سور سهن هڪڙا ۽ سک ڏسن ٻيا!!!

مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي به اهڙي مقدر سان منهن ڏسڻو پيو، مزي جي ڳالهه اها آهي جو سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ٻه ماڻهو “سنڌيءَ” جي نالي سان مشهور ٿيا، ٻنهي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ اڻ ڳڻيون تڪليفون ڏٺيون، ٻئي پرخلوص ۽ بي لوث ٿي رهيا ۽ ٻنهي سان قوم وڻندڙ سلوڪ نه ڪيو، هڪ کي چريو چيو ويو ۽ ٻيو ذري گهٽ چريو ٿي ويو، انهن مان هڪڙو مولانا عبيدالله سنڌي ۽ ٻيو هو شيخ عبدالمجيد سنڌي.

مولانا عبيدالله سنڌي ننڍي کنڊ جو اهو پهريون ۽ واحد سياستدان هو جنهن هندستان مان فرنگين جي ناپاڪ پاڇي هٽائڻ لاءِ پاڻ کي جلاوطن بڻايو، در در جون ٺوڪرون کاڌيون، پنهنجي دور جي سپر پاور خلاف منظم منصوبا بڻايا، جوڀن ۽ جوانيءَ جا ڏينهن جڏهن هو پنهنجي وطن ۾ گذاري رهيو، تڏهن هن کي آزاديءَ خاطر وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا ۽ موٽيو تڏهن جڏهن جهور پوڙهو ٿي چڪو هو.

“ڪراڙو اٺ ٻه ڪنواٽ لهي” جي مصداق پوءِ به هن همت نه هاري، هن جي جواني ٻڍاپي ۾ تبديل ٿي چڪي هئي، ليڪن هن جوانن جي جوش ۽ ٻڍڙن جي هوش کي ملائي جهان بيني، تجربن، آزمودن ۽ مشاهدن کي اڳيان رکي ساگر پارٽي ٺاهي، پنهنجي پارٽيءَ جي پوئلڳن جي تربيت شروع ڪئي ۽ آزاديءَ جي نعمت حاصل ڪرڻ لاءِ هر اول دستو ٺاهڻ شروع ڪيو، مولانا عبيدالله سنڌي به هندستان جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪئي مگر مذهب جي بنياد تي نه پر ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت جي بنيادن تي! ليڪن هڪ طرف حالتون بدلجي چڪيون هيون ۽ ٻي طرف سندس حياتيءَ جا ڏينهن به اچي پورا ٿيا، ان ڪري سندس حسرتون، اميدون ۽ خواهشون ائين ئي اڌريون رهجي ويون. هن هيٺ انهيءَ عظيم انسان جي هڪ تقرير ڏجي ٿي.)

نحمده و نصلي عليٰ رسولہ الڪريم. اما بعد

آءُ سورهن سالن جو هوس اردوءَ ۾ ميٽرڪ تائين تعليم پڙهي چڪو هوس جو آءُ مسلمان ٿيس، مون کي توحيد جو ڪلمون حضرت حافظ محمد صديق قدس سره ڀرچونڊي وارن پڙهايو، اهي منهنجي لاءِ ماءُ، پيءُ جي جاءِ تي هئا ۽ مون لاءِ ماءُ پيءُ وانگر مربي بنيا، انهن جي دعا تاثير سبب، مون پاڻ ۾ وڏيون برڪتون محسوس ڪيون آهن، مون ڪيتريون ئي غلطيون ڪيون هونديون، پر حافظ صاحب جي دعا جي برڪت سان مون کي خدا تعاليٰ انهن جي شر کان بچايو، آءُ پاڻ کي حضرت صاحب جي جماعت جو هڪ فقير سمجهان ٿو، ان جي دعا سان آءُ علم جي ڳولا ڪندي ڪندي حضرت مولانا شيخ الهند ؒ جي خدمت ۾ پهتس، انهن جي جماعت جو هڪ طالبعلم بنجي سگهيس، منهنجي حيثيت حضرت مولانا شيخ الهند جي جماعت جي هڪ طالبعلم کان زياده نه آهي، منهنجو علمي تعلق بنيادي طور تي حضرت مولانا شيخ الهند سان آهي، منهنجو استاد، مولانا محمد قاسم قدس سره جي شاگردن مان هڪ خاص مرتبي جو مالڪ هو، آءُ پنهنجي استاد جي انهيءَ مرتبي کي سڃاڻان ٿو ۽ منهنجي اها ڪوشش آهي ته حضرت جي انهيءَ مرتبي کي زندهه رکنا کين مولانا محمد قاسم (نانوتوي) جي واسطي سان جيڪو علم ورثي طور امام ولي الله قدس سره کي مليو هو، خدا جي فضل سان انهيءَ جي مون کي به گهڻي ڪجهه پروڙ حاصل آهي، منهنجي زندگي جو مقصد هي آهي ته هي علم هندستان جي مسلمانن جي عام طور ۽ دهلي ۾ جاتي جاتي اردو ڳالهائي وڃي ٿي ۽ سنڏ ۾ خاص طور محفوظ ٿي وڃي، منهنجي طبيعت کي سڀ کان زياده پسند ۽ قرآن شريف جي معنائن ۽ مطلبن سمجهڻ کي سڀ کان زياده پسند، قرآن شريف جي معنائن ۽ مطلبن سمجهڻ وارو علمي موضوع رهيو اهي ۽ جيئن ته قرآن شريف جي تعليمن ۾ سڀ کان اهم مسئلو توحيد جو اثبات ۽ شرڪ جو انڪار آهي، ان ڪري مون کي ان مسئلي سان خاص دلچسپي هئي مون اسلام جي اعلان ڪرڻ کان اڳ ۾ انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي گهر ۾ جيڪو مطالعو ڪيو هو ان ۾ مون تي هيءَ ڳالهه ٿي ته فقط اسلام ئي توحيد جي تعليم صحيح صحيح ڏئي ٿو ۽ انهيءَ بنياد تي ئي مون ٻين مذهبن کان اسلام کي ترجيح ڏئي پسند ڪيو، بيشڪ هندو مذهب، عيسائيت ۽ يهودين وانگر پراڻي زماني ۾ سچائي جو مالڪ هو، پر مون ڏٺو ته ان ۾ هاڻ شرڪ ملي ويو آهي، اوهان کي جيڪڏهن هندو مذهب جي حقيقت معلوم ڪرڻي هجي ته حضرات مرزا مظهر جان جانان جي مڪتوبات پڙهو، جيڪا ڪلمات طيبات نالي ڪتاب سان اوهان کي ملي سگهندو.

قرآن شريف جي تعليمن جي منڍ ۽ پاڙ يعني توحيد جو مسئلو صحيح طرح سمجهڻ ۾ مولانا شاهه اسماعيل شهيد جي ڪتاب “تقويته الايمان” منهنجي رهنمائي ڪئي، ان ڪري حضرت مولانا شهيد رحمة الله کي آءُ شروع کان پنهنجو هادي ۽ مرشد مڃيندو آيو آهيان، پوءِ جڏهن مون توحيد جي مسئلي ۾ پنهنجو مطالعو وڌايو ته مون کي خبر پئي ته هن توحيد جي مسئلي سبب مسلمانن ۾ وهابي ۽ غير وهابي جو جهڳڙو وڏن زورن تي پيو هلي مون کي مسلمانن جو اهو اختلاف پسند نه آهي، پوءِ مون انهيءَ جو حل هي ڳولي لڌو ته آءُ قادري طريقي جو هڪ فقير آهيان، حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني قدس سره جي ڪتاب “فتوح الغيب” کي مڃان ٿو، انهيءَ ۾ توحيد جو تفصيلي بيان آهي ۽ حضرت شيخ عبدالقادر جي ان ڪتاب جو وهابيت سان پري جو به واسطو ڪو نه آهي، هاڻي جيڪڏهن آءُ توحيد جي سمجهائڻ لاءِ “فتوح الغيب” پنهنجي لاءِ مرڪزي ۽ بنيادي ڪتاب بنايان ته ان جو مطلب هي نڪرندو جو سنڌ مان توحيد جي مسئلي سبب وهابيت جو سوال ئي گم ٿي ويندو.

آءُ ائين نٿو چوان ته منهنجي هن طرز فڪر سان سنڌ مان توحيد واري مسئلي جي ضمن ۾ وهابيت جو اڻ وڻندڙ بحث ختم ٿي ويو، پر ايترو ته ضرور ٿي ويو جو منهنجي ساٿين ۽ مون سان گڏ ڪم ڪرڻ وارن ۾ وهابي ۽ غير وهابي جو جهيڙو زور وٺي نه سگهيو، منهنجو پنهنجو هي حال آهي ته آءُ حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني جي ڪتاب “فتوح الغيب” کي وڏي محبت سان پڙهان ٿو ۽ مولانا محمد اسماعيل شهيد جي ڪتاب “تقويته الايمان” کي انهيءَ جو ترجمو سمجهان ٿو، اسلام بنيادي مسئلي توحيد جي باري ۾ ته منهنجو اهو مسلڪ آهي، جيڪو هي بيان ٿيو، پنهنجي استاد شيخ الهند کان اسان جيڪي خاص ڳالهيون سکيون آهن، انهن مان هڪ اهم شيءِ جهاد جو مسئلو آهي، اسان جي شاگرديءَ جي زماني ۾ انهيءَ مسئلي تي وڏا وڏا بحث ٿي رهيا هئا، عليڳڙهه پارٽي جهاد جي معنيءِ نئين طريقي تي ڪندي هئي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ اهڙا شبها پيش ڪندي هئي جنهن جو جواب ڏيڻ آسان نه هو، خدا جي فضل سان اسان کي حضرت شيخ الهند جي صحبت جي فيض سبب انهيءَ مسئلي ۾ پورو اطمينان حاصل ٿي ويو هو، ان ڪري علي ڳڙهه جي شاگردن سان ان معاملي ۾ جيڪڏهن اسان جي گفتو ٿيندي هئي ته اسان انهن کي جهاد جو اصلي مقصد صحيح طريقي سان سمجهائي سگهندا هئاسين.

قرآن مجيد جو ترجمو. فتوح الغيب جي توحيد ۽ جهاد پنهنجي اصلي معنائن ۾ هي هو اسان جو مقصد، جنهن تي اسان علمي سرگرمين جو مدار رکيو. امروٽ (ضلع سکر ۾) اسان اهائي شيءِ پڙهائيندا رهياسين، جهاد جي مسئلي جي چٽائي ۽ ان جي عملي تعبير لاءِ اسان کي امام ولي الله، امام عبدالعزيز، شاهه اسماعيل شهيد ۽ ان جي ساٿين جي تاريخ ۽ انهن جون حالتون پڙهائڻ جي ضرورت پئي، ڳالهه هيءَ هئي جو جهاد کي خالي عقلي طور تي سمجهائڻ اسان وٽ ڪافي نه هو، اسان گهرون پيا ته شاگردن جي سامهون ان جو عملي طريقو پيش ڪيون ۽ سڀئي ڄاڻن ٿا ته امام ولي الله کان وٺي مولانا اسماعيل جي شهادت تائين هن خاندان جي جهاد جي واقعن جو خصوصي ڳانڍاپو رهيو آهي، اسان ديوبند ۾ شاگرديءَ جي دوران هن خاندان جون حالتون بزرگن کان ٻڌندا هئاسين، انهيءَ ڪري هاڻي اسان جيڪو تعليم جو سلسلو شروع ڪيو ته اسان هيئن ڪيوسين جو اڳ ۾ ته قرآن مجيد منجهان جهاد جو مسئلو شاگردن کي سمجهايون ٿا، پوءِ وري صحيح حديثن ذريعي انهيءَ تي روشني وجهون پيا، پوءِ صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين جي انهيءَ باري ۾ زندگي پيش ڪيون پيا ۽ ان کان پوءِ امام ولي الله جي طريقي مطابق جهاد جا احڪام بيان ڪيون پيا ۽ پڇاڙيءَ ۾ شاگردن تي هي واضح ڪيون پيا ته ڪهڙي طريقي سان اڄ جي زماني ۾ هاڻوڪين حالتن هيٺ جهاد جو حڪم قابل عمل ٿي سگهي ٿو.

توحيد ۽ جهاد، هي ٻه شيون هيون جن تي اسان شاگردن کي تعليم ڏيڻ وقت خصوصي توجهه ڏيندا هئاسين، توحيد ۽ جهاد جي انهيءَ نموني تعليم ڏيڻ هر مسجد ۽ مدرسي ۾ آسان نه هئي، امروٽ ضلع سکر ۾ حضرت مولانا تاج محمد رحمته الله عليه اسان لاءِ پيءُ جي مثال هو، ان ڪري اسان تي آرام سان ۽ اطمينان سان منشا مطابق تعليم ڏيندا رهياسون، امروٽ ۾ ڪجهه عرصو پڙهائڻ کان پوءِ حضرت شيخ الهند پنهنجي مشن ۾ اسان جو درجو وڌايو ۽ پاڻ اسان کي سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ جو ٻيو به طريقو سيکاريو ۽ اسان انهن جي حڪم مطابق ڪم شروع ڪيو ۽ ڪنهن کي به اهو ڪو نه ٻڌايو ته هي ڪم حضرت شيخ الهند جو ٻڌايل ڪري رهيا آهيون، ظاهر ۾ اسان اهو ڪم پنهنجي نالي سان ڪري رهيا هئاسون، منهنجي مهربان بزرگ حضرت امروٽي صاحب کي انهيءَ نموني ڪم ڪرڻ پسند نه آيو، ان ڪري اسان مجبور ٿي امروٽ جي بجاءِ ڳوٺ پير جهنڊي، ضلع حيدرآباد سنڌ ۾ دارالرشاد نالي سان هڪ مدرسو ٺاهيو ۽ اسان کي انهيءَ مدرسي کي پنهنجي مرضي مطابق هلائڻ ۾ پورو اختيار هو ۽ پير صاحب جهنڊي وارن سان اسان جو هي فيصلو ٿي چڪو هو ته اسن جي ڪم ۾ بلڪل دخل نه ڏيندا ۽ انهن انهيءَ واعدي کي سچيءَ دل سان نڀايو.

دارالرشاد م جڏهن اسان پنهنجي ڪم کي سهڻي نموني ڪري ڏيکاريو ته حضرت شيخ الهند اسان جو درجو اڃا به وڌايو ۽ مون کي ديوبند گهرائي ورتائون ۽ مدرسي ديوبند جي پاليسي بابت اسان جا مشورا ٻڌڻ لڳا، انهيءَ زماني ۾ حضرت شيخ الهند اسان کي جهاد جي حقيقت جي ٻي پيڙهه سمجهائي، عام طور تي جهاد لاءِ هي شرط آهي ته مسلمان بادشاهه هجي ۽ ڪافرن سان مقابلي جو ڪوئي امڪان نظر اچي ته پوءِ جهاد فرض ٿي پوي ٿو، پر ائين به ٿي سگهي ٿو ته مسلمانن ۾ انهن جو ڪو بادشاهه نه رهي ۽ نه انهن وٽ فوجي طاقت موجود هجي ته اهڙين حالتن ۾ ڇا جهاد جو حڪم کڄي ويندو؟

حضرت شيخ الهند اسان کي اهڙو مشڪل مسئلو سمجهايو ۽ ان لاءِ ارشاد فرمايائون ته اهڙين حالتن ۾ هر هڪ مسلمان مٿان فرض آهي ته پنهنجي جماعت ٺاهي ۽ جهاد ڪري، حضرت شيخ الهند اسان کي سنڌ ۾ انهيءَ نموني ڪم ڪرڻ جو حڪم فرمايو هو ۽ اسان ڪجهه انهيءَ طريقه ڪار کان واقف به ٿياسون ۽ جڏهن سنڌ مان ديوبند پهتاسون ۽ جميعت الانصار جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيوسون تڏهن به اسان جي سامهون حضرت شيخ الهند قدس سره جو اهو فرمان هو.

جهاد جي متعلق اهو نقطه نظر ۽ انهيءَ مطابق ڪم ڪرڻ اها اسان جي خصوصيت هئي، جا اسان حضرت شيخ الهند جي صحبت ۾ رهي حاصل ڪئي هئسون، ان کان پوءِ حالتون اهڙيون ٿيون جو حضرتن کي اسان کي ڪابل موڪلڻ جي ضرورت پئي، اتي اسان شروع شروع ۾ جهاد جي پهرين پيڙهه کي پنهنجو مقصود بنائي ڪم ڪيو، يعني مسلمان بادشاهه جي موجودگي مسلانن جي فوجي طاقت هوندي جهاد جي حڪم جي تعميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان کان پوءِ اهڙيون حالتون ظاهر ٿيون،جو اسان کي ڪابل ڇڏڻو پيو، ان ڪري اسان اتاهون روس هليا وياسين، روس جي سياست جو اسان مطالعو ڪيو ته اسان کي هي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته جهاد جي ٻي پيڙهه جا اسان کي حضرت شيخ الهند سيکاري هئي، يعني جڏهن مسلمانن جي حڪمران طاقت ۽ انهن جي فوجي طاقت موجود نه هجي ته ان وقت هر مسلمان تي اهو فرض آهي ته پنهنجي جماعت ٺاهي ۽ جهاد ڪري، انهيءَ کي يورپ ۾ انقلاب جي نالي سان سڏين ٿا، انهيءَ زماني ۾ روس يوپر جي انقلاب جو مرڪز هو، اسان اتي ست مهينا رهياسين ۽ يورپ جي انقلاب جو چڱيءَ طرح اڀياس ڪيوسون، انهيءَ مطالعي  اسان جون اکيون کولي ڇڏيون ۽ اسان ڏٺو ته جهاد جي ٻي پيڙهه جنهن کي مڪمل بيان حجته الله البالغته ۽ ازالته الخفاء عن خلافته الخلفاء ۾ اسان بار بار پڙهي آيا هئاسين، ان کي اڄ جي اصطلاحي زبان ۾ انقلاب چون ٿا، ان ڪري آءُ هاڻي انقلابي آهيان، آءُ پنهنجي هن انقلاب کي پنهنجي وطن ۾ ڪامياب ڪرڻ لاءِ نيشنل ڪانگريس ۾ اندر پنهنجي هڪ مستقل پاڙتي جو بنياد وجهي چڪو آهيان، جڏهن اسان وطن کان ٻاهر هئاسين ته اسان جي حيثيت ٻي هئي پر جڏهن وطن واپس موٽيا آهيون ته اسنا پنهنجي ٻاهرين ساٿين کان ڪٽجي چڪا آهيون.

هاڻي اسان جي سموري ڪوشش هيءَ آهي ته پنهنجي هن فڪر جو، حضرت شيخ الهند جي جماعت مان ترقي پسند “نوجوانن سان تعارف ڪرايون، پر ڪانگريس ۾ اندر رهي ڪري ڪمڪرڻ جي هن دعوت ڏيڻ مان ڪو به هي ڌوڪو نه کائي ته اسان نيشنل ڪانگريس ۾ مولانا حسين احمد مدني ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد وانگر گانڌي جي جا تابع آهيون.“

نيشنل ڪانگريس ۾ اسان جي ڪمن جي مستقل هڪ حيثيت آهي، گانڌيءَ جي جو ان سان ڪو به تعلق نه اهي، انهن ڪمن تي روشن وجهڻ جو وقت اڃا نه آيو آهي، اسان جو ۽ گانڌي جي جو هن سلسلي ۾ ڇڙو هڪ ڳالهه تي ميلاپ آهي اهو آهي عدم تشدد (اهنسا) جو مسئلو، پر ان ۾ به اسان جي ۽ گانڌي جي جي وچ ۾ فرق آهي، هو ڪنهن به صورت ۾ تشدد ڪرڻ کي جائز نه ٿو سمجهي، مگر اسان ضرورت جي وقت تشدد ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ جي حق ۾ آهيون، شروع شروع ۾ عدم تشدد جي پنهنجي هن فڪر کي بيشڪ اسان گانڌي جي جو اثر سمجهندا هئاسين پر پوءِ اسان کي معلوم ٿيو ته رسول الله ﷺ مڪه معظمه جي قيام واري زماني ۾ عدم تشدد جا پابند هئا، اصل ۾ امام ولي الله جي تحقيقات هن مسئلي ۾ اسان جي رهنمائي ڪئي آهي، ان ڪري اسان جنهن وقت عدم تشدد جي دعوت ڏيون ٿا ته اهو ظاهر ۽ باطن ۾ فقط امام ولي الله جي اتباع جي دعوت ڏئي رهيا آهيون، جيئن يورپي قومن پنهنجا انقلاب منظم ڪيا آهن اهڙي نموني آءُ امام ولي الله جي انقلابي دعوت کي منظم ڪندس. روس جي انقلاب جون ٻه مرڪزي شخصيتون هيون، ڪارل مارڪس ۽ ڪامريڊ لينن.

مون پنهنجي انقلابي دعوت لاءِ ٻه امام چونڊيا آهن، امام ولي الله ۽ امام قاسم، روسي انقلابي لا ديني هو ۽ منهنجو انقلاب امام ولي الله جي تعليمات جو خلاصو ۽ نچوڙ آهي، انقلاب هڪ ڏينهن ۾ مڪمل نه ٿيندا آهن، انقلابن جو ڪم ڏاڪي به ڏاڪي ٿيندو آهي، هن وقت اسان ڇڙو انقلابي فڪر جو تعارف ڪرائي رهيا آهيون، ديوبندن ۾ عالمن جي هڪ وڏي جماعت آهي، جيڪا جهاد جي مسئلي ۾ حضرت شيخ الهند سان متفق نه آهي، اسان انهن جي علم ۽ تقويٰ جي ته عزت ڪيون ٿا، پر انهن جي ڪمن جي پوئواري نه ڪنداسين، ديوبند ۾ حضرت شيخ الهند جي مڃڻ وارا ۽ هم فڪر عالم به ٻه حصا ٿي ويا آهن، هڪ گروهه هن انتظار ۾ آهي ته ڪوئي مسلمان بادشاهه جهاد ڪري ته اسان انهيءَ جهاد ۾ شريڪ ٿيون، اسان انهيءَ گروهه کي به نٿا مڃون.

حضرت شيخ الهند جي مڃڻ وارن مان ٻيو حصو انقلابي آهي، اسان وٽ اهي ماڻهو ئي حضرت شيخ جا صحيح جانشين آهن، اسان جو هي بيان ڪيون پيا ته حضرت شيخ الهند جهاد جي معنيٰ انقلاب ڪئي آهي ته هتي ان جي ڪجهه وضاحت ضروري سمجهون ٿا، اسان امروٽ ۾ چئن شاگردن جي هڪ جماعت ٺاهي جنهن جو مقصد هو جهاد ڪرڻ.

آءُ انهيءَ جماعت جو امير هئس، هيءَ جماعت مولانا اسماعيل شهيد جي طريقه جهاد مطابق ٺاهي وئي هئي، اسان انهيءَ جماعت سان جهاد جو ڪم شروع ڪري ڏنو، پوءِ جڏهن آءُ ديوبند ويس ۽ حضرت شيخ الهند سان ڳالهين ڪندي انهيءَ جماعت جو ذڪر ڪيم ته حضرت قدس سره انهيءَ تي تمام گهڻي خوشيءَ جو اظهار فرمايو ۽ پاڻ مون کي پنهنجي خصوصي جماعت ۾ داخل فرمايو. مٿين ڳالهه جو ڪجهه وڌيڪ تفصيل ڪجي ٿو ته حضرت شاهه اسماعيل شهيد هڪ جاءِ تي بيان فرمايو آهي ته جهاد کي قائم رکڻ فرض ڪفايه آهي، جيڪڏهن طاقت جي زور سان نه ٿي سگهي ته شهيد ٿي به جهاد قائم رکي سگهجي ٿو، اهو هر هڪ مسلمان ڪري سگهي ٿو ان لاءِ هڪ جماعت ٺاهي وڃي ته ان جو امير به چونڊيو وڃي جيئن نماز لاءِ امام چونڊيو ويندو آهي، حضرت شاهه شهيد جو هي اشارو منهنجي سمجهه ۾ اچي ويو ۽ انهيءَ جي مطابق امروٽ ضلع سکر ۾ هڪ جماعت ٺاهي ۽ اسان فيصلو ڪيو ته اسان شهيد ٿي ڪري جهاد کي زندهه رکنداسين، پوءِ جڏهن اهو تذڪرو حضرت شيخ الهند جي سامهون ٿيو ته اهي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ فرمايائون ته توکي انهيءَ جماعت جي به ضرورت نه آهي تون اڪيلو به جهاد ڪري سگهين ٿو ۽ فاتح به ٿي سگهين ٿو ۽ گڏوگڏ حضرتن فرمايو ته اها منهنجي راءِ آهي منهنجي استاد جي سمجهايل نه آهي ۽ مون اها فلاڻي حديث مان اخذ ڪئي آهي.

جيڪڏهن جهاد جو مطلب اهو آهي جيڪو مون کي شيخ الهند ؒ  ٻڌايو ته انهيءَ جو نالو انقلاب آهي، ان ڪري آءُ انقلابي آهيان ۽ جيڪو طريقو شيخ الهند مون کي سمجهايو آءُ انهيءَ طريقي جو انقلابي آهيان، منهنجو استاد، حضرت شاهه شهيد امام عبدالعزيز ۽ حضرت امام ولي الله قد الله اسرارهم جي مسلڪ تي عامل هو.

پوءِ منهنجي زندگي جو به اهوئي مسلڪ آهي ۽ انهيءَ کي حاصل ڪرڻ منهنجي سموري جدوجهد جو خلاصو آهي، اسان ٻه مسئلا ٻيا به هتي بيان ڪري ٿا ڇڏيون، سڀ کان پهريون سوال ته هي آهي ته حضرت شيخ الهند جو هي انقلاب ڪيئن عمل ۾ آندو وڃي؟ منهنجو چوڻ هي آهي ته انهيءَ لاءِ اسان کي يورپ مان سکڻ ضروري آهي، اسان جا پراڻا هٿيار هن زماني جي ڪنهن ڪم جا نه رهيا آهن، ڪمال پاشا ۽ امان الله انهيءَ ڳالهه کي ڏاڍو سمجهي ويا هئا ۽ اسان ٻاهر رهي ڪري انهيءَ حقيقت کي چڱي طرح سمجهي وياسين.

يورپ جي سائنس ۽ يورپ جا جنگي هنر اسان کي يورپ کان سمجهڻا پوندا، پر اسان جي انقلابي جماعت جو پروگرام امام ولي الله جي فڪر تي جوڙيل هوندو، جڏهن اسان پنهنجي ملڪي ماڻهن کي چئون ٿا ته يورپي بنجو ته اسان جي چوڻ جو اصل ۾ اهو ئي مطلب آهي.

جڏهن هي مڃيو ويو ته اسان لاءِ يورپ جي سائنس ۽ فنون کي حاصل ڪرڻ ضروري آهي، انهيءَ مان صاف صاف ظاهر آهي ته انهن شين کي اسان انگريزن کان وڌيڪ سهڻي طريقي سان سکي سگهون ٿا، تنهن لاءِ منهنجي راءِ مطابق مناسب ۽ موزون ٿيندو ته انگريزي ٻولي ڳالهائڻ وارين قومن سان اسان گڏ رهڻ جو فيصلو ڪيون، انهيءَ ۾ اسان جو فائدو آهي ۽ مصلحت به انهيءَ کي چاهي ٿي، انهيءَ کي مان برٽش ڪامن ويلٿ ۾ شريڪ ٿيڻ سڏيان ٿو، اسان سنڌ کي ڊومينن اسٽيٽ بڻايون ٿا ۽ برٽس ڪامن ويلٿ ۾ شريڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيون ٿا، هيءَ جيڪا ڳالهه آءُ اوهان کي ٻڌايان ٿو اها منهنجي پنهنجي آهي منهنجي استاد جي ٻڌايل نه آهي، پر انهن پوئين جنگ ۾ ترڪيءَ جي شڪست ۽ مسلمانن جي بين الاقوامي مرڪز ٽٽڻ کان پوءِ آئندي لاءِ ڪجهه هدايتون فرمايون جن مان انهيءَ قسم جو مطلب وٺي سگهجي ٿو.

هڪ ٻي ڳالهه جيڪا آهي ته موضوع کان جدا پر هن موقعي تي چئي ٿا ڇڏيون، اها هيءَ ته هن جلسي ۾ ڪيترن دوستن، هاري ۽ زميندار جو مسئلو ڇيڙيو آهي، اسان هارين جا طرفدار آهيون، اسان هارين کي تعليم ڏيڻ گهرون ٿا، انهن جي سياسي تربيت ڪرڻ گهرون ٿا، اسان انهن  کي هن لائق بنائڻ گهرون ٿا ته هو اسيمبلي جا نمائندا بنجي ڪري اسيمبلي ۾ ويهي سگهن، اسنا هارين لاءِ سڀ ڪجهه گهرون ٿا پر انهن کي زميندارن سان ٽڪرائڻ نٿا گهرون، اسان جي ملڪ ۾ زميندارن جو هڪ درجو آهي، اهي هارين کان ڍلون وٺي حڪومت کي پهچائن ٿا. جڏهن اسان حڪومت سان ئي نٿا لڙون ته هارين کي زميندارن سان ڪيئن لڙايون، اسان کي ڄاڻ آهي ته ڪيئن اسيمبلي ۾ وڃي زميدارن کان هارين جا حق وٺي سگهبا آهن، اها اسان جي خصوصي ڳالهه آهي، انهيءَ لاءِ اسان هڪ مستقل سياسي پارٽي ٺاهيون ٿا، اسان هارين جي حقن تان هٿ کڻڻ وارا نه آهيون، پر ڳالهه هيءَ آهي اسان جي ملڪ ۾ روس کان آيل هڪ تحريڪ هلي رهي آهي، انهيءَ تحريڪ ۾ ڪم ڪرڻ وارا ڪامريڊ هارين کي زميندارن سان ويڙهائڻ گهرن ٿا ۽ آءُ به روسکان ٿي ڪري آيو آهيان، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته ڪن ماڻهن جو خيال هجي ته اسان به هارين کي زميندارن سان وڙهڻ لاءِ دعوت ڏينداسون، سو اسان جي باري ۾ ائين سمجهڻ ٺيڪ نه آهي، اسان جو پروگرام وقتي نه آهي، اسان هڪ ڊگهي عملي واٽ جي طرف سڏيون پيا.

اچ ئي ممڪن نه آهي ته اسان پنهنجو سمورو پروگرام شاگردن کي ٻڌائي سگهون، هن وقت خالي اوهان کي اسان ايترو چئون ٿا ته اوهان انگرزي پڙهو، تا ته اڄڪلهه جيڪا يورپ ۾ هلچل آهي ۽ اتي جيڪو انقلاب برپا آهي، انهن جي حالتن کان سڌو سنئون اوهان واقف ٿي سگهو، اسان عربي جي شاگردن کي ٻڌائڻ گهرون ٿا ته انهن کي سڀ کان پهريائين ديوبند جو نصاب پورو ڪرڻ گهرجي، انهن کي ان نصاب جي عقليات کي به ائين پڙهڻ گهرجي جيئن ديني حصي کي پڙهن ٿا، انهيءَ مان هي فائدو ٿيندو ته هو امام ولي الله جي حڪمت کي چڱي طرح سمجهي سگهندا، ان کان سواءِ اسين اوهان کي هڪ ٻيو به مشورو ڏيون ٿا ته عربي شاگردن کي گهرجي ته  هو سنڌي فائنل جو نصاب به پورو ڪن ۽ ان جي امتحان ۾ ويهڻ جي ضرورت نه آهي، کين ڇڙو انهيءَ نصاب سان پاڻ ۾ لياقت پيدا ڪرڻ گهرجي، انهيءَ جو فائدو هي ٿيندو ته هو مولانا محمد قاسم جي ڳالهه سولي نموني سمجهي سگهندا. آخر ۾ اسان هن ڳالهه جي تاڪيد ڪيون ٿا ته توهان ماڻهن کي سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جي شهري آبادي جي اڳواڻي مسلمانن جي هٿان نڪري چڪي آهي، مگر پاسن ۽ ٻهراڙين ۾ مسلمان جا اشراف گهراڻا اڃان تائين موجود آهن، انهن ۾ چڱا پير، چڱا زميندار ۽ نيڪ علماءَ به آهن، انهن ماڻهن جا وڏا وڏا خاندان آهن، جن جو گذر زمينداريءَ تي آهي، انهن ۾ ديني علم شايع ڪرڻ جو موقعو آهي، انهن کي انگريزي زبان کان واقف ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي،

جيڪڏهن اسان جا نوجوان شاگرد همت ڪري اهو ڪم پنهنجي ڪلهن تي کڻن ته هو سنڌ ۾ اسلاميت کي نئين زندگي ڏئي سگهن ٿا. والله المستعان. اوهان مون کان پڇندا ته موجوده سياسي هنگامن کان جدا رهي عربي شاگردن لاءِ سياسي سکڻ جو آسان رستو ڪهڙو آهي، سو انهيءَ باري ۾ منهنجي راءِ هي آهي.

(الف) عربي ڄاڻندڙ شاگرد کي انگريزي زبان سکڻ گهرجي، انهيءَ جو سولو طريقو هي آهي ته اڳ ۾ هو اردو ۽ سنڌي کي رومن ڪيريڪٽر ۾ لکڻ پڙهڻ جي مشق ڪري ۽ پوءِ انگريزي جا اکر سکي ٿوري محنت ۽ اڀياس سان ايتري لياقت ڪري ويندو جنهن سان اردو پڙهي سگهي، اهڙي شاگرد جي اها حالت هوندي جا هڪ عاميءَ ماڻهوءَ جي جيڪو قرآن مجيد قرائت سان پرهڻ سکندو هجي جيئن اهو معنيٰ نٿو ڄاڻي پر عربي جا لفظ اچاري سگهي ٿو، اهڙو شاگرد انهيءَ حالت ۾ سولائي سان ٽائيپ رائيٽر جو استعمال سکي سگهي ٿو، جيئن هڪ مقرر اردوءَ ۾ تقرير ڪري يا سنڌيءَ ۾ اهو ٽائيپ رائيٽر جي ذريعي ان کي انگريزي حرفن ۾ لکي سگهندو، انهيءَ ڪم لاءِ نه درجي بندي جي ضرورت آهي، ۽ نه باقاعدي ڪنهن استادن کان پڙهڻ جي، هر شخص پاڻ ذاتي محنت سان هي ملڪو حاصل ڪري سگهي ٿو.

(ب) ان کان پوءِ انگريزيءَ جا ست ڪتاب جيڪي ميٽرڪ تائين پڙهايا ٿا وڃن، انهن کي ڪريما نام حق وانگر پڙهائي انهن جي صورتخطي پنهنجي هٿ سان لکڻ جي مشق ڪجي ۽ انگريزي ڳالهائڻ وارن جي مجلس ۾ ويهي ۽ انگريزي الفاظ صحيح صحيح اچارڻ، ذهن نشين ڪري ۽ جيڪڏهن موقعو مليس ته پاڻ به انگريزي ڳالهائي، انگريزي جا پنج ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ڊڪشنري جي مدد سان هو انگريزي اخبار جو مطالعو شروع ڪري ۽ جيڪو وقت انگريزي سکڻ لاءِ ڪڍي انهيءَ ۾ ٻيو ڪو به ڪم نه ڪري، نه حساب، نه سائنس، نه جاگرافي، انهيءَ وقت ۾ ڇڙو انگريزي صحيح لکڻ لاءِ ڳالهائڻ کي رکي، هڪ ذهين ۽ محنتي عربي دان شاگرد ڇهن مهينن ۾ هي ڪم ڪري سگهندو ۽ زياده وقت لڳو ته به هڪ سال ان لاءِ ڪافي آهي.

عربي وارو شاگرد فقط سياسي تربيت لاءِ انگرزي سکي ٿو، انهيءَ کي ڪا نوڪري ڪانهي ڪرڻي، جنهن لاءِ ان کي ڊگري جي ضرورت پوي، هي شاگرد انگريزي جي ذريعي جڏهن يورپ جي نئين تحريڪ يعني روس سوشلسٽ پروگرام جي تاريخ ۽ ان جي ڪاميابي وارين حالتن کان واقف ٿيندو تڏهن وڃي ان تي هي حقيقت کلي سگهندي ته امام ولي الله جي حڪمت جنهن تي ان جي ڪتابن حجته الله البالغه ۽ ازالته الخفاء عن خلافته الخلفاء جو دارو مدار ۽ بنياد آهي، ۽ جنهن حڪمت سان هو قرآن مجيد، صحاح سته ۽ چئن امامن جي مذهبن ۽ محقق عالمن جي سياست کي حل ڪن ٿا، اها ولي اللهي حڪمت اڄ به يورپ جي انهيءَ انقلابي تحريڪ کان اڳري ۽ مٿانهين آهي ۽ آءُ جو هي چوان ته اڄ جي يورپ کي سمجهڻ کانسواءِ حضرت امام ولي الله جي فلسفي جو مرتبو سڃاڻڻ مشڪل آهي سو انهيءَ جو مطلب به اهو ئي آهي. اسلامي تاريخ جي پهرئين هزار سال ۾ ترقي جا ڪئين رستا هئا ۽ امام ولي الله جا بزرگ به انهن رستن مان هڪڙي طريقي جا پانڌيڙو هئا.

ٻئي هزار سال ۾ جنهن جي شروعات هندوستان ۾ اڪبر جي حڪومت سان ٿي ۽ مام رباني مجدد الف ثاني انهيءَ ننواڻ جو بنياد رکڻ وارا هئا، انهيءَ ننواڻ جي تڪميل ڪرڻ وارو امام ولي الله دهلوي آهي ۽ انهيءَ ڪم لاءِ الله جل و عليٰ فقط کين ئي چونڊيو.

هن وقت هندستان ۾ مسلمانن جي ترقي لاءِ امام ولي الله جي طريقي کان سواءِ ٻيو ڪونهي، ڳالهه هيءَ آهي ته هندستان تي هن وقت يورپ جي هڪ وڏي طاقت جو جبري قبضو آهي، اسان جيستائين يورپ جي عام سياست کي نه سمجهنداسين تيستائين برطانيه کي نه سمجهي سگهنداسين، ٻين لفظن ۾ جيستائين اوهان برطانيه کي نه سمجهي سگهندو ايستائين اوهان لاءِ هندستان جي سياست سمجهڻ مشڪل آهي، نتيجو هي نڪتو ته جيڪڏهن اوهان پنهنجي ملڪ جي سياست سمجهڻ گهرو ٿا ته برطانيه کي سمجهو ۽ جيستائين اوهان يورپ کي سمجهي نه سگهندو ايستائين برطانيه کي سمجهي نه سگهندو، ان ڪري ضروري آهي ته توهان يورپ جي سياست سمجهو، پوءِ پنهنجي ملڪ جي سياست تي غور ڪيو.

امام ولي الله جي سياست، فڪر ۽ ان جي ٻڌايل عملي رستي جي سڌي هجڻ ۽ انهيءَ کي چونڊيل سمجهڻ جو وجه هي آهي ته سلطان محي الدين احمد اورنگزيب عالمگير رحمته الله عليه کان پوءِ جڏهن اسلامي سلطنت ۾ انتشار شروع ٿيو ۽ هن ملڪ تي يورپي طاتن جي غلبي جي شروعات ٿي ته عين انهيءَ موقعي تي شاهه صاحب پنهنجي سياسي تحريڪ جو بنياد رکي ٿو ۽ اهو ان نئين سياسي نظام جي ضرورت به بيان ڪري ٿو ۽ ان کي سائنٽيفڪ يعني حڪيمانه بنياد به جوڙي ٿو، انهيءَ نموني سان شاهه صاحب اسان جي ملڪ جو سياسي سلسلو ٽٽڻ نه ڏنو آهي ۽ هو هڪ آزاد هندستاني حڪومت جي شڪست سان گڏوگڏ هڪ ٻئي سياسي نظام جو نعم البدل پيش ڪري ٿو، ان ڪري آءُ چوندو رهان ٿو ته پهريائين يورپ جي سياست جو گهرو اڀياس ڪيو، انهيءَ نموني سان توهان هڪ طرف يورپ کي سمجهي ويندا ٻئي طرف هندستان کي اسان جو بيت الحڪمت ۽ محمد قاسم ولي الله ٿيالاجيڪل ڪاليج امام ولي الله جي حڪمت جي پرچار ۽ ان جي تعليم جو انتظام ڪندو.

اسان پنهنجي نوجوان شاگردن کي وڏي نرميءَ سان هن طرف ڌيان ڇڪايون ٿا ۽ بيشڪ هي ڪم مشڪل ضرور آهي، پر اسان جا نوجوان شاگرد خدا جي فضل سان وڏي همٿ جا مالڪ آهن، هو جيڪڏهن گهرن ته هپنهنجي همٿ ۽ حوصلي سان انهيءَ مهم کي سولائي سان کٽي سگهن ٿا. اسان کولي ڪري چئون ٿا ته اسان برطانيه سان جنگ جهيڙي جو خيال ڇڏي چڪا آهيون، اسان في الحال ڊومينن حڪومت حاصل ڪرڻ گهرون ٿا، اسان سنڌ جي عام ماڻهن کي ووٽ جي قيمت ٻڌائڻ گهرون ٿا ۽ انهيءَ نموني اسيمبليءَ ۾ عوام جي طاقت گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيون، ان کان سواءِ اسان کي هتي هن ڳالهه جي به چٽائي ڪرڻ جي ضرورت آهي ته اسان سنڌ ۾ سنڌين جي مستقل طور حڪومت گهرون ٿا، اسان انهيءَ سلسلي ۾ ڪو به مذهبي سوال پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين، اسان سنڌ جي سرزمين کي هڪ مستقل ملڪ مڃيون ٿا ۽ اسان هن براعظم جي باقي ملڪن سان فيڊريشن جي ذريعي شريڪ ٿينداسين، اسان سڄي هندستان کي هڪ ملڪ تصور ڪري ان تي وحداني (بونيٽري) طرز جي حڪومت ڪرڻ جو سختيءَ سان انصار ڪريون ٿا.

جيڪڏهن هندستان کي هڪ ملڪ نه سمجهيو وڃي ۽ هن براعظم جو هر ملڪ پنهنجي جاءِ تي آزاد هجي ته انهيءَ طريقي سان هندو مسلم مسئلو به حل ٿي ويندو ۽ اسان برطانيه سان سمجهوتو به ڪري سگهنداسين، پر اسان کي هي مڃڻو پوندو ته هي فڪر جيڪو اسان پيش ڪري رهيا آهيون سو بلڪل نئون آهي، ان ڪري ان کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ هڪ مستقل سياسي پارٽي جي ضرورت آهي، هي پارٽي نيشنل ڪانگريس جي اندر هي ڪري ڪم ڪندي، اسان سنڌ ۾ هن پارٽي جي تشڪيل به ڪري چڪا آهيون، ان پارٽيءَ وٽ قوم مان مراد اهو سياسي تصور آهي جنهن کي اڄ يورپ جي سياست به مڃي رهي آهي، ٻولي، تمدن ۽ معاشرت هڪجهڙي هجڻ، اهو بنياد آهي قوم جي سياسي تصور جو انهيءَ بنياد تي اسان سنڌين کي هڪ مستقل قوم مڃيون ٿا ۽ اهڙي نموني پنجابي، پشتو، ڪشميري، گجراتي، مرهٽي ۽ هندستاني ڳالهائڻ وارن کي مستقل قومن جو درجو ڏيون ٿا.

اسان هي به مڃيون ٿا ته انهن سڀني قومن جي انٽرنيشنل زبان اردو ۽ انگريزي هوندي، اهي علائقا جن ۾ هي قومون آباد آهن، انهن جون حدون بهار کان اتر ۾ پشاور تائين ۽ نربدا کان ڪشمير تائين ڦهليل آهن، اسان هن سموري ايراضي کي پنهنجو قومي وطن مڃيون ٿا، هن رقبي ۾ رهڻ وارين قومن جا پاڻ ۾ تعلق هڪ انٽرنيشنل نظام هيٺ هوندا، اسان هن جا ته حامي آهيون جيئن اڳ ۾ چئي آياسون ته سنڌ سنڌين جي آهي، پر اسان جو هي اصول ان وقت ئي عمل لائق ٿي سگهي ٿو جڏهن هنن سڀني علائقن کي اسان جي اصول تي هڪ انٽرنيشنل نظام جي تابع ڪيو وڃي، ان ڪري انهيءَ خيال جي پيش نظر اسان پنهنجي پارٽي جو نالو جمنا نربدا سنڌ ساگرد پارٽي رکيو آهي، اسان هي گهرون ٿا ته هن ساري علائقي تي اسان جي سنڌ ساگر پارٽي حڪومت ڪري ڇو ته اسان جي خيال ۾ صرف هيءَ پارٽي صحيح معنيٰ ۾ انهن علائقن ۾ هڪ اهڙو انٽرنيشنل نظام قائم ڪري سگهي ٿي، جنهن ۾ هر قوم آزاد هجي ۽ هر ملڪ پنهنجي جاءِ تي مستقل هجي.

هي آهي مختصر لفظن ۾ اسان جو نصب العين ۽ انهيءَ لاءِ اسان سياسي جدوجهد ڪري رهيا آهيون. اڳتي هلي جيڪڏهن بنگال ۽ دکن اسان سان سمجهوتو ڪندا ۽ اسان جي پارٽيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ گهرندا ته اسان وڏي خوشيءَ سان انهن کي قبول ڪنداسين، پر هن وقت اسين پنهنجي سموري طاقت نارٿ ويسٽرن انڊيا کان سواءِ ٻي جاءِ تي خرچ ڪرڻ نٿا گهرون.

(ج) اسان جي هيءَ پارٽي سنڌ جي ڪنهن به پارٽي سان جيڪا انهن اصولن کي پنهنجو بنيادي مڃيندي ته “سنڌ سنڌين جي آهي” اختلاف نه ڪندي، بلڪ اهڙي پارٽي سان اسان سمجهوتو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، تاته سڀ گڏجي ڪري ترقيءَ جي مٿين منزلن کي پهچي سگهون، آخر ۾ آءُ هر شاگرد کي وڏي تاڪيد سان وصيت ڪيان ٿو ته جيستائين هو سنڌ ساگر پارٽي جي نظرين کي پوري يقين سان نٿو مڃي ايتري تائين هو ان تي عمل ڪري نهٻين کي ئي دعوت ڏئي

پر جيڪڏهن ڪنهن درسگاهه جا استاد ۽ منتظم هن پارٽي جي نظرين کي مڃين ٿا ته اسين انهن کي مشورو ڏيون ٿا ته هو پنهنجي درسگاهه جو نالو محمد قاسم ولي الله ٽيالاجيڪل ڪاليج رکن،. اسان لڳاتار انهن کي پنهنجي ڪارائتن مشورن سان مدد ڪندا رهنداسين. والله المستعان.

© Fayaz Sindhi 2010