3/12/2011 - Birth date and Death Date ---> January updated     3/12/2011 - Birth date and Death Date ---> February uploaded     3/3/2011 - Birth date and Death Date ---> January     2/18/2011 - Choronology of 1942, 1943, 1944, 1945, 1946 & 1947 uploaded     2/16/2011 - Choronology of 1940 & 1941 uploaded     2/14/2011 - Choronology of 1939 uploaded     2/13/2011 - Choronology of 1937 & 1938 uploaded     2/9/2011 - Choronology of 1935 & 1936 uploaded     2/8/2011 - Choronology of 1933 & 1934 uploaded     2/3/2011 - Choronology of 1932 uploaded     2/1/2011 - Choronology of 1931 uploaded     1/31/2011 - People Speak About Gulhayat webpage Updated     1/30/2011 - 5TH SINDH PROVINCIAL CONFERENCE KARACHI IN SINDHI     1/19/2011 - Chronology of the sindh khilafat committee     1/16/2011 - Chronology 1927 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1839 updated     1/16/2011 - Chronology 1919 updated     1/16/2011 - Chronology 1920 updated     1/16/2011 - Chronology 1922 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1923 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1926 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1925 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1928 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1929 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1930 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1924 uploaded     1/14/2011 - Good Morning Messages updated     1/12/2011 - People Speak About Gulhayat Updated     1/11/2011 - Peer Pagara History and its Chronology     1/10/2011 - Shaheed Zulfiqar Ali Bhutto Address 15 December 1971     1/10/2011 - presidential address OF MR. M. A. JINNAH READ ON 8th OCTOBER 1938.     1/9/2011 - The First Sindh Provincial Muslim League Conference Karachi with resoulation     1/9/2011 - Pagara Corner     12/30/2010 - The First Sindh Provincial Muslim League Conference Karachi     12/22/2010 - Punjab     12/21/2010 - The site Kutte-Ji-Qabar is part of Sindh     12/21/2010 - People Speak About Gulhayat     12/16/2010 - Comments page is uploaded     12/14/2010 - Choronology is updated     12/11/2010 - VOICE OF SINDH: OPPOSES KALA BAG DAM     12/10/2010 - Presidential Address by Shaikh Abdul Majid Sindhi     12/10/2010 - Ghulam Muhammad Khan Bhurgri’s Speech     12/9/2010 - Choronology is uploaded     12/7/2010 - ALL Addresses and Speeches     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 7 april, 1996,Islamabad     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 28 March, 1996,Islamabad     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speeches and Statements on JAMMU & KASHMIR     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 20 January, 1996, Tokyo     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 30 November, 1995, Islamabad     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 04 January, 1996, Jacobabad     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 19 April, 1994, Bonn     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 3 January, 1994 Larkana     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 11th January, 1994 Hala     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech DECEMBER 5, 1993 Lahore     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech Garhi Khuda Buksh 4 April, 1994     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 20 November, 1994, Larkana     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 14 March, 1995, Islamabad     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 07 November, 1995, Tehran     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech Islamabad 27 February, 1994     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 8 june, 1994, Islamabad     11/30/2010 - M.Q.M Updated     11/30/2010 - P P P Press Clipping     11/30/2010 - Simon Commission     11/25/2010 - The British Empire League updated     11/24/2010 - Sugar Crises     11/24/2010 - Stories of founder     11/23/2010 - Dr Pathan Presentation on Sindhi Culture     11/22/2010 - Complete Good Morning Messages     11/19/2010 - Index of social Organizations updated     11/19/2010 - Eminent social workers part1     11/15/2010 - Birth date and Death Date ---> January     11/14/2010 - Gul hayat institute’s holdings On muslim league     11/14/2010 - PIRs OF SINDH AGAINST NON CO-OPERATION     11/14/2010 - Sindh Zamindars Association Updated     

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

”پير سائين روضي ڌڻيرحه ۽ سندس دور جي

مختصر ڪرانالاجي“

 سنڌو نديءَ عجيب طريقي سان سنڌ جي ڏاهپ ۽ فڪر جي تقسيم ڪئي آهي. نديءَ جي اولانهن ڪنڌي تي شڪارپور کان ٺٽي تائين علم ڌڻين ۽ قلم ڌڻين کي آباد ٿيڻ جو موقعو ميسر ٿيو. اهڙيءَ طرح اڀرندي ڪناري تي وري صوفين، بزرگن ۽ درويشن کي تصوف جي تند تنواڻ جي جاءِ ملي. نديءَ جي اوڀر واري ڪنڌي کان جيڪي بزرگ روحانيات، تصوف ۽ ويدانيت جو سج ٿي اڀريا حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيرحه انهن پيرن فقيرن ۾ منفرد حيثيت ماڻي ٿو. جهڙي نموني سان هن بزرگ سنڌ تي صدين تائين پنهنجو روحاني، ادبي ۽ سياسي اثر ڇڏيو آهي اهڙي عالمانه ۽ محققانه انداز سان سندس شخصيت، ڪردار ۽ اثر پذيريءَ تي ڪم نه ڪري سگهيا آهيون. جس لهڻي ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ، ڊاڪٽر نذر حسين سڪندري ۽ ٻين ايڪڙ ٻيڪڙ عالمن جن محققانه انداز سان ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ليڪن بي بدل بزرگ حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيرحه جي خدمتن جو معيار ۽ مقدار ايترو ته بلند آهي جو اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي گنجائش باقي رهي ٿي.

هون ئي سنڌ ۾ تحقيق ڪرڻ دشوار مگر آسمان مان تارا لاهڻ سولو، پر ڪنهن پير فقير، بزرگ ۽ روحاني رهبر تي تحقيقي ڪم ڪرڻ جو تصور به ڪري نه ٿو سگهجي. ڇو  ته اهڙين شخصيتن تي عقيدت ۽ حلقه بنديءَ جا ايترا ته پهرا ويهاريا ويندا آهن، جو انهيءَ عظيم شخصيت کي فقط ايترو ئي ڏسي، ٻڌي ۽ سمجهي سگهجي ٿو، جيترو سندس معتقد ۽ پوئلڳ چاهيندا آهن. حالانڪه ڪا به عظيم شخصيت فقط ۽ فقط پنهنجي پوئلڳن جي ملڪيت ڪانه ٿيندي آهي، اهڙين شخصيتن کي جاگرافيائي، نظرياتي ۽ ٻين حدن ۾ محدود ڪرڻ انهن سان بي انصافي ڪرڻ جي برابر ٿيندو آهي. سنڌ ۾ اسان تقريباََ هر وڏي ماڻهوءَ سان اهڙي وڏي بي انصافي ڪئي آهي.

حضرت پير روضي ڌڻيرحه پنهنجي دور ۽ اسان جي تاريخ جو هڪ غير معمولي انسان آهي. هي بزرگ اڄ به اسان جي روحاني، ادبي، مذهبي ۽ سياسي روين تي اثر انداز ٿيندي محسوس ٿئي ٿو. اسان کي اهڙي عظيم شخصيت جو هر حوالي سان تحقيق تي ٻڌل مطالعو ڪرڻ گهربو  هو. پر اسان اهڙا تمام موقعا محققن کي فراهم ڪري نه ڏنا آهي نه فقط ايترو پر اسان ته خوشبوءِ کي دٻليءَ ۾ بند ڪري رکيو آهي. اسان کي گهربو هو ته سڀن کان اڳ ۾ سندن قلمي ڪاوشن ۽ سندس دور سان لاڳاپيل فارسي ۽ عربيءَ ۾ موجود مآخذات جو سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرائي غير جانبدار محققن کي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جو ماحول ماحول پيدا ڪري ڏيون ها. هن وقت ”ملفوظات“ ۽ ”مڪتوبات“ جا فقط ٻه مآخذ محققن اڳيان موجود آهن، باقي مواد ۽ معصر مواد اڃا ڪيترين اکين کان اوجهل آهي. حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي شخصيت، ڪردار، ڪارنامن ۽ خدمتن جي تقاضا اها آهي ته آسائنيٽنفڪ انداز تي تحقيق جي هڪ جامع رٿا تيار ڪري ڪم ڪرايو وڃي ۽ کيس مخصوص هڪ پير مرشد يا درويش تائين محدود نه ڪيو وڃي.

جيئن مون نديءَ جي هر هڪ ڪنڌيءَ جي الڳ الڳ خصوصيتن جي نشاندگهي ڪئي ٿيئن ٻيءَ هن اهم ڳالهه ڏانهن اوهان جو توجه ڇڪرائڻ گهران ٿو ته سنڌ جي تاريخ ۾ خيرپور مذهبي ۽ روحاني حوالي سان انوکو سنگم پيش ڪيو آهي. هتي هڪ ئي وقت تي کهڙن جي مخدومن ۽ جهڙا  سگهارا ديني عالم به پيدا ٿيا ته سچل جهڙا ”منصور ثانيءَ“ به پيدا ٿيا اهل تشيعت  کي به هتي اسرڻ جو موقعو مليو ته پير روضي ڌڻيءَ جهڙا باشريعت ۽ پير طريقيت به پنهنجي فڪر کي هتان عام ڪيو. چوندا آهن ته مڪلي سوا لک ولين جو مقام آهي. مڪلي سوا لک ولين جو مقام هجي نه هجي پر خيرپور هر مڪتب فڪر جي پيرن فقيرن جو آستانو ضرور آهي. ان ڪري خيرپور ۽ ان جي مذهبي خواهه روحاني خدمتن تي وڏي پئماني تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي شڪر ٿيو جو سچل سرمت تي تحقيقي بنيادن تي ڪم ڪرڻ لاءِ ”سچل چيئر“ قائم ٿي آهي، پر هن وقت روضي ڌڻيءَ چيئر قائم آهي، چيئر لاءِ مهنجي دعا ۽ اُميد آهي ته ان کي ”ترجمي ۽ تاليف“ جي ڪم تائين محدود ڪرڻ بدران تحقيقي بنيادن تي استوار ڪيو ويندو. ڇو ته پير روضي ڌڻيءَ  جهڙي سج کي روايت جي کاري هيٺيان لڪائڻ ۾ سڀني جو نقصان ٿيندو.

پير روضي ڌڻيءَ تي جڏهن مون کي مقالي لکڻ لاءِ حڪم ڪيو ويو ته هن عظيم شخصيت جا اڻ ڳڻيا پهلو منهنجي ڌيان ۾ آيا. پهريون مون سوچيو ته آئون پير روضي ڌڻيءَ جي حوالي  سان ماڻهپي جي  روين جو مطالعو پيش ڪيان ۽ اهو ٻڌيان ته عظيم انسانن جا ماڻهپي وارا رويا ڪهڙا ۽ ڪيئن ٿين ٿا، يا ائين کڻي چئجي ته اهي ڪهڙا ماڻهپي وارا رويا ڪهڙا ۽ ڪيئن ٿين ٿا، يا ائين کڻي چئجي ته اهي ڪهڙا ماڻهپي وارا رويا آهن، جيڪي ماڻهو کي مثالي انسان بڻائن ٿا. مون پير روضي ڌڻيءَ  جي روين جو مطالعو ڪر ڻ شروع ڪيو  ۽ خاص طور تي والدين، استادن، اولاد، عزيزن، مريدن، حڪمرانن، مشائخن، ديني عالمن ۽ هندو اقليت سان سندس روين جو جائزو ورتم. مون کي سندن هر روئي ۾ انسان دوستي، اسلام دوستي، شفقت، محبت ۽ سهپ جي خوشبوءَ محسوس ٿي. خاص طور تي هندن سان ظلم زيادتي ڪرڻ، کين سندس  ڪرڻ، کين سندس مرضي رضا خوشيءَ کان سواءِ زوري مسلمان بنائڻ کين پسند ڪونه هو سندن ملفوظات اثرن واقعن سان ڀري پئي آهي. موضوع نئون به هو  ته انوکو به هو. پر سوچيم ته ان تي موقعو مليو ته ٻئي دفعي لکبو هاڻي ڪا ٻي ڳالهه ڪجي.

ٻي ڳالهه ڪرڻ جو مقصد هي هئو ته اسانکي پنهنجي روحاني مذهي، سياسي ۽ سماجي آدرشن جو مختلف زاوين کان مطالعو ڪرڻو آهي. اهڙو مطالعو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو جڏهن اسان اڳ ۾ واسطيدار آدرشن جي لاڳاپيل مذهبي، روحاني، سياسي، سماجي، تعليمي ۽ اقتصادي حالتن جو خاڪو تيار ڪيون ان ڪري مون مناسب ڄاتو ته پير روضي ڌڻيءَ ۽ سندس دور جي ڪرانالاجي تي تحقيقي ڪم ڪيان. آئون جيئن جيئن ڪتابن جي اوراق گرداني ڪندو رهيس، تيئن تيئن تعجب، ڏک، ڪاوڙ ۽ پريشاني جي ور چڙهندو ويس. ڏاڍي مايوسي ٿي ته ڪيترن حوالن سان اسان کي حقيقتن بدران افسانا ٻڌايا ويا آهن. ڪيتريون ڳالهيون سوچ ويچار ۽ ڇنڊ ڇاڻ کان سواءِ درج ڪيون ويون آهن ۽ ڪن اهم ڳالهين جي پس منظر کي نظر انداز ڪيو ويو آهي.

مثال طور اوهان ”تذڪره مخاديم کهڙا“ جو مطالعو ڪيو، ان جي صفحي 139 تي برهان فقير جو قصو  ٻڌايو ويو آهي. لکيو ويو آهي ته مير فتح علي خان ٽالپر 1191هه ۾ تخت تي ويٺو 1192هه ۾ برهان فقير جنات جي زور تي نه فقط حڪمران کي معتقد ڪري چڪو هو، پر ماڻهن کي به بي راهه بڻائي رهيو هو. مخدوم شهيد احمدي، سندس فرزند مخدوم محمد عاقل ثالث ۽ پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ، جيڪو  ان وقت سندن شاگرد هو، حيدرآباد وڃي برهان فقير کي بڇڙو ڪري آڻ مڃرائي ٻڌي وٺي اچن ٿا.

هاڻي سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته مير فتح علي ٽالپر ان کان گهڻو پوءِ 98-1197 ۾ حڪمران ٿيو. 1191 ۾ ته ميان عبدالنبي پنهنجا مٽ مائٽ مارائي مير بجار هٿان مخدوم نوح جي روضي ۾ دستار ٻڌي تخت نشين ٿيو. ان ڪري اعتراض ڪري سگهجي ٿو ته واقعو غلط آهي يا ان جو سال غلط آهي. مير فتح علي جڏهن حڪمران ٿيو ته ان وقت پير روضي ڌڻيءَ کهڙن جي مخدومن جو شاگرد ڪونه هو، ليڪن فارغ التعصيل ٿي چڪو هو. بنهه انهيءَ سان سندن والد ماجد حضرت پير محمد بقا جي شهادت ٿي ۽ روضي ڌڻيءَ پنهنجي والد جي گاديءَ تي ويٺو.

جڏهن اسان ملفوظات جو مطالعو ڪيون ٿا ته ان ۾ خليفي ميان الهه رکئي جي حوالي سان هالاڻيءَ جي جنگ جو هڪ حوالو پڻ ملي ٿو ملفوظات ۾ ڪيترا اهڙا واقعا بيان ڪيا ويا آهن، جن مان پتو پئي ٿو ته پير روضي ڌڻي ڪيترا دفعا مير غلام علي ڏي ماڻهن ۽ مريدن جي ڪم لاءِ ويو آهي ۽ تخت نشيني کان هڪ سان پوءِ جڏهن مير فتح علي گذاري وڃي ٿو ته سندس رضا الاهي ڪرڻ لاءِ به مير غلام علي ٽالپر ڏي وڃڻ ٿيو اٿن ملفوظات مان اهو به پتو پئي ٿو ته هڪ دفعي پير روضي ڌڻيءَ اسلام جي معاملي ۾ موٽوءَ نالي هندو کي مسلمان بنائڻ لاءِ مير فتح علي ڏي ويا هئا، مگر حڪمران موٽوءَ جي ٻانهن نه ڏني ان تي پاڻ واپس موٽي آيا.

پير روضيءَ ڌڻيءَ جي سوانح جي حوالي سان ڪن اهڙن عالمن جا نالا به ملن ٿا، جن هن بزرگ کي دل جي گهراين سان قبول ته نه ڪيو پر جهڙوڪ وس پڳي دشمني ڪئي ۽ رستن تي ڪنڊا اڇلايا. اهڙن عالمن مان پاڙي جا ڪي مخدوم، مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي ۽ مخدوم محمد عثمان مٽياروي جا نالا ورتا وڃن ٿا. ڪتابن ۾ انهن عالمن جي مخالفت جا احوال ته ملن ٿا. پر اسباب ڪونه ٿا ملن. ان ڪري جيڪڏهن انهن روين ۽ نفرتن جا پس منظر ملي وڃن ته هوند پير روضي ڌڻيءَ جي شخصيت، ڪردار ۽ سوانح تي وڌيڪ روشني پئجي سگهي.

مخدوم محمد ابراهيم ٺٽويءَ جي نفرت ۽ دشمنيءَ جا ٻه ڪارڻ هئا. هڪ پير روضي ڌڻيءَ جي مقبوليت ۽ ٻيو سياسي اختلاف هئيءِ ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ جهڙي آهي ته خليفو محمود فقير ڪڙيي  وارو، پير روضي ڌڻيءَ جي مريد ٿين کا اڳ ميان احمد کٿائي جو مريد هوندو هو. ميان احمد کٿائي نقشبندي طريقي سان واسطو رکندو هو ۽ مخدوم محمد ابراهيم ٺٽويءَ جو خليفو هو. ان ڪري مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي جو ناراض ٿيڻ سمجهه ۾ اچي ٿو. سياسي ڪارڻ هيءَ هو ته  پير روضي ڌڻيءَ پنهنجي دل ۾ ڪلهوڙن لاءِ همدردي رکندو هو، جڏهن ته مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي مير بجار جي قتل تي ڪلهوڙن ۽ جوڌپورين جي خلاف هئو. هن جوڌپورين خلاف فتويٰ به جاري ڪئي هئي ۽ هندن خلاف لکيو هو ته اهي ذمي نه آهن پر حربي آهن. انهي سياسي اختلاف به مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي کي پير روضي ڌڻيءَ جي مخالفت ڪرڻ تي آماده ڪيو .

اهڙيءَ طرح کهڙن جي مخدومن مان ڪن جڏهن پير روضي ڌڻيءَ جي مخالفت ڪئي ته ان جا ڪارڻ به ساڳي نوعيت جا هئا. تيمور بادشاهه جي مُئي کان پوءِ جڏهن زمان شاهه حڪمران ٿيو ته هن پير روضي ڌڻيءَ جي علمي ۽ روحاني حيثيت کي تسليم ڪندي ڀرپور قدرداني ڪئي ۽ کين جهنڊو پڻ ڏنو جڏهن ته کهڙن جي مخدومن جي شاهه شجاع سان گهڻي رغبت رهي ۽ هو به سندسن خيال ڪندو رهيو. کهڙن جي مخدومن شادين جي مسئلي تي پير روضي ڌڻيءَ خلاف شاهه شجاع کي دانهن ڏيڻ ۽ قدم کڻڻ جو ارادو ڪيو، پر ٽالپورن جي چوڻ تي اهو ارادو ترڪ ڪيائون.

اهڙيءَ ريت ڪيترن محققن پير روضي ڌڻيءَ کي فقط قادري طريقي جو پير ۽ روحاني رهبر ڪري پيش ڪيو آهي ۽ سندس شخصيت جي ٻين اهم روپن تي روشني نه وڌي آهي. ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ پير روضي ڌڻيءَ جي سياسي خدمتن تي به روشني وڌي آهي، پر انهيءَ پهلو تي اڃا به تفصيلي تحقيق ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي. ڇو ته پير روضي ڌڻي پنهنجي دور جو منفرد سياسي مدبر پڻ هئو ۽ سندس انهيءَ حيثيت کي سنڌ، افغانستان ۽ جيسلمير وغيره ۾ به تسليم ڪيو ويو. زمان شاهه طرفان کيس جهنڊو ملڻ، سندن سياسي تدبر ۽ حيثيت کي مڃڻ برابر هو. پير روضي ڌڻيءَ 30 سالن جو ڳڀرو جوان هئو، پر سندس سياسي بصيرت جو اندازو 1201هه ڌاري خليفي محمد حسين ناڙيءَ واري ڏانهن لکليل خط مان لڳائي سگهجي ٿو، جنهن م هن جهڙوڪ پيش گوئي فرمائي آهي ته عنقريب افغاني لشڪر احمد خان نورزئي جي قيادت ۾ ميان عبدالنبي جي مدد لاءِ سنڌ تي ڪاهيندو پير روضي ڌڻيءَ ڇهن ڪلهوڙن ۽ پنجن ٽالپر حڪمرانن جو دور ڏٺو. ٽالپر دور ۾ سندس هر وجه کان حيثيت هئي. پاڻ مير سهراب خان جي گذارش تي ڪيترا فيصلا ڪيائون ۽ ڪيترن موقعن تي حڪمرانن خواهه سندن ماڻهن کي منهن تي ٻه ٽپيون ٻڌايائون.

اهي ۽ اهڙا کوڙ مثال آهن، جن جي ڇنڊ ڇاڻ، وضاحت ۽ تشريح ڪرڻ جو بهتر طريقو اهو آهي ته پير روضي ڌڻيءَ ۽ سندس دور جي ڪرانالاجي مرتب ڪئي وڃي. آئون انهيءَ حوالي سان نماڻي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. هي ابتدائي ۽ بنيادي ڪم آهي، اڳتي هلي ان کي هڪ پراجيڪٽ طور مستند ۽ مڪمل ڪري سگهجي ٿو.

57-1756ع 1170هه جڏهن روضي ڌڻي رحه جي ولادت ٿي: کهڙن جي مخدوم محمدي ٺٽي جي مخدوم ضياءالدين ۽ سنڌ جي حڪمران ميان محمد مراد ياب ڪلهوڙي هيءُ جهان ڇڏيو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙو سنڌ جو حڪمران ٿيو. لارڊ ڪلائيو جي اڳواڻي ۾ فرنگين بنگال جي نواب سراج الدوله کي پلاسيءَ جي جنگ ۾ شڪست ڏئي هندستان ۾ انگريز حڪومت جو بنياد رکيو.

58-1757ع 1171هه جڏهن روضي ڌڻي رحه 2 سالن جو ٿيو: پير روضي ڌڻيءَ جي ڀاءُ سيد علي مرتضيٰ شاهه جي ولادت ٿي. ميان غلام شاهه جي حڪومت کي چئلنج ڪيو ويو. غلام شاهه ڪلهوڙي شاهبندر جو بنياد رکيو ۽ اتي قلعو ٺهرايائين. اهل عيال اتي ڇڏي عطر خان ۽ سندس مددگار افغاني  لشڪر جو پاچڪان ۾ مقابلو ڪيائين منجهن ٺاهه ٿيو افغان حڪومت سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهائي، غلام شاهه، عطر خان ۽ احمد يار خان حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڏنو. ميان غلام شاهه کي شاهڳڙهه کان نصرپور بشمول ٺٽي وارو حصو ڏنو ويو. انهيءَ فيصلي کان پوءِ احمد يار خان افغانستان مان پنهنجي حق ۾ سنڌ حڪومت جو پروانو وٺي آيو ۽ ساڻس مدد ڪرڻ لاءِ افغان حڪومت کيس لشڪر پڻ ڏنو. انهن حالتن کي ڏسي عطر خان ملڪ ڇڏي ويو ۽ ميان غلام شاهه سموري سنڌ تي قابض ٿيو. ميان غلام شاهه سنڌ ۾ شريعت نافذ ڪرڻ بابت شاهي فرمان جاري ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ اهل تشيعت ۽ اقليتن وارن جي ذهنن ۾ مذهبي آزاديءَ بابت انديشا پيدا ٿيا. ميان غلام شاهه ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي ٺٽي ۽ اورنگا بندر ۾ واپاري ڪوٺين کولڻ جي اجازت ڏني.

59-1758ع 1172هه جڏهن روضي ڌڻي رحه ٽن سالن جو ٿيو: سنڌو نديءَ پنهنجو وهڪرو مٽائي حيدرآباد ۽ ڪوٽڙيءَ وچان (موجوده صورتحال) وهڻ شروع ڪيو، ميان غلام شاهه اوٻاڙي ۾ عطر خان ۽ سندس ساٿي دائود پوٽن کي شڪت ڏني ۽ هميشه لاءِ سندس مخالفت جو خاتمو آندو. هن ”شاهپور“ نالي شهر ٻڌي اتي رهڻ شروع ڪيو. ان کان علاوه ميان عطر خان کي سندس ڀاءُ احمد يار جي اچڻ جي خبر پئي ته هن نوشهري مان هليو ويو. اهڙي طرح سان ميان غلام شاهه آسانيءَ سان سنڌ تي قابض ٿيو.

60-1759ع 1173هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه چئن سالن جو ٿيو:  مخدوم محمد اسماعيل ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي وفات ڪئي. ميان غلام شاهه راڄو ليکئي جي صلاح ۽ زور ڀرڻ تي ميان مراد ياب جي ٻن پٽن عباس علي  ۽ حسن علي کي ٻيڙي ۾ ويهاري ٻوڙائي ڇڏيو . ان کان سواءِ ڪڪرالي جي حڪمران ڄام کي پنهنجو قلعو ”آباد“ ڇڏي ”ڪڇ“ ڀڄي وڃڻ تي مجبور ڪيو.

62-1761ع 1174هه جڏهن روضي ڌڻي رحه 5 سالن جو ٿيو: سفير ديوان گدومل جي جاکوڙ سان احمد شاهه درانيءَ ميان غلام شاهه کي ”شاهه وردي خان“ جو خطاب حڪمرانيءَ جي سند ۽ هڪ هاٿي تحفي ۾ ڏنو . ميان غلام شاهه ڪلهوڙي انگريزي ڪارندي ارسڪن کي سنڌ ۾ واپار جو پروانو ڏنو، جنهن مطابق ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي سنڌ ۾ قلمي شوري جي واپار جو ٺيڪو ملي ويو.

63-1762ع 1176هه جڏهن روضي ڌڻي رحه 6 سالن جو ٿيو: غلام شاهه ڪلهوڙي ڪڇ تي ڪامياب ڪاهن جو آغاز ڪيو ۽ 28 شعبان 1176 تي ”سنڌ راڻي“ سان شادي ڪئي.

64-1763ع 1177هه جڏهن روضي ڌڻي رحه 7 سالن جو ٿيو: ڪن ڪتابن ۾ اوٻاڙي واري جنگ (جنهن جو ذڪر 1173هه واري سال ۾ ڪيو ويو آهي. هن سال ۾ ڏيکاري آهي ۽ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته هن جنگ ۾ ٻنهي ڌرين جا ٽي هزار ماڻهو ماريا ويا هئا.

65-1764ع 1178هه جڏهن روضي ڌڻي رحه 8 سالن جو ٿيو: پير محمد بقا کي چوٿون فرزند ۽ پير روضي ڌڻيءَ ه ڀاءُ پير محمد سليم شاهه پيدا ٿيو، هن بزرگ 1241هه ۾ وفات ڪئي. عطر خان جو مکيه ساٿي ۽ صلاحڪار مقصود فقير وفات ڪري ويو. عطر خان سندس ئي چوڻ تي ميان غلام شاهه سان جنگيون جوٽيندو رهيو. فرنگين شاهبندر وٽان 38526 روپين جو آمدني ۽ 15884 روانگي واپار ڪيو. ڪن ڪتابن ۾ غلام شاهه ۽ ”سنڌ راڻي“ جي شاديءَ جو هي سال ٻڌايو ويو آهي.

66-1765ع 1179هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 9 سالن جو ٿيو: اندازو آهي ته پير روضي ڌڻيءَ کي شڪارپور ۾ حضرت فقير الله علوي جي مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو هوندو.

67-1766ع  1180هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 10 سالن جو ٿيو: خليفي محمود نظاماڻيءَ جي ولادت ٿي. مير سهراب خان ٽالپر جو والد ۽ مير شهداد خان جو فرزند مير چاڪر خان وفات ڪري ويو.

68-1767ع 1181هه جڏهن روضي ڌڻي رحه 11 سالن جو ٿيو: احمد شاهه ابدالي ميان غلام شاهه کي ديري غازي خان ۽ ديري اسماعيل خان جا علائقا سپرد ڪيا ۽ انهن ۾ انتظام رکڻ لاءِ اوڏانهن پڻ ويو.

69-1768ع  1182هه جڏهن روضي ڌڻي رحه 12 سالن جو ٿيو:  غالباََ پير روضي ڌني کي ڪوٽڙي ڪبير ۾ مخدوم يا رمحمد جي مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ابتدائي ۽ ثانوي فارسيءَ جي تعليم ورتي. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي حيدرآباد قلعي جي تعمير جو حڪم ڏنو هن نومڙين کي سيکت ڏيڻ لاءِ فوج رواني ڪئي ۽ ٺٽي کي نومڙين جي حملن کان بچائڻ لاءِ اتي فوج مقرر ڪئي ڪابل جي ايلچين کي دهلي وڃڻ دوران سنڌ حڪومت هڪ هزار فوجي ۽ ست لک رپيا ڏنا.

70-1769ع 1183هه جڏهن پير رو‎ضي ڌڻي رحه 13 سالن جو ٿيو: في الحال ڪنهن اهم واقعي جي نشاندهي نه ٿي ڪري سگهجي غالباََ پير روضي ڌڻيءَ پنهنجي والد ماجد جي هٿ تي بيعت ڪئي.

71-1770ع 1184هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 14 سالن جو ٿيو: ميان غلام شاهه ٺٽي جي انتظام هلائڻ لاءِ حبيب فقير نائچ کي مقرر ڪيو. مير سهراب خان ٽالپر کي مير رستم ڄائو، جيڪو 1811هه ۾ خيرپور جو حڪمران ٿيو. کهڙن جي مخدوم احمديءَ شڪارپور جي هندو عورت کي شڪارپور نواب جي مخالت باوجود مسلمان ڪيو.

72-1771ع 1185هه جڏهن پير روضي ڌ ڻي رحه 15 سالن جو ٿيو: هن سال هڪ عجيب واقعو رونما ٿيو. ميان غلام شاه جي دور حڪومت ۾ آسمان مان برسات جي بدران گوشت جا ٽڪرا ڪرڻ لڳا ۽ اهي تقريباََ  هڪ سير جي برابر هئا. اهي گوشت جا ٽڪرا ڊنڍ ڇٽي جي چوگرد ڪريا. ميان غلام شاهه جي اڳيان آندا ويا. ان گوشت جي بوءِ سوئر جي گوشت جهڙي هئي جن کي ڪتن به نه کاڌو.

73-1772ع 1186هه جڏهن پير ورضي ڌڻي رحه 16 سالن جو ٿيو: سنڌ جو حاڪم ميان غلام شاهه وفات ڪري ويو، نتيجي ۾ ميان سرفراز ڪلهوڙو تخت تي ويٺو. نئين حڪمران هالن کان ڏيڍ ميل اتر طرف ”خداآباد“ نالي نئون تخت گاهه بڻايو. ان کانسواءِ چئن مهينن لاءِ ديري غازي خان ۽ ديري اسماعيل خان وڃي انتظام ڏسي ۽ سنواري آيو.

ميان غلام شاه حيدرآباد ۾ پڪي قلعي جي دفاع ۾ ڏکڻ اولهه طرف هڪ ڪچو قلعو تعمير ڪرايو ۽ حاجي محمد مڪيءَ جي نالي سان منسوب ڪيو، اهو قلعو اڄ به موجود آهي جتي 9 ذوالحج هر سال حاجي محمد مڪيءَ جو ميلو لڳندو آهي.

74-1773ع 1187هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 17 سالن جو ٿيو: ابوالحسن فقير نالي ناميارو صوفي بزرگ وفات ڪري ويو. احمد شاهه کي ڪابل ۾ قتل ڪيو ويو، سنڌ حڪمراني جو خاتمو ٿيو ۽ تيمور شاهه نئون حڪمران ٿيو.

75-1774ع 1188هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 18 سالن جو ٿيو: سنڌ جو ناميارو بزرگ خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو رحلت ڪري ويو. مير بجار حج جو فرض ادا ڪرڻ لاءِ عربستان ويو. ميان سرفراز ڪلهوڙي ڪڇ تي چڙهائي ڪئي ۽ جيڪا ڪيترا مهينا جاري رهي ۽ ان ۾ ڪاميابيون ماڻيون ويو. ڪڇ کان ڪامران موٽندي ميان سرفراز ”ڪنٽي ڪوٽ“ جي ٺڪر جي ڌيءَ سان شادي ڪئي.

اندازو آهي ته پير روضي ڌڻيءَ کي کهڙن ۾ مخدوم احمدي جي مدرسي ۾ داخل ڪرايو هوندو.

76-1775ع 1189هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 19 سالن جو ٿيو: ميان سرفراز ٺٽي ۽ اورنگا بندر ۾ قائم فرنگين جون واپاري ڪوٺيون بند ڪرايون. ميان سرفراز پنهنجي حڪومت جي رڪن اعظم مير بهرام خان ۽ سندس پٽ مير صوبدار خان کي قتل ڪرايو ۽ نتيجي ۾ پنهنجو تخت وڃايو ۽ قيد ٿيو. غلام شاهه جي ٻئي نمبر پٽ محمد خان کي گاديءَ تي ويهاريو ويو ستت پوءِ کيس معزول ڪري ميان غلام نبيءَ کي گادي تي ويهاريو ويو. سنڌ تيمور شاهه کي ساليانو 7 لک روپيا خراج ڏيڻ شروع ڪيو.

77-1776ع 1190هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 20 سالن جو ٿيو: خليفي نبي بخش جي ولادت ٿي. تاجو ليکي ميان غلام نبيءَ کي ماري شاهه ڳڙهه هليو ويو.

78-1777ع 1191هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 21 سالن جو ٿيو: اندازو آهي ته پير روضي ڌڻيءَ ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ علامه محمد آريجو جي مدرسي ۾ داخل ٿيو هوندو. حضرت پير محمد بقا جو مرشد سيد عبدالقادر آزين رحلت ڪري ويو. ميان عبدالنبيء پنهنجي تخت نشيني جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۾ قيد ٿيل ميان سرفراز، سندس پٽ محمد خان، ڀاءُ محمود خان ۽ چاچي عطر خان کي مارائي ڇڏيو. مير بجار ميان عبدالنبي کي مخدوم نوح جي روضي اندر دستار ٻڌائي حڪمران تسليم ڪيو.

79-1778ع 1192هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 22 سالن جو ٿيو: اندازو آهي ته پير روضي ڌڻيءَ فارغ التحصيل ٿيا. درازن جي درگاهه جي باني ميان صاحب ڏني موراڳي ”عارف“ رحلت ڪئي. ناري تعلقي جي ڳوٺ تجل ۾ شاهه عنايت شهيد جي فرزند سلام الله عرف ”ٿرڌڻي“ رحلٿ ڪئي، هن بزرگ پنهجي حياتي ۾ پڻ پير روضي ڌڻيءَ جي ولادت ۽ روحاني عظمت جي پيش گوئي ڪئي هئي. مهاڏيو جي مڙهي ناس ڪندڙ عبدالرحيم گرهوڙي شهيد ٿيو. جيتوڻيڪ پير روضي ڌڻيءَ پنهنجي ملفوظات ۾ سندس ڪلام جا حوالا ڏنا آهن، البته سندس سخت گير عمل جي واکاڻ ڪانه ڪئي اٿن.

80-1779ع 1193هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 23 سالن جو ٿيو: ڪن ڪتابن ۾ مخدوم سلام الله جي رحلت هن سال ۾ ڏسي ۽ لکي وئي آهي. پير روضي ڌڻيءَ کي پير صبغت الله شاهه عرف تجر ڌڻي نالي فرزند ڄائو. ميان احمد يار عباسيءَ جو پٽ عزت يار خان جيڪو ڪابل ۾ هئو تنهن افغاني حڪومت کان سنڌ تي حڪمراني ڪرڻ جو پروانو وٺي اچي ميان عبدالنبي ۽ مير بجار سان جنگ جوٽي مگر ڪامياب نه ويو، اها جنگ لکي ۽ شڪارپور وچ ۾ لڳي هئي. افغاني لشڪر جي قيادت محفوظ خان ڪئي، جڏهن ته ان ۾ قلات، ديرن، ملتان، شڪارپور ۽ بهاولپور مان به لشڪر شامل هئو.

81-1780ع 1194هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 24 سالن جو ٿيو: محفوظ خان جي شڪست جي بدلي وٺڻ لاءِ تيمور بادشاهه پاڻ سنڌ تي چڙهائي ڪئي، پر مير بجار جي ڪوشش ڪري هو نه فقط واپس ٿيو ليڪن عبدالنبي ء کي خليعت پڻ ڏنائين. ميان عبدالنبيء جوڌپور جي راجا جي مدد سان مير بجار کي مارائي پاڻ قلات هليو ويو ۽ پنهنجي خاندان کي جوڌپور موڪلي ڇڏيائين. مارجي ويل مير بجار جي پٽ مير عبدالله ميان صادق علي کي تخت تي ويهاريو. ميان عبدالنبيء جوڌپورين ۽ پوءِ بروهين جي مدد سان تخت حاصل ڪرڻ لاءِ ويڙهاند جو فيصلو ڪيو پر کيس ڪاميابي نصيب نه ٿي. مخدوم محمد ابراهيم ٺٽويء مير بجار جي مارائڻ ۾ جوڌپورين جي منفي ڪردار کان متاثر ٿيندي فتويٰ ڏني ته هندو ذمي نه پر حربي آهن. کوسا جوڌپور جي حدن ۾ لٽمار ڪندا رهيا ۽ مال سان گڏ عورتون ۽ ٻار به کڻي ويندا هئا. مخدوم محمد ابراهيم انهن قيدين کي ٻانهيون ۽ غلام بنائڻ جائز قرار ڏنو ۽ جوڌپور جي رياست کي دارالحرب ثابت ڪيائين.

82-1781ع 1195هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 25 سالن جو ٿيو: ميان عبدالنبي تخت حاصل ڪرڻ لاءِ افغاني حڪومت کان مدد طلب ڪئي ۽ نتيجي ۾ مدد خان سنڌ تي ڪاهي آيو. مدد خان کي ساٿ ڏيڻ لاءِ بروهين ۽ نومڙين جا لشڪر به سنڌ ۾ ڪاهر پيا. مدد خان سڄيءَ سنڌ ۾ عمر ڪوٽ تائين وڏي تباهي آندي ۽ وڏي پئماني تي ڳوٺ تباهه ڪيا ۽ عوام کي لٽيو.

ملفوظات ۾ اچي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ پير روضي ڌڻيءَ کهڙا شهر ڏانهن وڃي رهيا هئا ۽ رستي ۾ کين ڪنهن ماڻهوءَ عرض ڪيو ته: حضرت! مدد پنهنجي لشڪر سان درياهه جي ڪپ تي لٿل آهي، اوهان پنهجو شهر ڪيئن ٿا ڇڏي وڃو؟ ”پير روضي ڌڻيءَ جواب ڏنس ته. ”اسان جو دلبر اسان جو سمورو سامان اڳ ئي لٽي ويو آهي تنهن ڪري اسان کي ڦرلٽ جو ڪهڙو ڀوءَ“

حضرت پير روضي ڌڻيءَ جي استاد فقير الله علويء رحلت ڪئي.

83-1782ع 1196هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 26 سالن جو ٿيو: راڻيپور ۾ سيد احمد شاهه درگاهه قائم ڪئي. هن سال ڪراچيءَ جي آبادي 6 هزار هئي ۽ شهر کي مڇيءَ جي واپار مان ساليانو چار هزار روپيه اپت ٿي. معلوم ٿئي ٿو ته هن عرصي ۾ ڪراچيءَ ۾ بصري، مستقط، بندر عباسي، لکپت، مانڊوي، ڊمن، مبمئي ۽ ڪاليڪٽ جي واپارين جا گماشتا آباد هئا. ميان عبدالنبيء پنهنجي سياسي حرفت سان قرآن شريف وچ تي آڻي بهاولپور جي نواب بهاول خان معرفت عبدالله خان سان ٺاهه ڪري تخت حاصل ڪيو. ڪجهه وقت کان پوءِ کيس يعني مير عبدالله خان ولد مير بجار خان ۽ مير فتح علي خان ماڻڪاڻيءَ کي مارائي ڇڏيو. ٽالپر انهي واقعي جي رد عمل ۾ خداآباد شهر کي لٽيو، ڦريو ۽ تباهه ڪيو.

84-1783ع 1197ع جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 27 سالن جو ٿيو: پير روضي ڌڻيءَ جو آخري استاد علامه محمد آريجوي رحلت ڪري ويو. مير فتح علي ٽالپر عبدالله خان ۽ فتح علي خان ماڻڪاڻي جي قتل جي بدلي وٺڻ لاءِ ميان عبدالنبيء خلاف جنگ جوٽي ۽ هالاڻيءَ ۾ کيس شڪست ڏني ميان عبدالنبيء قلات هليو ويو جتان بروهين جو لشڪر وٺي آيو ۽ ٻئي طرف جوڌپورين جي مدد ورتائين ليڪن کيس ڪاميابي نصيب نه ٿي، ڇو ته سندس ساٿ ڏيندڙ ڪنهن جنگ ڪرڻ کانسواءِ واپس موٽي ويا.

85-1784ع 1198هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 28 سالن جو ٿيو: پير روضي ڌڻيءَ جي والد ماجد حضرت سيد محمد بقا شاهه کي شهيد ڪيو ويو، سندن فاني جهان ڇڏڻ بعد پير روضي ڌڻيءَ مسند تي ويٺو. مير فتح علي خان ٽالپر حيدرآباد کي فتح ڪيو ۽ سابق حڪمران ميان عبدالنبيء جي عيال کي احترام سان حاجي پور، قلات موڪليو. مير فتح علي خان افغان سرڪار کي نولک رپيا ڏئي سنڌ تي حڪمراني ڪرڻ جو پروانو حاصل ڪيو. سابق حڪمران قلات جي حاجي پور ۾ مقيم ٿيو ۽ هن لاءِ ديري غازي خان جي جاگير مان ساليانو هڪ لک رپيا خرچ پاڻي طور مقرر ڪيا ويا.

86-1785ع 1199هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 29 سالن جو ٿيو: خيرپور ۾ مير سهراب خان جي ۽ حيدرآباد ۾ مير فتح علي خان جي حڪمرانيءَ جو منظم نموني سان آغاز ٿيو. ميان عبدالنبيء تخت حاصل ڪرڻ لاءِ افغان حڪومت وٽ دانهين ٿيو، جتي اهو فيصلو ٿيو ته سنڌ کي ميان عبدالنبي ۽ ٽالپرن جي حڪمرانيءَ لاءِ ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي. انهيءَ فيصلي کي نافذ ڪرڻ لاءِ بوستان خان اخلاص جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ تي لشڪر چاڙهي موڪليو ويو، مگر اهو لشڪر مٺڻ ڪوٽ کان واپس ٿي ويو ۽ ميان عبدالنبيءَ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيو.

87-1786ع 1200هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 30 سالن جو ٿيو: قتح پور جي مشهور بزرگ محب الله شاهه ولد سيد محمد شجاع جي ولادت ٿي.

88-1787ع 1201هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 31 سالن جو ٿيو: ميان نظر محمد ولد سخي قبول  محمد فاروقيءَ جي ولادت ٿي، جيڪو پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ گاديءَ تي ويٺو. سيد احمد شهيد جي ولادت ٿي، جنهن سکن خلاف جهاد ڪرڻ وقت تجر ڌڻيءَ کان مالي، اخلاقي ۽ افرادي قوت ورتي هئي. مير سهراب خان ٽالپر جو ڀاءُ مير غلام محمد عمر ڪوٽ طرف شڪار ڪرڻ ويو ته راجپوتن ور چڙهي مارجي ويو، مير سهراب پنهنجي ڀاءُ جو بدلو وٺڻ لاءِ چڙهائي ڪئي، هن ڪيترا راجپوت ماريا ۽ مندر ڊاٺا ۽ ان کان سواءِ عمر ڪوٽ تي قبضو ڪيو.

سنڌ جي صورتحال کي ڌيان ۾ رکندي خليفي محمد حسين ناڙي واري پير روضي ڌڻيءَ ڏي خط لکيو، جنهن جي جواب ۾ پير روضي ڌڻيءَ کيس لکيو ته جيتوڻيڪ ميان عبدالنبيء تيمور بادشاهه جي رضا ۽ منظوريءَ سان تخت تي ويٺو، پر فتح علي خان کيس معزول ڪيو آهي. ميان عبدالنبيء پنهنجي سفارتڪار قمرالدين شيخ معرفت تيمور بادشاهه کي داد رسيءَ لاءِ اپيل ڪئي آهي، جنهن تي مير فتح علي ٽالپور کي ڌمڪيءَ وارو خط روانو ڪيو ويو آهي ۽ هن کي فرمانبرداريءَ واري ڍل ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. مستقبل قريب ۾ احمد خان نورزئي جي اڳواڻيءَ ۾ ميان عبدالنبيء جي حق ۾ سنڌ تي لشڪر چاڙهيو ويندو. پير روضي ڌڻيءَ جي انهي جواب مان سندن سياسي بصِرت ۽ وابستگيء جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

89-1788ع 1202هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 32 سالن جو ٿيو: قلاتي لشڪر ميان عبدالنبيء جي واهر ۾ سنڌ تي چڙهائي ڪئي، پر کين ناڪامي ڏسڻي پئي.

90-1789ع 1203ههه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 33 سالن جو ٿيو: پير روضي ڌڻي جو استاد مخدوم احمدي رحلت ڪئي. سنڌ جو ناميارو قلم ڌڻي مير علي شير قانع وفات ڪري ويو.

91-1790ع 1204هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 34 سالن جو ٿيو: مير فتح علي ٽالپور هالا وٽ ميان عبدالنبيء جي مدد لاءِ آيل افغاني لشڪر کي شڪت ڏني، اهو لشڪر 40 هزار فوجين تي مشتمل هئو ۽ ا ن جي قيادت سردار احمد خان نورزئي ۽ بوستان علي ڪري رهيا هئا. ميرن ”فتح ڳڙهه“ ۽ ”اسلام ڳڙهه“ جا قلعا تعمير ڪرايا.

92-1791ع 1205هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 35 سالن جو ٿيو: تيمور بادشاهه افغاني لشڪر جي شڪت جي بدلي وٺڻ لاءِ پائينده خان جي هٿ هيٺ سنڌ تي لشڪر چاڙهي موڪليو، ليڪن شڪارپور ۾ ميرن جي وڪيلن سفيرن لڙائي ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺرايو ۽ ڍل ڏيڻ جي شرط تي صلح ٿيو. ميان عبدالنبيء ٻي واهه نه ڏسي بکر ۽ ليهه جي جاگيرن تي قابض ٿيو.

93-1792ع 1206هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 36 سالن جو ٿيو: فقير نانڪ يوسف جي ولادت ٿي شيخ محمد حيات سنڌيءَ جو شاگرد، تصوف ۽ سلوڪ جو ڄاڻو مولانا خيرالدين سورتي رحلت ڪري ويو.

94-1793ع 1207هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 37 سالن جو ٿيو: تيمور بادشاهه وفات ڪئي ۽ سندس پٽ زمان شاهه ڪابل جو بادشاهه ٿيو. هن پير روضي ڌڻيءَ جي روحاني ۽ علمي حيثيت کي تسليم ڪيو ۽ کيس جهنڊو ڏنو.

95-1794ع 1208هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 38 سالن جو ٿيو: ميان عبدالنبي افغان حڪومت کي رهيل پئسا ڏئي نه سگهيو، ان ڪري زمان شاهه هن کان بکر ۽ ليهه جون جاگيرون ڦري ورتيون، انهيءَ ويڙهاند ۾ عبدالنبيء جو پٽ محمد عارف مري پيو، جنهن کي ليهه ۾ دفن ڪيو ويو، ميان عبدالنبيء پاڻ جوڌپور هليو ويو. مير فتح علي خان سنڌ کي پنهنجي برادريءَ جي بنياد تي تقسيم ڪيو. پير روضي ڌڻيءَ ڪلهوڙن مان شادي ڪئي. محمود نظاماڻي ڪڙٻئي وارو پير روضي ڌڻيءَ جو مريد ٿيو، جيڪو پوءِ خليفو ٿيو، هن کان اڳ نقشنبدي بزرگ ميان احمد کٿائي جو مريد ٿيو هو، جيڪو مخدوم محمد ابراهيم ٺٽويء جو مريد ۽ خليفو هئو.

96-1795ع 1209هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 39 سالن جو ٿيو:  ڪو به واقعو تاريخ ۾ نه آهي:

1795ع 1210 جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 40 سالن جو ٿيو: ڪو به واقعو تاريخ ۾ نه آهي.

 

97-1796ع 1211هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 41 سالن جو ٿيو: سرائي محمد صالح خان ٽالپرن جي خدمتگار ”ڪوٽڏيجي“ جي هڪ ٽڪريء تي ”احمد آباد قلعو“ تعمير ڪرايو،

98-1797ع 1212هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 42 سالن جو ٿيو: حضرت روضي ڌڻيءَ کي پير محمد ياسين شاهه نالي فرزند چائو. پير سائين پاڳاري درگاهه تي مسجد تعمير ڪرائي ۽ ان موقعي تي پنهنجي استاد مخدوم يار محمد کي دعوت ڏئي گهرايائون. نقشبندي طريقي جي بزرگ خواجه صفي الله مجدديءَ جي رحلت ٿي. نيپولين بوناپارٽ سمنڊ ذريعي مصر پهتو ۽ سندس آمد هندستان ۾ فرنگين پنهنجي لاءِ خطرو ڪري ورتو ۽ کين سنڌ ۾ دفاعي مفادن خاطر دلچسپي وٺڻي پئي.

99-1798ع 1213هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 43 سالن جو ٿيو: شاهه عنايت جي پونئير مخدوم محمد شاڪر رحلت ڪئي.

1800-1799ع 1214 جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 44 سالن جو ٿيو: ميان عبدالنبيء ناراض ٿي جوڌپور کي ڇڏي ۽ بهاولپور ويو جتي خواجه لطف علي کيس سفر گذر لاءِ راجن پور جو علائقو وٺي ڏنو. رنجيت سنگهه پنجاب ۾ ”سک رياست“ جو بنياد رکيو. حضرت خواجه عبدالحق فاروقيء رحلت ڪئي. مير فتح علي ناٿن ڪرو نالي فرنگيء کي ڪراچيء ۾ واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني، جنهن ڪراچي ۾ عمارت تعمير ڪرائي. ٽيپو سلطان سرنگاپٽم بي معرڪي ۾ شهيد ٿي ويو. ايسٽ انڊيا ڪمپني هڪ مقامي واپاري ابوالحسن کي وڪيل ۽ سفير ڪري حيدرآبادي ميرن ڏانهن موڪليو ته کين قنڌار حڪومت ۽ زمان شاهه خلاف ورغلايو وڃي ۽ انگريزن سان دوستي رکڻ تي آماده ڪيو وڃي.

01-1800ع 1215 هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 45 سالن جو ٿيو: فقير غلام حيدر شر جي ولادت ٿي (گودڙيو فقير) سهروردي طريقي جي بزرگ شاهه قائم الدين قلندر بڪيرائي رحلت ڪئي. پير روضي ڌڻيءَ جي قائم الدين قلندر سان ٿيل ڪچهريءَ جو ڪتابن ۾ حوالو پڻ موجود آهي.

02-1801ع 1216هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 46 سالن جو ٿيو: پير روضي ڌڻيءَ جو استاد مخدوم يار محمد رحلت ڪري ويو. مير رستم خان کي مير محمد حسن خان نالي فرزند ڄائو. زمان شاهه جي چوڻ ۽ صلاح تي حيدرآبادي حڪمرانن ناٿن ڪرو کي سنڌ مان واپاري ڪوٺي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ناٿن ڪرو جي ائين اوچتي اخراج تي ڪمپني سرڪار کي هڪ لک روپيا نقصان ٿيو.

03-1802ع 1217هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 47 سالن جو ٿيو: حيدرآبادي چوياريء جو اڳواڻ ۽ حڪمران مير فتح علي خان ٽالپر وفات ڪري ويو ۽ نتيجي ۾ مير غلام علي ٽالپر حڪمران ٿيو. پير روضي ڌڻيءَ مير فتح علي جي وفات تي حيدرآباد وڃي مير غلام علي خان ٽالپر سان رضا الاهي ڪئي. پير روضي ڌڻي مير فتح علي خان ٽالپر جي ايام ڪاريءَ ۾ ڏانهن موٽو هندو مسلمان ڪرڻ ويا هئا، مگر مير فتح علي مسلمان ٿيڻ لاءِ موٽو هندو پير روضي ڌڻيءَ جي حوالي نه ڪيو هو، اهڙو ذڪر ملفوظات ۾ موجود آهي.

04-1803ع 1218هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 48 سالن جو ٿيو: ڪابل ۾ زمان شاهه جي حڪمراني جو خاتمو ٿيو ۽ شجاع الملڪ ڪابل جو بادشاهه ٿيو پير روضي ڌڻيءَ هڪ رات خواب ۾ ڏٺو ته تيز پاڻي وڏي هيبت سان ايندي هڪدم سڪي ويو. اهو خواب هن ريت سچو نڪتو ته شاهه شجاع وڏي گهمنڊ، ڏمر ۽ ڪاوڙ سان سنڌ تي ڪاهي آيو، پر جيئن خواب ۾ پاڻي هڪدم سُڪي ويو، تيئن شاهه شجاع جي ڪاوڙ به ڪافور ٿي وئي، هن سردست 10 لک رپيا ورتا ۽ ساليانو 5 لک رپيا ڍل جي وعدي تي ميرن سان جنگ ڪرڻ کانسواءِ هليو ويو. شاهه شجاع کي واپس ڪرڻ ۾ پير روضي ڌڻيءَ مخدوم محمد عاقل ثالث کهڙائي ۽ سيد محمد صالح شاهه جيلاني جي سفارتڪاريءَ اهم ڪردار ادا ڪيو. پير روضي ڌڻيءَ شاهه شجاع سان ملاقات دوران خودداري، روحاني حيثيت ۽ علمي تقاضا جون مثالي نموني سان گهرجون پوريون ڪيون پاڻ سان شامل مريدن تي پابندي وڌي وئي هئي ته اهي لشڪر جي بازار مان ڪابه شيءَ خريد ڪري نه کائيندا. پير روضي ڌڻيءَ ۽ سندس معتقدن انهي دوران پنهنجوئي کاڌو .

ول جي ڳالهه تان مير غلام علي خان ٽالپر ۽ مير ٺاري خان جي ڪڙمن وچ ۾ٿيل ويڙهاند جنگ جو روپ ورتو هن ويڙهاند ۾ 410 شهداداڻي ۽ 300 ماڻڪاڻي ماريا ويا.

05-1804ع 1219هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 49 سالن جو ٿيو: ڪڇ ۽ سنڌ ۾ سخت ڏڪار پيو ۽ ڪن هنڌن تي ماڻهن ٻار وڪڻڻ شروع ڪيا. مير غلام علي ٽالپر ڀاڳناڙي ۾ قلات جي خان محمود خان جي ڀائٽيءَ سان شادي ڪئي. اندازو آهي ته هن سال پير روضي ڌڻيءَ مير غلام علي ٽالپر جي حڪومت جي 16 هزارن جي قرضي غلام محمد انڙ جي سرڪار ٽيڪس معاف ڪرائڻ لاءِ مير غلام علي سان ملڻ ۽ ٽيڪس معاف ڪرائڻ لاءِ حيدرآباد ويا هوندا، انهيءَ واقعي جو حوالو ملفوظات ۾ موجود آهي.

06-1805ع 1220هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 50 سالن جو ٿيو: 25 سال حڪومت حاصل ڪرڻ جي ناڪام ڪوششن بعد ميان عبدالنبيء راجن پور ۾ وفات ڪري ويو. ۽ سندن فرزند سيد اسماعيل شاهه 18 سالن جي ڄمار ۾ انتقال ڪري ويو.

07-1806ع 1221هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 51 سالن جو ٿيو: مير ٺاري خان جي پٽ مير علي مراد ” ميرپور خاص“ شهر اڏايو ۽ ان کي تخت گاهه بڻايو. يقين سان ته چئي نه ٿو سگهجي، پر اندازو آهي ته پير روضي ڌڻيءَ سرڪاري قرضي الله بخش انڙ کي ڇڏائڻ لاءِ حيدرآباد ۾ مير غلام علي ٽالپر سان ملاقات ڪئي. هن واقعي جو تفصيل ۽ حوالو ملفوظات ۾ موجود آهي.

08-1807ع 1222هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 52 سالن جو ٿيو: ڪئپٽن ڊيوڊ سيٽن سنڌ ۾ آيو. مير رستم خان اول مير علي اڪبر نالي ٻيو نمبر پٽ چائو جنهن اڳتي هلي محراب پور لڳ ”ٽنڊو مير علي اڪبر“ شهر ٻڌو، هو پنهنجي دور جو شاعر پڻ ٿيو.

09-1808ع 1223 جڏهن پير روضي  ڌڻي رحه 53 سالن جو ٿيو: سندن فرزند محمد صادق ساه القب مسجد وارو وفات ڪري ويا، ويهه ورهن ۾.

10-1809ع 1224 جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 54 سالن جو ٿيو: فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ولادت ٿي. انگريزن رنجيت سنگهه سان دوستيءَ جو معاهدو ڪيو. نڪولس هينڪيسٽ سمٿ، رابرٽ ٽيلر، پاٽينجر، هينري ايلس، ڪئپٽن چارلس ڪرسٽي ۽ وليم هال سنڌ ۾ آيا. سمٿ معرفت مير غلام علي انگريزن سان معاهدو ڪيو، جنهن مطابق سنڌ سرڪار فرينچن کي سنڌ ۾ نه رهڻ ۽ نه اچڻ جو وعدو ڪيو ۽ انگريزن کي تجارجي سهولتون ڏنيون ويون. مير سهراب خان بهاولپور تي چڙهائي ڪئي مگر صلح ٿيو.

11-1810ع 1225هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 55 سالن جو ٿيو: سنڌ جي نامياري شاعر حمل فقير جي ولادت ٿي.

12-1811ع 1226هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 56 سالن جو ٿيو: مير سهراب خان اچ جي ساداتن جي حق رسيء لاءِ بهاولپور تي لشڪر چاڙهيو، ليڪن ابتدا ۾ کيس ناڪامي ٿي پوءِ حيدرآباد حڪومت جي تعاون سان وري حملو ڪيائون ۽ نتيجي ۾ سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ ڀاڙو خيرپور سان ملائين ۽ شهزادي رحيم يار خان کي يرغمال بڻائي آيو.

13-1812ع 1227هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 57 سالن جو ٿيو: قرآن پاڪ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪندڙ مخدوم ضياءالله وفات ڪري ويو. مير غلام علي ٽالپرانگريزن سان دوستيءَ جا ٻه معاهد ڪيا. انهن معادهن کان پوءِ هڪ ڏينهن شڪار تي ويو ۽ شڪار دوران هرڻ جو سڱ پير ۾ لڳڻ سبب کيس زندگي جي بازي هارڻي پئي. مير غلام علي جي موت کان پوءِ مير ڪرم علي ٽالپر حيدرآبادي حڪومت جو اڳواڻ ٿيو.

ملفوظات ۾ مير غلام علي ٽالپر جي حوالي سان ڪجهه واقعن ذڪر ملي ٿو. پير روضي ڌڻيءَ جڏهن به حيدآبادي حاڪمن جي دعوت تي ويندا هئا ته انهن جو طعام نه کائيندا هئا. هڪ دفعي مير غلام علي پير روضي ڌڻيءَ کي آڇ ڏني ته اوهان کي پروانو لکي ٿا ڏيون ته جيئن اسان جي حڪمرانيءَ وارين حدن ۾ جيڪو غير مسلم اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيڻ جي تقاضا پوري ڪري ته ان کي ڀلي مسلمان بڻايو، مگرپير روضي ڌڻيءَ اهڙي آڇ کي قبول نه ڪيو. مير غلام علي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي گفتگو دوران حاڪماڻي گهمنڊ ۽ پير روضي ڌڻيءَ سان حسد جو مظاهرو به ڪري وٺندو هو. هڪ ملاقات دوران چيائين ته پير صاحب! اوهان پوک ته ڏاڍي آباد ڪئي آهي پر اها سقيم ٿي پئي. پير روضي ڌڻيءَ کين ترت جواب ڏنو ته  سقيم پوک حاڪمن کان بي حساب رهندي. جواب پير روضي ڌڻيءَ جي خودداري ۽ منطق جو مظهر آهي. حيدرآباد ۾ ڪنهن ٻئي موقعي تي چيو ويو ته پير روضي ڌڻيءَ جا مريد ڀت گهڻو ٿا کائن. پاڻ انهيءَ جواب ۾ لاجواب ڳالهه ڪيائون ۽ چيائون ته صحت مند آهن.

14-1813ع 1228هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 58 سالن جو ٿيو: مير سهراب خان ٽالپر پنهنجي ڀڳ ۽ ملڪيت جو وارث پنهجي وڏي پٽ مير رستم علي ٽالپر کي بڻايو. درگاهه چنهيه فقير جو سجاده نشين ميان فقير محمد وفات ڪري ويو.

15-1814ع 1229 جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 59 سالن جو ٿيو:

ڪو به تاريخي واقعو نه آهي.

16-1815ع 1230هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 60 سالن جو ٿيو: مير سهراب خان کي مير علي مراد خان نالي پٽ ڄائو جيڪو اڳتي هلي خيرپور جو حڪمران ٿيو. خليفو نبي بخش لغاري پير روضي ڌڻيءَ جو مريد ۽ پوءِ خليفو ٿيو. ميان سرفراز ڪلهوڙي جو ٻڌل شهر ۽ تخت گاهه ”خداآباد“ ڦٽي ويو. ڪابل ۾ شاهه شجاع جي حڪمراني جي پڄاڻي ٿي، هو حيدرآباد ڀڄي آيو، عظيم خان هن پوئتان ايوب شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ لشڪر موڪليو، ميرن 12 لک رپيا چٽي ڀري لشڪر کي واپس ڪيو، ۽ شاهه شجاع لڌيانه ڀڄي ويو.

17-1816ع 1231هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 61 سالن جو ٿيو: پير روضي ڌڻيءَ جو وڏو ڀاءُ پير سيد عبدالرسول شاهه رحلت ڪري ويو، سندس ولادت 1168هه ۾ ٿي هئي. قاضي احمد علي سنڌي چشتي وفات ڪري ويو. سيد پير صبغت الله شاهه اول کي پير علي گوهر شاهه ”اصغر“ نالي فرزند ڄائو. انگريزن حيدرآباد حڪومت سان ٽيون معاهدو ڪيو جنهن ۾ باهمي دوستيءَ کان علاوه اوڀر واري سرحد وٽان کوسن جي حملن کي روڪڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي.

18-1817ع 1232هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 62 سالن جو ٿيو: کهڙن جو مخدوم محمد عاقل رحلت ڪري ويو. قادري طريقي جو بزرگ حافظ عبدالله درازي وفات ڪري ويو. اهو ڌيان ۾ رهي ته متان رنجيت سنگهه سنڌ تي حملو ڪري، ميرن آغا اسماعيل خان کي ممبئي جي گورنر ڏانهن موڪليو ته جيئن هو رنجيت سنگهه کي حملي ڪرڻ کان روڪي.

19-1818ع 1233هه جڏهن پير روضي ڌڻي رحه 63 سالن جو ٿيو: سکن ملتان تي قبضو ڪيو. بهاولپور جي نواب کان سيدن کي حق وٺي ڏيڻ واري مامري ٿي ٿيل ويڙهاند/جنگ ۾ شادي خان رند ماريو ويو، جيڪو پوءِ ” شادي شهيد“ جي نالي سان مشهور آهي. مينگهي فقير شر جي ولادت ٿي حضرت پير سائين روضي ڌڻي رحلت فرمائي.

حضرت پير روضي ڌڻيءَ ۽ سندس دور جي ڪرنالاجي/تاريخ وارو واقعن جو وچوڙ هڪ مڪمل پراجڪيٽ جي حيثيت رکندڙ تحقيق ڪم آهي، مون فقط چند واقعن جو اندراج ڪري هڪ بنيادي خاڪو چٽيو آهي، جڏهن ته انهي کي وڌائي ۽ سڌاري هڪ الڳ ڪتاب مرتب ڪري سگهجي ٿو. منهنجيءَ هن نماڻي ڪوشش ۾ ڪيترن پهلوئن کان وڌيڪ اضافي ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي. مثال طور پير سائين روضي ڌڻيءَ جي شادين جون تاريخون، مڪتوبات لکڻ جون تاريخون، سندن مختلف ماڳن مڪانن، شهرن ۽ ڳٺن ۾ وڃڻ جون تاريخون، سندسن معاصرين جي سوانح سان لاڳاپيل اهم واقف جو  اندراج کهڙن جي مخدومن، ڏانهن ۽ ٻين مشاهر ڏانهن لکيل افغاني حڪمرانن جا خط ۽ تاريخون، افغان حڪومت طرفان انهيءَ دور ۾ ڪلهوڙن ۽ ميرن کي حڪومت ڪرڻ جا پروانا ۽ انهن جون تاريخون پير روضي ڌڻيءَ جي 63 سالن جي ڄمار ۾ لکيل ڪتابن ۽ سمورن جو ذڪر ۽ تاريخون ۽ مير سهراب خان جي حڪمرانيءَ جي ايام ڪاري وغيره.

اهڙيءَ ريت منهنجي ڪرانالاجيءَ ۾ ڏنل واقعن جي تاريخن ۽ سالن جي تصديق ڪرڻ جي گنجاش موجود آهي. ساڳي طرح مون تڪڙي سڏ تي فقط محدود زريعن وسيلن مان فائدو ورتو آهي، جڏهن ته حضرت پير سائين روضي ڌڻيءَ سندن دور تي اڃا ڳچ سارو معلومات مواد موجود آهي ۽ ان مان پڻ استفادي ڪرڻ جي گنجاش موجود آهي.

آخر ۾ آئون اها اُميد رکان ٿو ته هن موضوع کي جيتوڻيڪ مون متعارف ڪرايو آهي، پر ان کي جامع مڪمل ۽ مستند بنائڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي ويندي.

 

© Fayaz Sindhi 2010