3/12/2011 - Birth date and Death Date ---> January updated     3/12/2011 - Birth date and Death Date ---> February uploaded     3/3/2011 - Birth date and Death Date ---> January     2/18/2011 - Choronology of 1942, 1943, 1944, 1945, 1946 & 1947 uploaded     2/16/2011 - Choronology of 1940 & 1941 uploaded     2/14/2011 - Choronology of 1939 uploaded     2/13/2011 - Choronology of 1937 & 1938 uploaded     2/9/2011 - Choronology of 1935 & 1936 uploaded     2/8/2011 - Choronology of 1933 & 1934 uploaded     2/3/2011 - Choronology of 1932 uploaded     2/1/2011 - Choronology of 1931 uploaded     1/31/2011 - People Speak About Gulhayat webpage Updated     1/30/2011 - 5TH SINDH PROVINCIAL CONFERENCE KARACHI IN SINDHI     1/19/2011 - Chronology of the sindh khilafat committee     1/16/2011 - Chronology 1927 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1839 updated     1/16/2011 - Chronology 1919 updated     1/16/2011 - Chronology 1920 updated     1/16/2011 - Chronology 1922 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1923 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1926 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1925 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1928 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1929 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1930 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1924 uploaded     1/14/2011 - Good Morning Messages updated     1/12/2011 - People Speak About Gulhayat Updated     1/11/2011 - Peer Pagara History and its Chronology     1/10/2011 - Shaheed Zulfiqar Ali Bhutto Address 15 December 1971     1/10/2011 - presidential address OF MR. M. A. JINNAH READ ON 8th OCTOBER 1938.     1/9/2011 - The First Sindh Provincial Muslim League Conference Karachi with resoulation     1/9/2011 - Pagara Corner     12/30/2010 - The First Sindh Provincial Muslim League Conference Karachi     12/22/2010 - Punjab     12/21/2010 - The site Kutte-Ji-Qabar is part of Sindh     12/21/2010 - People Speak About Gulhayat     12/16/2010 - Comments page is uploaded     12/14/2010 - Choronology is updated     12/11/2010 - VOICE OF SINDH: OPPOSES KALA BAG DAM     12/10/2010 - Presidential Address by Shaikh Abdul Majid Sindhi     12/10/2010 - Ghulam Muhammad Khan Bhurgri’s Speech     12/9/2010 - Choronology is uploaded     12/7/2010 - ALL Addresses and Speeches     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 7 april, 1996,Islamabad     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 28 March, 1996,Islamabad     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speeches and Statements on JAMMU & KASHMIR     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 20 January, 1996, Tokyo     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 30 November, 1995, Islamabad     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 04 January, 1996, Jacobabad     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 19 April, 1994, Bonn     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 3 January, 1994 Larkana     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 11th January, 1994 Hala     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech DECEMBER 5, 1993 Lahore     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech Garhi Khuda Buksh 4 April, 1994     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 20 November, 1994, Larkana     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 14 March, 1995, Islamabad     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 07 November, 1995, Tehran     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech Islamabad 27 February, 1994     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 8 june, 1994, Islamabad     11/30/2010 - M.Q.M Updated     11/30/2010 - P P P Press Clipping     11/30/2010 - Simon Commission     11/25/2010 - The British Empire League updated     11/24/2010 - Sugar Crises     11/24/2010 - Stories of founder     11/23/2010 - Dr Pathan Presentation on Sindhi Culture     11/22/2010 - Complete Good Morning Messages     11/19/2010 - Index of social Organizations updated     11/19/2010 - Eminent social workers part1     11/15/2010 - Birth date and Death Date ---> January     11/14/2010 - Gul hayat institute’s holdings On muslim league     11/14/2010 - PIRs OF SINDH AGAINST NON CO-OPERATION     11/14/2010 - Sindh Zamindars Association Updated     

مکي گوبند رام پريتمداس جي تقرير

(ائنٽي سنڌ سيپريشن ڪانفرنس، حيدرآباد، 18 ۽ 19 جون 1932)

صاحبو! آءُ آجيان ڪميٽيءَ پاران اوهان صاحبن جا وڏا احسان ٿو مڃان جو اوهين صاحب هيڏي مفاصلي تي تڪليف وٺي به اچي هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا آهيو.

جنهن مراد سان اسين گڏ ٿيا آهيون سا اوهان صاحبن کي نيڪ روشن آهي ۽ مون کي يقين آهي ته اوهين صاحب مون سان شامل راءِ ٿيندا ته خاص ڪري هن وقت جڏهن پيسي جي تنگي بيٺي آهي اگهه ڪري پٽ پيا آهن ۽ براج جي سڌارن ڪري به ماڻهن ۽ پئسي لاءِ ڇڪ ٿيڻي آهي، تڏهن سنڌ جي جدائي جهڙو مکيه سوال سنڌ لاءِ ٻيو ڪونهي، اسان وَر وَر ڏئي انهيءَ واهيات رٿ تي اعتراض ورتو آهي، پر اڃان تائين ته انهيءَ وريو ڪينهي، هند سرڪار توڙي اسان جا نيتائون سڄي هندستان جي راڄنيتي ويچارن ۾ اهڙو ته وڪوڙيا پيا آهن جو هن سوال جو پورو ۽ سچو اڳو پيڇو ڳڻڻ کان وؤن پيا وڃن ۽ سنڌ جي هندن جا تمام واجبي اعتراض سڀ ڪن پٺيان ورائي ڇڏيا اٿن. هن سوال جي شروع کان سڄي سڀ ڪن پٺيان ورائي ڇڏيا اٿن. هن سوال جي شروع کان سڄي سرسري تواريخ ۾ وڃڻ جو ضرور ڪونهي، پر ٻاهرين ماڻهن ۽ نيتائن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪي حقيقتون پيش ڪرڻ واجب ٿو سمجهان.

اسان جو پرڳڻو بمبئي کاتي سان 80 ورهيه گڏيل رهيو آهي، انهن 80 ورهين جي عرصي ۾ ڏسو ته ڪيتري نه ترقي ڪئي  اٿس!، آدم 30 سيڪڙو وڌيو آهي، زراعت وڏو ئي واڌارو ڪيو آهي، واهن جي سڌارن ڪيترا بيابان سبز ڪري ڇڏيا آهن، تعليم ۽ مڪاني خود حڪومت جي ڪم ۾ اسان بمبئي، گجرات ۽ مهاراجشٽرا سئين وک کنئي آهي، ڪراچي بندر جو اڳي رڳو مهاڻن جو ڳوٺڙو هو، سو وڌي ڌڪ گهٽ مدراس، بمبئي ۽ ڪلڪتي سان ڪلهو ٿو هڻي، مالي خيال کان اچبو ته سنڌ کي بمبئي کاتي مان پئسي جي چڱي هٿي ملي آهي، بئراج، جنهن جيڏي اسڪيم سڄي هندستان جي هيل تائين عمل ۾ نه اچي سگهي آهي، سا سنڌ جي عملي صورت وٺي سگهي آهي، واپاري خيالن کان اچبو ته سنڌ جي مکيه واپاري قومن، يورپين، هندن، پارسين، خواجن، سڀني جو لاڳاپو بمبئي سان آهي، ايتري قدر جو ڪراچي جا گهڻا رهاڪو نه صرف سنڌي ٻولي، پر بمبئي کاتي جي ٻين ڊويزنن جون ٻوليون پيا ڳالهائين، وري ڏسو ته سهين ته هن وقت جڏهن بيراج مان فائدا ۽ سڌارا ظاهر ٿيڻ تي اچي بيٺا آهن ۽ سنڌ جا ماڻهو انهن لاءِ واجهائي رهيا آهن، تڏهين ٻاهرين نيتائن دو طرفي وجهي هندو مسلم ٺاهه جي بهاني سنڌ کي صدقي جي ٻڪري ڪرڻ تي ڪمرڪشي آهي! بمبئي کاتي سان 80 ورهين جو سٻنڌ معمولي ڳالهه نه آهي ۽ هرڪو قبول ڪندو ته اهو سٻنڌ ٽوڙڻ لاءِ سبب به تمام قوي هئڻ گهرجي. سال 1919ع واري سڌاري جي ائڪٽ ۾ پرڳڻن جي ڀڃ ڊاهه لاءِ ڪي شرط ڏنل آهن، پر سنڌ جي جدائي لاءِ انهن شرطن جو ته ويچار ئي ڪو نه ڪيو ويو آهي، ان جي بدران سڌو ئي سڌو اهو سوال سائمن ڪميشن اڳيان پيش ڪيو يو ۽ جيتوڻيڪ ملڪ ۾ سائمن ڪميشن جو بائڪاٽ زور هو ته به سنڌ هندو ائسوسئيشن همٿ جهلي ڪميشن اڳيان وڃي سنڌ جي جدائي جي با دليل مخالفت ڪئي. ڪميشن سان گڏ جا بمبئي واري ڪاميٽي ويٺي هئي تنهن تي انهن دليلن ايترو ته اثر ڪيو جو سندن چيئرمين سر شاهنواز ڀٽي ۽ ٻٽي ٻين ميمبرن سواءِ هڪ جي فيصلو ڏنو ته سنڌ جي جدائي ۾ بمبئي سرڪار جي مشڪلاتون ڏيکاريون آهن، سي سچيون آهن ۽ وزندار آهن، رڳو مالي خيال کان به سنڌ جي جدائي ٿي ڪين سگهندي ۽ پورن پرانتڪ خودمختياري وٺڻ لاءِ سنڌ کي بمبئي کاتي سان ئي ڳنڍيل رهڻ گهرجي. سئمن ڪميشن کي به جيتوڻيڪ گمراهه ڪيو ويو ته واپاري توڻي سرڪاري ڪمن لاءِ ڪراچي کان بمبئي ڏي رستو سمنڊ جو آهي ۽ خشڪي لاهور کان ئي رستو آهي ته به فيصلو ڏنائين ته سنڌ کي جدا ڪرڻ ۾ حڪومتي اعتراض آهن ۽ بئراج جي آئينده جي خاطري ٿيڻ کان اڳي سنڌ کان بمبئي کاتي جي نشست کسڻ نه گهرجي، نه رڳو ايترو پر مالي ارچڻ تي زور ڏئي هن ڪميشن پرڳڻن جي ڀڃ ڊاهه لاءِ ڪي شرط ڏنا، پر هند سرڪار رٿ ڏني ته سنڌ جي سوال لاءِ ڪميشن مقرر ٿئي، بمبئي سرڪار به ان ۾ شامل راءِ ٿي، اسان سمجهيو ته هاڻ انهيءَ نئين ڪميشن اڳيان هي سوال نئين سر لياقتن تي فيصلي لاءِ ايندو. بمبئي سرڪار رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس تي سنڌ جي جدائي جي مخالفت ڪرڻ لاءِ عيوضي ڪو نه موڪليو ۽ هند سرڪار به اوڏهين سنڌ جي هندن جو ڪو عيوضي روانو ڪو نه ڪيو، تنهن مان به خاطري ٿي ته هي سوال ائين پر ٻاهرو رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس نبيري ڪونه اٿندي، پر اوچتو ئي اوچتو خبر آئي ته لنڊن ۾ رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس جي مئنارٽي ڪاميٽي اڳيان هي سوال آيو، جنهن وري هڪ سب ڪاميٽي مقرر ڪئي ان کي ڪن هدايتن سان هي سوال سپرد ڪيو آهي، هدايتون وري اهڙيون مليس جو سائمن ڪميشن جي رپورٽ تي بيٺل رٿون به ٿڏي ڦٽيون ڪرڻيون هئس، سب ڪميٽي جيڪا مقرر ٿي تنهن تي ٽي هئا برٽش مدبر جي سنڌ ۾ رهيا ئي ڪو نه هئا، ست مسلمان جن مان ٽي هئا سنڌي ۽ ٽئي سنڌ جي جدائي جا شايق، پنج هندو جي نه سنڌ ۾ رهيا هئا ۽ نه ڪا هن سوال جي واقفيت هئن، ٻه ڄڻا پارسي ۽ ٻئي ٻاهريان، هڪ هو يورپي جنهن کي به خبر خير ڪا هئي، سر شاهنواز ڀٽو جنهن سائمن ڪميشن وقت سنڌ جي جدائي جي زبردست مخالفت ڪئي هئي، سو لنڊن ۾ ڦڙتي کائي ويو ۽ سر غلام حسين به اتي لنڊن ۾ پهچي آکڻ لڳو ته مان بمبئي سرڪار جو عيوض ڪو نه ٿي آيو آهيان پر مسلمانن جو، مطلب ته اتي ڪو رهيو ئي ڪو نه جو سب ڪاميٽيءَ کي سوال جو ٻيو پاسو ڏيکاري سگهي، يا جيڪڏهن ڪو سب ڪاميٽيءَ کي گمراهه ڪري ته ان کي حقيقتن سان رد ڏئي سگهي، مثلاً سب ڪاميٽيءَ اڳيان چيو ويو ته سنڌ جو 95 سيڪڙو آدم سنڌ جي جدائي جي فائدي ۾ آهي، يورپي جدائي گهرن ٿا، پارسي ته سنڌ جي جدائي لاءِ ڌئيندا رهيا آهن، سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن وچ ۾ سنڌ جي جدائي مت ڀيد آهيئي ڪو نه ۽ پهرين پهرين سيٺ هر چند راءِ سنڌ جي جدائي طلب ڪئي هئي وغيره وغيره. اهي مڙيئي ڳالهيون يا ته سڄيو بي بنياد آهن يا ته حقيقتن کي مروٽي سروٽي ٺاهيل آهن. هڪڙي ڳالهه سب ڪاميٽي اڳيان هلائي وئي ته 1922ع ۾ سر مانٽيگو ويب غير عملدار يورپين جي سفارت وٺي بمبئي جي گورنر وٽ ويو هو ته سنڌ کي جدا ڪيو وڃي، سر مانٽيگو کان لکي پڇيو ويو ته ايئن آهي ڇا؟ جواب ڏنائين ته اها ڳالهه ڪوڙي آهي، پر مون ايترو برابر زور پئي رکيو آهي ته سنڌ کي بمبئي کان ڇني پنجاب سان لڳايو وڃي، سب ڪاميٽيءَ اڳيان نهرو رپورٽ تي به زور ڏاڍو ڏنو ويو ته ان ۾ سنڌ جي جدائي قبول ڪيل آهي، پر جن شرطن تي نهرو رپورٽ جدائي قبول ڪئي هئي ۽ جي شرط مولانا شوڪت علي جهڙن مسلمانن به قبول ڪيا هئا، سي سڀ سب ڪاميٽيءَ کان لڪل رکيا وي، انهن ڪوڙن بدوڙن جيئن سب ڪاميٽيءَ کي برابر گمراهه ڪيو سو ان جي هڪ ميمبر مسٽر مودي جي نوٽ مان ثابت آهي جنهن لکيو آهي ته “اسين سنڌ جي جدائي جي سفارش ڪريون ٿا انهي اثر هيٺ ته سنڌ جو آدم جو تمام وڏو حصو طلب ڪري ٿو” سرشاهنواز ڀٽو ۽ سر غلام حسين جيڪا دليل بازي سب ڪاميٽي اڳيان جدائي جي فائدي ۾ ڪئي، عالمن تي جي حملا ٿيا، جدائي جي مخالفت ڪندڙن تي جيڪو  ڌوڙيو وسايو وي، انگن ۽ حقيقتن سان جيڪا راند ڪئي وئي تنهنجو جواب اتي ڏيڻ وارو هو ئي ڪو نه، پوءِ به سب ڪاميٽي هڪ طرف ٻڌي فيصلو ڪيو سنڌ ڀل جدا ٿئي.

سال 1931ع جي جولائي مهيني ۾ اسين هڪ سفارت وٺي سمله ۾ وائسراءِ هند هوٽ وياسون ۽ کيس سڄي حالت کان واقف ڪيوسون، اسان هن صاحب کي ڏيکاريو ته جي انگريز اهو فخر ٿا وٺن ته هنن سنڌ فتح ڪري انڌا ڌنڌ راڄ جو خاتمو اچي ڪيو ته اسين سنڌ جا هندو به اهو فخر ٿا وٺي سگهون ته انهيءَ ڪم ۾ اسين ساڻن ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺاسون، حڪمراني ڪم لاءِ ماڻهو اسان ڏنن، ڌنڌي ڌاڙيءَ جي ڪم به مدد اسان ڪين، ازان سواءِ تعليم، پنگتي سڌاري ۽ مڪاني خود حڪومت جو واڌارو سڌارو اسان جي ڪري ٿيو، اسان نه رڳو اندروني واپار وڌايو پر ٻاهر پرديسن ۾ وڃي اتان پيسو آڻي سنڌ کي سائو ڪيو، ديسي صرافڪي ڪم کي وڌائي رڳو هندستان سان نه پر سڄي دنيا جي مکيه مکيه واپاري ملڪن سان سنڌ جو سنٻند اسان رکيو، زمينداري ڪم ۾ اسان جيڪا انتي ڪئي آهي سا سرڪاري رپورٽن مان ظاهر آهي، 27 سيڪڙو زمين جا مالڪ اسان هندو آهيون ۽ مالڪ يا مقاطعدار ٿي 40 سيڪڙو ڍل اسين ٿا ڏيون، ايڪسائيز، اسٽامپ، رجسٽريشن، انڪم ٽيڪس ۽ ڪسٽمس جو بار به اسان تي ٿو پوي، جي ٽئڪس ڪا وڌي ته مسنداسين اسين ٻئي پاسي جي عدالت ۽ پوليس وغيره تي خرچ گهٽيو ته ٻهراڙين ۾ رهڻ به اسان لاءِ مشڪل ٿي پوندو، جي تعليم جو خرچ گهٽيو ته آئينده اسان جو چٽ ٿيندو، تنهنڪري سنڌ جي جدائي جي سوال ۾ وڏو واسطو اسان جو آهي، اسان وائسراءِ کي اهو به ذهن نشين ڪيو ته سکر لاڙڪاڻي ۽ اپر سنڌ فرنٽيئر جي فسادن کان پوءِ اسان کي حق آهي ته جي واسطا اسان هيڏي عرصي جي جفاڪشي سان بهاريا آهن تن جي آئينده جي سلامتي ڳوليون، پر سنڌ جي جدائي جي مخالفت اسين رڳو پنهنجي مطلب خاطر ڪا نه ٿا ڪريون، اسين ڪهڙي به بي ريا ڪميشن اڳيان ثابت ڪري سگهنداسون ته سنڌ جي جدائي سڄي سنڌ لاءِ خطرناڪ آهي.

وائسراءِ اسان کي ڌيرج سان ٻڌي قبول ڪيو ته برابر سنڌ جي هندن کي نه رڳو مالي سوال تي پر سڄي سوال تي ٻڌڻ ضروري آهي، خاطري ڏنائين ته شاهي سرڪار جي ڌيان تي اها ڳالهه آڻيندو، انهيءَ کان پوءِ هند سرڪار مالي سوال تي ويچار ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي مقرر ڪئي پر ڪوشش اها هلي ته سنڌ جي هندن جو ان تي ڪو عيوض هجي ئي نه، انهيءَ ڪاميٽي جو چيئرمين ڪيائيون پنجاب جو هڪڙو عملدار جنهن جو هڏ هميشه مسلمانن لاءِ ڪرڪندو آهي، انهيءَ ڪاميٽيءَ به رپورٽ ڪئي ته جنهن ڏينهن سنڌ بمبئي کان ڇڄي ڌار ٿي تنهن ڏينهن کان کيس هر سال 42عه110 لک کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ جي بيراج ڪا مدد نهڪيس ته اها کوٽ 63-1962 ۾ وڌي وڃي 19عه144 لک ٿيندي، ڪاميٽيءَ جي انهيءَ رپورٽ کان پوءِ لنڊن ۾ ٻي رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس ويٺي، اسان کي وائسراءِ سان گڏجڻ بعد اميد هئي ته هاڻ سڄو سوال نئين سر ڪنهن  بي رياءَ ڪميشن اڳيان ڇنڊبو ۽ اسان کي پنهنجو پاسو اُن جي اڳيان ظاهر ڪرڻ جو وجهه ملندو، پر انهيءَ ۾ به نراسائي منهن آئيسين. وزيراعظم ڪانفرنس سماپت ڪندي تقرير ڪئي جنهن ۾ ظاهر ڪيائين ته سرڪار اهو اصول قبول ٿي ڪري ته سنڌ بمبئي کان ڇڄي ڌار ٿئي، بشرطيڪ پيسي جي ارچڻ لهي سگهي. وڌيڪ اهو ظاهر ڪيائين ته هند سرڪار مالي ڪاميٽي جي ڏيکاريل تڪليفن کان دور ڪرڻ لاءِ سنڌ جي عيوضين سان پهر پچائيندي، وزيراعظم انهيءَ تقرير مان اسان کي پرون پيا ته وائسراءِ جيڪو اسان کي دلاسو ڏنو هو تنهنجي سرانجاميءَ ۾ هو صاحب ڪامياب نه ٿيو آهي، پر وري به اهو آٿت هئوسون ته رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس جي سب ڪاميٽيءَ واري فيصلي کي شاهي سرڪار ٻاهر نه ويندي ڇو ته اهو فيصلو پاڻ يڪ بار قبول ڪري چڪي هئي، انهيءَ فيصلي ۾ سب ڪاميٽيءَ سنڌ جي جدائي جو اصول قبول ڪري سفارش ڪئي هئي ته هڪ ڪاميٽيءَ ڄاڻو صاحبن جي مقرر ٿئي جا جاچ ڪري ڏسي ته سکر بيراج واري قرض جي ادائي جي خاطري ڪيئن ٿيندي ۽ سنڌ تي ٻيو قرض ڪيترو پوندو جيڪڏهن ڏسڻ اچي ته سنڌ سرڪار کي کوٽ پوندي ته پوءِ سنڌ جي عيوضين کان پڇيو وڃي ته انهيءَ کوٽ جي پورائي ڪيئن ڪندا، سب ڪاميٽيءَ جي هلچل ڪاروائي نظر مان ڪڍڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته سر فيروز سيٺنا اُتي بروقت چيو هو ته “سنڌ ڀل جدا ٿئي پر بيهڻو پنهنجي ٽنگن تي پوندس” سر شاهنواز ڀٽي جواب ڏنو هوس ته اهو ٺيڪ آهي، انهيءَ تي وري به سر فيروز سيٺنا پڇيو ته ڀلا سنڌ پنهنجي ٽنگن تي بيهي نه سگهي ته پوءِ ڀلا ڇا ٿيندو؟ جنهن تي چيئرمين جواب ڏندس ته “پوءِ سنڌ جو پرڳڻو ڇڄي ڌار نه ٿيندو” سب ڪاميٽيءَ جي مٿين سفارش پٽاندڙ گذريل مهيني ۾ ڪانفرنس ويٺي سب ڪاميٽيءَ لاءِ اهو ظاهر ڪيو ويو هو ته انهي ڪانفرنس ۾ رڳي غير عملدار رکيا ويندا پر هتي هڪ سنڌي هندو عملدار جنهن جا خيال اڳئي سنڌ جي جدائي جي فائدي ۾ هئا تنهن کي ثاڦيو ويو، عالم آشڪار آهي ته سنڌ ۾ جي اڳي سٺ ماڻهو ڪن شرطن هيٺ سنڌ جي جدائي جا شائق ٿيا هئا تن مان هن وقت باقي وڃي رهيو هو اهو مٿيون سنڌي عملدار. خير ڪانفرنس جو ڪم پورو ٿي ويو آهي ۽ رپورٽ نڪرڻ واري آهي، پر ايترو ظاهر ٿيو آهي ته ڪانفرنس جي پيئرمين رايو ڏنو آهي ته سنڌ جي پرڳڻي کي جدا ٿيڻ تي 90 لکن جي کوٽ گٽندي ۽ ڪي سال پنهنجن ٽنگن تي بيهي ڪين سگهندو، انهيءَ جي معنيٰ ته جي رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس واري سگهي، پر اتي وري به سمله مان ڏوريءَ کي ڇڪ آئي ۽ ڪوشش هلي ته وزيراعظم جي پڌرائي کي وراڪو ڏئي ٻي معنيٰ ڪڍجي. ڪانفرنس جي چيئرمين چيو ته کيس هدايت آئي آهي ته ڀل ڪانفرنس ۾ اها ڳالهه اٿاري وڃي ته ڇو نه سنڌ کي هند سرڪار وٽان پيسي جي مدد ملي، هندو ميمبرن انهيءَ تي اعتراض ورتو ته وزيراعظم جي پڌرائي پٽاندڙ رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس جي ٺهراءُ  ۽ سب ڪاميٽيءَ جي فيصلي اڳيان انهيءَ مدد جو سوال اٿيئي نٿو، پر ڪنهن ٻڌن ڪونه، مسلمانن جڏهن ڏٺو آهي ته سنڌ جي جدائي دليلن تي ملي نٿي سگهي،جڏهن ڏٺائون ته سنڌ جو پرڳڻو نون محصولن سان يا خرچ جي ڪتر سان پنهنجي ٽنگن تي بيهي نٿو سگهي تڏهن وري هن هند سرڪار وٽان مدد وٺڻ تي ڀاڙي بيٺا آهن، خود سر شاهنواز ڀٽي سب ڪاميٽيءَ ۾ چيو هو ته “سنڌ کي پنهنجن ٽنگن تي بيهڻو پوندو ۽ جي اسين خرچ جي پورائي نه ڪري سگهون ته پوءِ سنڌ جي جدائي ڪيئن ٿا گهڙي سگهون؟” هزهائينس سر آغا خان به اتي ساڳيو اهو سر آراپيو هو “ته هاڻ سنڌ پرڳڻي جي عيوضين کي ڏيکارڻو آهي ته هو ڪيئن محصول مڙا مڙهي خرچ جي پورائي ڪندا.” جڏهن اهڙيون ڳالهيون ڪيائون تڏهن ئي سب ڪاميٽي جي ميمبرن سنڌ جي جدائي جو اصول قبول ڪيو.

ڪو به بي رياءُ صاحب وزيراعظم جي پڌرائي پڙهي ڏسي ته انهيءَ اڳيان سرڪاري امداد جو سوال اٿي سگهي ٿو؟ جي سرڪاري امداد سان به سنڌ کي جدا ٿيڻو هو ته پوءِ سنڌ جي ڪانفرنس ڪوٺائڻ ۽ سنڌ جي عيوضين کان پڇڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي ته ڪيئن ٿا خرچ جي پورائي ڪريو؟ انهيءَ مان ثابت آهي ته سرڪار جي امداد جو ويچار پوءِ ڪيو ويو آهي، جڏهن ڏٺو ويو آهي ته ٻي ڪهڙي به ريت سنڌ جو پرڳڻو ڌار ٿي نٿو سگهي، مسلمان چون ٿا ته سرڪار کان امداد ڪا نه ٿي وٺجي پر سرڪار رڳو ايترو ڪري جو ٻين پرڳڻن کان جيئن مٽو وٺندي تيئن سنڌ کان نه وٺي، ٻيو ته انڪم ٽئڪس جا سنڌ مان اُڳري سان پاڻ نه کڻي سنڌ کي ڏئي ڇڏي، ٽيون ته سنڌ تي جو قرض بيٺو آهي سو کيس بخشش ڪري پاڻ تي کڻي. پر انهن رٿن جي معنيٰ اها ڪانهي ته سنڌ کي امداد ملي؟ مسلمانن جو چوڻ آهي ته نارٿ ويسٽرن فرنٽيئر کي جيئن ڌار ڪري سرڪار پاڻ تي بار کنيو آهي تيئن سنڌ کي ڌار ڪري به بوجو پاڻ کڻي، پر اهو ڪو نه ٿا ڏسن ته نارٿ ويسٽرن فرنٽيئر کي سرڪار پنهنجي پاليسي پٽاندر از خود ڌار ڪيو آهي ۽ سنڌ جي جدائي سنڌ جا مسلمان پنهنجي سهوليت لاءِ ٿا گهرن جا سرڪار کين ڪن شرطن سان ڏيڻ قبولي آهي.

رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس تي سنڌ جي جدائي جي فائدي ۾ هڪڙو دليل ڏنو ويو ته بمبئي سرڪار سنڌ جي پوري پرگهور نه لڌي آهي، جيتوڻيڪ حقيقت اها آهي ته بمبئي سرڪار کي سنڌ مان جا اپت پئي ٿي آهي تنهن کان مٿي مٿس خرچ پئي ڪيو اٿس، پر هتي سوال آهي ته جي سنڌ جو پرڳڻو جدا ٿيو ته سندس حالت هينئر کان بهتر ٿيندي يا نبتر؟ انهيءَ لاءِ خود مسلمانن، مالي ڪاميٽيءَ يا سنڌ ڪانفرنس اڳيان جيڪي ظاهر ڪيو آهي سو ڏسو ته ڇا ٿو ڏيکاري؟ سندس چوڻ موجب بمبئي سرڪار ابتدائي تعليم، شراب جي بندش ۽ براج جي سڌارن ڀلي جو وڌيڪ خرچ ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکيو آهي سو سڀ هينئر بند ٿي ويندو، لئنڊ رڪارڊس، ايڪسائيز، اسٽامپ رجسٽريشن، پوليس، تعليمي، صحتي ۽ ٻيلن جي کاتن ۽ ٻين جا هيڊڪوارٽر وارا عملا سڀ نڪري ويندا ۽ جادو جي لڪڙي گهمڻ سان اسان جا ڇوٽا صاحب ڦري بڙا صاحب ٿي پوندا، نه رڳو ايترو پر سنڌ جي چيف ڪورٽ وارو ائڪٽ منسوخ ٿي ويندو يا جڊيشل ڪمشنرن جو تعداد گهٽجي ويندو، نوابشاهه کي جڊيشل ڊسٽرڪٽ بنائڻ جي ضرورت لهي ويندي. اسڪولن مٿان انسپيڪٽر نڪري ويندو، بورسٽل اسڪول ڪو نه گهربو، پوليس ٽريننگ اسڪول جي گهرج ڪانه ٿيندي، دادو ۽ گوني جا نوان ضلع ٺاهڻ جو خيال لاٿو ويندو، ڪراچي، حيدرآباد جي سول سرجن کي جيلن جي چارج به ڏياري ويندي، پنهنجي يونيورسٽي ۽ پنهنجا ڪاليج وغيره ڪو نه کپندا، زراعتي، ڊاڪٽري، اليڪٽرڪ ۽ مڪنيڪل سکيا لاءِ بندوبست ڪو نه ٿيندو. روينيو ڪمشنر، دفتردار، سپروائيزنگ تپيدار ۽ حضور ڊپٽي ڪليڪٽر نڪري ويندا. ليجسيٽلو ڪائونسل ڪٺي ڪرڻ لاءِ ٻي جاءِ ڪا نه لڀندي، تنهن ڪري جڊيشل ڪمشنر جي ڪورٽ جي ڪن ڪمرن ۾ ڪٺي ٿيندي ۽ سڌارن جا ڪم سڀ بند ٿي ويندا، هڪ پاسي اهو، ٻئي پاسي خرچ ڪهڙو ٿا رٿين، جي گورنر جي ٻن سيڪريٽرين جي عملي جو خرچ 8 سئو روپيا مهينو ايندو، هوڏانهن آسام سرڪار جي هڪڙي سيڪريٽريءَ جي عملي جو خرچ 17 هزار ساليانو ٿو اچي، گورنر جي گشت جو خرچ ههڙن زبون رستن تان 10 هزار روپيه ٿا ٿين.

هوڏانهن سرحد جي چيف ڪمشنر جي ههڙن عاليشان رستن تان گشت 35 هزار ٿو کائي، سنڌ جي ٽن وزيرن ۽ انهن جي عملي جو خرچ ايترو ڪو نه ٿا رکن، جيترو آسام ۾ ٻن وزيرن سان ٿو اچي. جنهن سيڪريٽريءَ کي آسام ۾ ملن ٿا 27 سئو پگهار تنهن لاءِ هتي ٿا رٿين 8 سئو رپيا! بمبئي سرڪار رپورٽرن ۽ ڪلارڪن تي خرچي 43 هزار ته هتي خرچ ٿا رکن 12 هزار، بنگال ۾ آهن 29 سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار، مدارس ۾ 24، بهار ۾ 22، برما ۾ 27، گڏيل علائقن ۾ 24، وچ علائقن ۾ 15، پنجاب ۾ 35، آسام ۾ 9 پر هتي چون ٿا ته سنڌ سرڪار جو سڄو ڪاروبار هڪ سيڪريٽري ٻن هزار پگهاروارو ۽ ٻه 8 سئو پگهار وارا هلائي ويندا، نه رڳو ايترو پر انهن کان روينيو ڪمشنر،ايڪسائيز ڪمسنر، ڊئريڪٽر لئنڊ رڪارڊس، انسپيڪٽر جنرل آف رجسٽريشن جي عهدن جو ڪم به ورتو ويندو!، چون ٿا ته ڪمشنر ۽ سندس عملي تي جو هينئر خرچ آهي تنهن کان به لک روپيه گهٽ خرچ پوءِ ايندو، انهيءَ مان اوهين صاحب سمجهي سگهندا ته سنڌ جو پرڳڻو جدا ٿيو ته ڪهڙي درگتي ٿيندي، تنهن کان ڇو نه ٿا ڇڙڪ ائين چون ته هڪ ئي ڌڪ سان سنڌ خيرپور رياست بنائبو، يا اڳيون ميراڻو راڄ برپا ڪبو؟

وري اچو ڍلن تي ته ڪهڙيون ٿا رٿين؟ ڪيتريون نيون ڍلون ويچار ۾ اٿن، پر انهن مان رڳي هڪڙي آهي جنهن جو ڪي قدر بار مسلمانن مٿان پوڻو آهي، اها آهي ته روينيو ڍل روپيه تي آنه وڌائي وڃي انهيءَ مان به اپت کي اوج ايندي رڳي ڏهن لکن جي، جنهن مان 40 سيڪڙو هندن کي ڀرڻو پوندو، جي ويچارا سنڌ جي جدائي گهرن ئي ڪا نه ٿا، ٻي ٽئڪس رٿي اٿن وڪيلن، ڊاڪٽرن ۽ وياج خورن تي جي سڀ گهڻو ڪري غير مسلمان آهن، گهرو نوڪر رکندڙن تي جا ٽئڪس رٿي اٿن سا به گهڻو ڪري غير مسلمانن تي مڙهجڻي آهي ڇو ته ٻهراڙين ۾ مسلمان زميندارن جا نوڪر انهيءَ قطار ۾ اچي نٿا سگهن، تماڪ واري محصول جو به بار پوڻو آهي، شهرن تي جن ۾ گهڻو آدم غير مسلمانن جو آهي، ٻاهران ايندڙ ڪپهه تي محصول پيو ته پنجاب جي پوک ڪندڙن کي هرج رسندو جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو ته جو ڪراچيءَ جو واپار ڦري ٻيا پاسا ساوا ڪندو، پر وڪيلن، ڊاڪٽرن ۽ وياج خورن جي ٽئڪس ٻه لک مس ڏيندي، تمام جي ٽئڪس به ٻه لک کن ڏيندي ۽ ڪپهه جي ٽئڪس به ڏهه لک  گهڻي ۾ گهڻو ڏيندي. سوال آهي ته ٻي هيتري ساري کوٽ جو منهن ڪير ۽ ڪٿان ڀريندو؟

سنڌ کي جيڪو وياج جي صورت ۾ قرض ڏيڻو آهي تنهن جي ادائيءَ لاءِ اسان جا مسلمان دوست جو رستو ٿا ڏسين سو اهڙو آهي جهڙو ڪو قرض پسري وڃڻ، چون ٿا ته اهو قرض بمبئي ۽ سنڌ سرڪارون ورهائي 85 سيڪڙو ۽ 15 سيڪڙو ڪري پاڻ تي کڻن، يعني چوڻ اٿن ته بئراج جي زمين جي نيڪال مان جا اپت ٿئي ۽ ڍل جي صورت ۾ جو پئسو اچي سو سڄو سنڌ سرڪار کڻي، پر اصل لاڳت ۾ ان تي وياج جو وڏو حصو بمبئي ڀري ڏي، پروفيسر ڀٽيجا ٿو چوي ته انهيءَ سڄي قرض جي پٽي هند سرڪار ميساري ڇڏي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو  ته هند سرڪار وري به سنڌ کي امداد ڏي،  مالي تجربي ڪارن جي ڪاميٽيءَ برابر اهو چيو آهي ته جهونو خرچ اڳئي اپت مان ڪيو ويو آهي. سو قرض نه سمجهيو وڃي، پر ان جي به صفائي ڪئي اٿس ۽ ڏيکاريو اٿس ته جو قرض اڃا چالو آهي يعني جا اصلوڪي لاڳت اڃا وصول نه ٿي آهي ۽ جنهن تي وياج هلندڙ آهي سو قرض سمجهي ڏيڻو آهي، بئراج جي شروعات واري اسڪيم ۾ صاف ڏيکاريل آهي ته زمين جي وڪري ۽ ڍل مان اڳين لاڳت ۽ وياج جي ادائي ٿيڻي آهي، بمبئي سرڪار اڳئي 81 لک روپيا وياج طور ڏنا آهن، هند سيڪريٽري به انهيءَ شرط سان سڄي اسڪيم منظور ڏني ته باقي رهيل وياج اصلوڪي لاڳت واري موڙيءَ سان گڏيو ويندو، بمبئي جي ليجسليٽو ڪائونسل به انهيءَ تي شرط سان بئراج جو بوجو پاڻ تي کنيون، جي سنڌ بمبئي سان آهي ته اهو سڀ قرض زمين جي وڪري ۽ ڍل جي وصولي مان ڏنو ويندو، اهو چوڻ واهيات آهي ته سنڌ رڳي ڊيڪن اريگيشن تي يا بمبئي جي بئڪبي جي سڌاري تي پيسو ڏنو آهي، 1921ع کان جڏهن پرڳڻي جو جدا حساب رکڻ ۾ آيو آهي تڏهن کان سنڌ جي ڪنڌي ۾ سال بسال اڌ ڪروڙ جي کوٽ جڙي بيٺي آهي، پوءِ سنڌ ٻاهرين کين ڪيئن مدد ڪئي؟

آئينده جيڪو خرچ ٿيندو تنهنجي باري ۾ اسان جن مسلمان دوستن تجربيڪارن جي ڪاميٽي جي راءِ يا بمبئي سرڪار جي راءِ تي کڻي چشم پوشي ڪئي آهي، جنهن کي سنڌ جي حالتن جي واقفيت آهي، سو قبول ڪندو ته بئراج جي اپت ايتري مس ٿيندي جو بئراج جي حدن اندر وڌيڪ خرچ جي پورائي ٿي اچي، بئراج جا اگهه اڳئي اهڙا چوٽ چاڙهي رکيا ويا آهن جو زميندارن بروقت دانهن ڪئي آهي، هن تنگيءَ جي سمي ۾ زميندار ويچارا چالو ڍل ڏيڻ جي به سمر نٿا رکن، مسٽر گرين صاحب 1932ع جي جنوري جي اگهن تي رٿون ڏنيون آهن پر انهيءَ کان پوءِ به اگهه ڪيترو ڪريا آهن، خود سر شاهنواز ڀٽي رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس تي تقرير ۾ دانهين واري دانهن ڪئي ته “اسان کان ماڻهو حساب وٺندا، ماڻهن وٽ پئسو ڪونهي، اڳئي بک ۾ پيا پاهه ٿين، تنهن ڪري وڌيڪ ڍلون بنهه ڏئي ڪين سگهندا”

اهي سڀ ڳالهيون ڳڻي مان سرڪار کي آگاهه ٿو ڪريان ته سنڌ جو پرڳڻو ڪي پيڙهيون پنهنجي ٽنگن تي بيهي نه سگهندو ۽ هن نهايت ڪٺن سمي ۾ جي ڍلون وڌايون ويون ته ماڻهن ۾ سخت ناراضپو پيدا ٿيندو، خاص ڪري غير مسلمانن ۾ جي سنڌ جي جدائي جي برخلاف آهن ۽ جن جي مٿان وڌيڪ ڍلن جو بوجو پوڻو آهي.

صاحبو! راڄنيتي رڳڙن جي وچ ۾ جڏهن سرڪار کي هڪ پاسي خاموش مقابلي جي هل چل منجهايو آهي ۽ ٻئي پاسي مسلمانن اچي گهٽيو آهي، تڏهين خوف آهي ته هندن جي واجبي اعتراضن تي ڪن ٽار ڪئي ويندي، انهيءَ ڪري منهنجي همدردي انهن سڄڻن سان آهي جو اهو ايمان وڃائي ويٺا آهن ته ڪم انگريز هندستان جي قومن جي ڇڪتاڻ ۾ پورو انصاف ونڊي سگهندا!، مون کي خبر آهي ته ڪي جوان انهيءَ خيال جا آهن، سنڌ جي هندن کي ٻيو رستو ڪونهي سواءِ انهيءَ جي ته جڏهن هند سرڪار مسلمانن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڳڻ ڳوت کان سواءِ نفع نقصان جي ويچار ڪرڻ کان سواءِ هنن جي غير واجبي ڳالهه مڃي کين نئين سنڌ سرڪار برپا ڪري ٿي ڏي، تڏهن انهيءَ سنڌ سرڪار جو باقاعدي ۽ باامن امان مقابلو ڪجي، پر منهنجو چوڻ آهي ته ايتري مايوسي اجائي آهي، جي کڻي اسان جي سڄي ڪوشش ناڪامياب ٿي ۽ هيترن شڪن شبهن هوندي به سنڌ جو جدا پرڳڻو ٿيو ته به نين ڍلن ڪري اگهن جي وڌيڪ ڪرڻ ڪري وڌندڙ بي روزگاري ڪري ۽ ٻي ڪٽ ڪوٽ ڪري مالي تنگي ايترو وڌندي جو نئين سرڪار هند سرڪار کان ڪجهه وقت لاءِ امداد وٺي به جٽاءُ نه ڪري سگهندي، مسلم شاهي کي برپا ڪرڻ ۽ هلائڻ لاءِ غير مسلمانن تي چٽيون مڙهڻ جون ڳالهيون ڪرڻ آسان آهي، پر جا ڪڪڙ هاڻ سونا آنا ڏي ٿي ٿا يا ته پوءِ هستيءَ مان نڪري ويندي يا جلد کٽي ٿي لڏي پلاڻي ٻيا ميدان وڃي وسائيندي. پر مان وري به چوان ٿو ته اسان اڃا سڀ باقاعدي حيلا هلائي بس نه ڪئي آهي، تنهنڪري منهنجي صلاح آهي ته بمبئي سرڪار هند سرڪار ۽ شاهي سرڪار اڃا به ڌنئڻ کپي، جي سڄڻ نراس ٿيا آهن تن کي منهنجي وينتي آهي ته هن وقت جڏهن اسان کي هر هڪ بي ريا صاحب جي همدردي جي سخت لوڙ آهي تڏهن مايوسيءَ جي وس ٿي ڪا مشڪلات پيدا نه ڪن.

صاحبان، مان توهان صاحبن جو وڌيڪ قيمتي وقت ڪين وٺندس، هڪ اڌ ڳالهه جا سنڌ جي هندن جي ائيندي جي هستيءَ آسودگين ۽ آزادي لاءِ ضروري آهي تنهن تي توهان صاحبن جو ڌيان ڇڪائيندس، ٻهراڙين ۾ پئنچائتن کي ڪنهن پائي تي ويهاري انهن کي وڌيڪ طاقتوارو ۽ ڪارائتو ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ ضروري آهي، ٻهراڙين ۾ هندو ڀائرن سان جي اهنج ۽ ايذاءُ پيا ٿين، جن جي اوک ڊوک ٿئي ڪا نه ٿي، تن جي لهرائڻ جو به ڪو بلو ڀيڻي ٿيڻ گهرجي، وقتن تي ڏٺو ويو آهي ته غريب ڀائرن سان ظلم ٿيو وڃن، ڦرجو مارجو وڃن ته نڪو ٿئين داد نڪو فرياد، اها روئداد بند ٿيڻ گهرجي ۽ اوهان صاحبن تي فرض آهي هن ڪانفرنس جو ڪم پورو ڪرڻ کان اڳي انهيءَ باري ۾ ڪي عملي قدم کڻي اُٿو، منهنجو رايو آهي ته اوهين صاحب به شامل راءِ ٿيندا ته هن زماني ۾ اخبارن دواران اهڙي قسم جو ڪو گهڻو نڪري سگهي ٿو، ڪنهن به قوم پنهنجي اخبار کانسواءِ انتي نه ڪئي آهي، ٻين قومن جا مثال اڳيان جيرا رکيا آهن، تنهن ڪري منهنجي ۽ ٻين ڪيترن سڄڻن جي صلاح آهي ته هڪڙو قدم اهو کڻجي جو سنڌ جي هندن پاران هڪ روزاني اخبار واجبي پيماني تي برپا ڪجي، ان سان گڏ ٻيو قدم اهو آهي ته هڪ پگهاردار سيڪريٽري رکجي، جو سڄي سنڌ جو گشت ڪري واءُ سواءُ لهي هن ڪانفرنس کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ سان واقف رکندو اچي ۽ جتي جتي اوڻايون يا اهنج هجن تن جي دفع ڪرائڻ جو بندوبست ڪندو هلي، انهن ٻنهي ڪمن لاءِ پيسو گهربو ۽ مون کي اميد آهي ته پئسي جي آرچڻ روڪي ڪين بيهاريندي.

صاحبو تقرير پوري ڪري وهڻ کان اڳ مون کي هڪ ضروري فرض ادائي ڪرڻي آهي جنهن ۾ يقين اٿم ته اوهين صاحب به مون سان شامل ٿيندا، اوهان صاحبن مان گهڻن کي سڌ هوندي ته سنڌ جي جدائي جي باري ۾ اسان جي هموطني پروفيسر ايڇ ايل ڇٻلاڻي ڪيڏو نه پورهيو ڪيو آهي، هي ئي صاحب آهي جنهن يڪي تن سنڌ جي جدائي جي رٿ بلڪل واهيات ثابت ڪري ڏني آهي، انگ اکر ۽ حقيقتون هٿ ڪري هن صاحب نه رڳو سنڌ جي مسلمانن جي بلڪل غير واجبي طلب جو زور ڀڃي ڇڏيو آهي پر سرڪار کي به ڪيتري قدر لاجواب ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن هن کان پوءِ سنڌ جو پرڳڻو جدا ٿئي ٿو ته نه انهيءَ ڪري ته جدائي جي ضروري ثابت ٿي آهي يا جدائي لاءِ حالتون سڻايون ثابت ٿيون آهن، پر انهيءَ ڪري ته اسان جي سرڪار کي ڳوڙهو ڳهي مسلمانن جو ماڻو ڪئن به ۽ ڪهڙي به حالت ۾ مڃڻو آهي، پروفيسر ڇٻلاڻي هن سوال ۾ دلچسپي وٺي جيڪو پاڻ پتوڙيو آهي، تنهن لاءِ مون کي خاطري آهي ته سنڌ جا هندو هميشه سندس شڪر گذار رهندا.

© Fayaz Sindhi 2010