3/12/2011 - Birth date and Death Date ---> January updated     3/12/2011 - Birth date and Death Date ---> February uploaded     3/3/2011 - Birth date and Death Date ---> January     2/18/2011 - Choronology of 1942, 1943, 1944, 1945, 1946 & 1947 uploaded     2/16/2011 - Choronology of 1940 & 1941 uploaded     2/14/2011 - Choronology of 1939 uploaded     2/13/2011 - Choronology of 1937 & 1938 uploaded     2/9/2011 - Choronology of 1935 & 1936 uploaded     2/8/2011 - Choronology of 1933 & 1934 uploaded     2/3/2011 - Choronology of 1932 uploaded     2/1/2011 - Choronology of 1931 uploaded     1/31/2011 - People Speak About Gulhayat webpage Updated     1/30/2011 - 5TH SINDH PROVINCIAL CONFERENCE KARACHI IN SINDHI     1/19/2011 - Chronology of the sindh khilafat committee     1/16/2011 - Chronology 1927 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1839 updated     1/16/2011 - Chronology 1919 updated     1/16/2011 - Chronology 1920 updated     1/16/2011 - Chronology 1922 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1923 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1926 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1925 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1928 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1929 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1930 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1924 uploaded     1/14/2011 - Good Morning Messages updated     1/12/2011 - People Speak About Gulhayat Updated     1/11/2011 - Peer Pagara History and its Chronology     1/10/2011 - Shaheed Zulfiqar Ali Bhutto Address 15 December 1971     1/10/2011 - presidential address OF MR. M. A. JINNAH READ ON 8th OCTOBER 1938.     1/9/2011 - The First Sindh Provincial Muslim League Conference Karachi with resoulation     1/9/2011 - Pagara Corner     12/30/2010 - The First Sindh Provincial Muslim League Conference Karachi     12/22/2010 - Punjab     12/21/2010 - The site Kutte-Ji-Qabar is part of Sindh     12/21/2010 - People Speak About Gulhayat     12/16/2010 - Comments page is uploaded     12/14/2010 - Choronology is updated     12/11/2010 - VOICE OF SINDH: OPPOSES KALA BAG DAM     12/10/2010 - Presidential Address by Shaikh Abdul Majid Sindhi     12/10/2010 - Ghulam Muhammad Khan Bhurgri’s Speech     12/9/2010 - Choronology is uploaded     12/7/2010 - ALL Addresses and Speeches     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 7 april, 1996,Islamabad     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 28 March, 1996,Islamabad     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speeches and Statements on JAMMU & KASHMIR     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 20 January, 1996, Tokyo     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 30 November, 1995, Islamabad     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 04 January, 1996, Jacobabad     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 19 April, 1994, Bonn     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 3 January, 1994 Larkana     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 11th January, 1994 Hala     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech DECEMBER 5, 1993 Lahore     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech Garhi Khuda Buksh 4 April, 1994     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 20 November, 1994, Larkana     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 14 March, 1995, Islamabad     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 07 November, 1995, Tehran     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech Islamabad 27 February, 1994     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 8 june, 1994, Islamabad     11/30/2010 - M.Q.M Updated     11/30/2010 - P P P Press Clipping     11/30/2010 - Simon Commission     11/25/2010 - The British Empire League updated     11/24/2010 - Sugar Crises     11/24/2010 - Stories of founder     11/23/2010 - Dr Pathan Presentation on Sindhi Culture     11/22/2010 - Complete Good Morning Messages     11/19/2010 - Index of social Organizations updated     11/19/2010 - Eminent social workers part1     11/15/2010 - Birth date and Death Date ---> January     11/14/2010 - Gul hayat institute’s holdings On muslim league     11/14/2010 - PIRs OF SINDH AGAINST NON CO-OPERATION     11/14/2010 - Sindh Zamindars Association Updated     

گل حيات انسٽي ٽيوٽ ۾ قائم ڪيل پاڳارا ڪارنر ۽ ان ۾ گڏ ڪيل مواد خواهه معلومات جو تفصيل

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

تعارف: لاڙڪاڻي ۾ ”مهين جي دڙي“ جي بنهه وچ تي تعلقي ڏوڪري جي ڳوٺ خير محمد آريجا جي وستي آباد آهي، هو ڳوٺ کي اهو اعزاز حاصل آهي جو هتي حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻي، علامه محمد آريجويءَ جي مڪتب ۾ تعليم حاصل ڪئي، هي ڳوٺ مخدوم شهاب الدين مڱريي جو مرهون منت آهي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جو هي ساٿي، مخدوم عبدالرحيم جي شهادت کان پوءِ هن ڳوٺ اچي آباد ٿيو، هن بزرگ سڄي ڳوٺ ۾ اسلامي نظام نافذ ڪيو، ڪنهن کي ڪهڙي مجال جو هن ڳوٺ ۾ ڪو غير شرعي ڪم ڪري، شايد ڳوٺ جي شهرت ۽ علامه محمد آريجويءَ جي علميت حضرت پير سائين روضي ڌڻي کي هن ڳوٺ ۾ تعليم وٺڻ جو ڪارڻ ٿيو.

علامه محمد آريجوي اتر سنڌ ۾ ”استاد ڪل“ طور ڄاتو ۽ سڄاتو ويندو هو، هن بزرگ مخدوم شهاب الدين مڱريي ڳوٺ ۾ جن علمي روايتن جو بنياد رکيو، اهي اڄ ڏينهن تائين قائم ۽ دائم آهن، مذهب ۽ مذهبي تعليم جي حوالي سان انهن روايتن کي مولوي تاج محمد کوکر سهڻي نموني سان نڀايو ۽ پنهنجي علمي حيثيت ڪري وڏي شهرت ماڻي، هن بزرگ ڪري به ڳوٺ جو هنڌين ماڳين ناماچار ٿيو،

1990ع ۾ جڏهن هن ڳوٺ ۾ گل حيات انسٽي ٽيوٽ قائم ٿيو ته اهو ادارو پنهنجي علمي ۽ تحقيقي خدمتن ڪارڻ ڏيهه پرڏيهه ۾ ڳوٺ جو تشخص بڻجي ويو، هندستان کان وٺي آمريڪا تائين، انگلينڊ کان وٺي هالينڊ تائين هن اداري جي هاڪ ٿي.

دنيا ۾ آرڪائيوز جو وڏي کان وڏو ادارو هالينڊ ۾ آهي، جنهن جو نالو آهي ”انٽرنيشنل انسٽي ٽيوٽ آف سوشل هسٽري“، هن اداري ۾ لينن ۽ ڪارل مارڪس کان وٺي هٽلر ۽ چرچل تائين تاريخ جي تمام وڏن ڪردارن جا هٿ سان لکيل اصلي خط، ڊائريون ۽ ٻيو مواد موجود آهي، پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ مختلف ملڪن تاريخي اهميت وارو پنهنجو رڪارڊ هن اداري ۾ امانت طور محفوظ ڪرايو هو ۽ پوءِ انهن مناسب ڄاتو ته اهو اتي ئي رکيو وڃي.

انهيءَ اداري کي جڏهن ”گل حيات“ جي خبر پئي ته پنهنجي ايشيائي شعبي جو سربراهه ڏياري موڪليائين، جنهن آگسٽ 1998ع ۾ هي ادارو ڏٺو ۽ پنهنجي انتظاميه طرفان گل حيات انتظاميه کي الحاق ڪرڻ جي گذارش ڪيائين، انهيءَ عملدار ”گل حيات“ بابت وزيٽرس بوڪ ۾ تاثرات لکيا ته: ”اسان انسان تاريخي مخلوق آهيون ۽ تاريخي شعور کان سواءِ اسان جهڙوڪ ڍڳا آهيون، بدقسمتيءَ سان انسان پنهنجي تاريخ، تاريخي مواد ۽ تاريخي شاهدين جي جوڳي حفاظت نه ڪئي آهي، ان ڪري انساني تاريخ ۾ ڏند ڪٿائون واسو ڪري ويون آهن، جنهن ڪري ڪي مثالي انسان معمولي حيثيت به وٺي نه سگهيا ۽ ڪي بنهه معمولي انسان تاريخ ۾ آدرشي انسان ڪري پيش ڪيا ويا.

پر هتي ننڍڙي ڳوٺ ۾ گل حيات انسٽي ٽيوٽ تمام وڏو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ جي تاريخ جون شاهديون محفوظ ڪري رهيو آهي، وقت گذرڻ سان گڏ هي ادارو مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊيءَ ۾ مثالي ادارو بڻجي ويندو.

دنيا جهان جي ڪيترن عالمن ۾ محققن هي ادارو ڏٺو آهي، سنڌ جي سڄاڻ عالمن به هن اداري کي نظر انداز نه ڪيو آهي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1999ع ۾ هي ادارو ڏسڻ آيو، سندس خيال آهي ته : ”ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اڪيلي سر پنهنجي محبت ۽ محنت سان سنڌ جي تاريخ جو نادر خزانو گڏ ڪيو آهي، هن اداري جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ته اهڙو مواد اٽي ۾ لوڻ برابر آهي“

هن اداري کي وڌيڪ ڪارائتي ۽ مفيد بنائڻ لاءِ مون فيصلو ڪيو ته ”گل حيات“ ۾ ڪي اهم ڪارنر قائم ڪيا وڃن، ”پير پاڳارا  ڪارنر“ انهيءَ سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي هئي، مون هن اداري ۾ ڪارنر قائم ڪيو ته روزنامه ”مهراڻ“ اسان جي انهيءَ نماڻي ڪاوش تي تفصيلي ايڊيٽوريل لکيو، جنهن مان اقتباس ڏيڻ وقتائتا نظر اچن ٿا، اخبار لکيو ته:

”حضرت پير سائين پاڳارا جن جي خاندان صدين کان خاص طور سنڌ جي جيڪا روحاني، سياسي ۽ ادبي خدمت ڪئي آهي، ان جو اسان جي تاريخ ۾ ڪو به مثال نه ٿو ملي، پاڳارو خاندان سنڌ جو اهو واحد خاندان آهي جنهن ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي آزاديءَ لاءِ پنهنجي مالي ۽ جاني قرباني ڏني ۽ برصغير ۾ اسلامي جهاد جي مالي خواه افرادي مدد ڪئي، پاڳاري خاندان جي انهن ڪارنامن کي ڌيان ۾ رکندي اتر سنڌ جي علمي، ادبي، تحقيقي اداري گل حيات انسٽيٽيوٽ جي جفاڪش انتظاميا اداري ۾پاڳارا ڪارنر قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، هن ڪارنر جي قيام جو ابتدائي ڪم اداري طرفان مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ حضرت پير سائين پاڳارا ۽ سندن فرزندن جي سياسي سرگرمين ۽ قومي خدمتن کي محفوظ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، ان کان سواءِ هن عظيم روحاني ۽ سياسي خاندان جي مريدن ۽ معتقدن جا لکيل علمي ۽ ادبي ڪتاب پڻ هن اداري گڏ ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو آهي، گل حيات انسٽيٽيوٽ انهيءَ حوالي سان پاڳارا خاندان اسان ان ڪري به هڪ خاص نسبت رکي ٿو ته هي ادارو تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ قائم ڪيو ويو آهي، هي ڳوٺ تاريخي ڳوٺ آهي، جنهن ۾ حضرت پير سائين روضي ڌڻي عليه الرحمة جن علامه محمد آريجوي جي مدرسي ۾ تعليم ورتي ۽ هن ڳوٺ کي اهڙو اعزاز بخشيو، هي انسٽيٽيوٽ سنڌ جي نامياري محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب قائم ڪيو آهي، هن اداري ۾ سماجي علوم ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙن جي فني رهبري ڪرڻ کان سواءِ کين وس آهر مواد ۽ معلومات فراهم ڪرڻ ۾ پڻ سهڪار ڪيو وڃي ٿو، جنهن ڪري ڪيترائي پي ايڇ ڊي جا شاگرد هن اداري مان مستفيد ٿي رهيا آهن، هي ادارو نج خانداني ذريعن ۽ وسيلن تي هلايو پيو وڃي ۽ ان جي ساراهه جوڳي انتظاميا اداري کي سرڪاري خواهه درٻاري امداد جي عيب کان آجو رکيو آهي، هن اداري ۾ ”پاڳارا ڪارنر“ جو قيام اداري جي انتظاميه جي تاريخ دوستيءَ ۽ تحقيق ذوق جي مظهر جو پڪو ثبوت آهي ۽ اسان اهڙي قدم تي دل جي گهراين سان اداري جي انتظاميا کي مبارڪباد ڏيون ٿا، اهڙي تاريخي ڪم کي هٿ ۾ کڻندي هن اداري پاڳاري خاندان سان لاڳاپيل سياسي رهبرن، عالمن ۽ اديبن کي گذارش ڪئي آهي ته اهي هن قومي، علمي، ادبي ۽ تاريخي اهميت جي حامل ڪم ۾ اداسي سان ڀرپور تعاون ڪندي فنڪشنل مسلم ليگ جون سموريون برانچون جاري ٿيندڙ پريس رليز جي هڪ هڪ ڪاپي اداري ۾ محفوظ رکڻ لاءِ اداري کي موڪلي ڏين ۽ درگاهه شريف سان لاڳاپيل شاعرن، ليکڪن ۽ صحافين کي پڻ چيو ويو آهي ته اهي پنهنجا ڪتاب، رسالا ۽ لکڻيون اداري کي فراهم ڪن ته جيئن ”پاڳارا ڪارنر“ کي هڪ بي مثال تاريخي ڪارنر بڻائي سگهجي.

گل حيات انسٽيٽيوٽ جي مذڪوره تحسين لائق مقصد خاطر ”پاڳارا ڪارنر“ کي ايڏي وڏي پئماني تي اهميت ڏيڻ سان اسان اداري جي انتظاميا خاص طور تي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب کي هن عظيم مقصد کي هٿ ۾ کڻڻ تي لفظن جي قيد کان گهڻو مٿي ساراهڻ کان سواءِ نه ٿا رهي سگهون ۽ اداري طرفان جن معتبرن کان سهڪار طلب ڪئي وئي آهي، انهن دانشورن، اديبن، سياستدانن، عالمن ۽ صحافين کي اسان به گذارش ڪنداسين ته اهي اداري جي انتظاميه سان ڀرپور سهڪار ڪري سنڌ جي هن تنظيم روحاني خواهه سياسي گهراڻي ۽ سندس مريدن، معتقدن ۽ پوئلڳن جي خدمتن کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ واري ڪم کي تڪميل تي پهچائين.“

گڏ ڪيل مواد جو تفصيل: پاڳارا خاندان هونءِ ته زندگيءَ جي هر هڪ شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون اهن، پر جيڪڏهن چند شعبن جو خاص ذڪر ڪبو ته اهي آهن علم، ادب ۽ سياست، هن خاندان سان لاڳاپو رکندڙ ڪيترين شخصيتن علم ادب جي دنيا ۾ نالو ڪمايو، اهڙي ريت پاڳارا درگاهه سان لاڳاپيل اڻ ڳڻين مريدن ۽ معتقدن به علم ۽ قلم جي دنيا کي آباد ڪيو، جيڪڏهن پاڳارن ۽ پاڳارن جي مريد ليکڪن، شاعرن ۽ اديبن جي نالن جو وچور ٺاهجي ته ڪيئي دفتر جڙي پون، پاڳارن ۽ سندن مريدن سنڌي ٻولي ۽ علم، ادب جي ايڏي ته مثالي خدمت ڪئي آهي جو ان لاءِ هڪ الڳ انسٽيٽيوٽ ٺاهي، سموري مواد کي سموهي، سهيڙي ۽ محفوظ ڪري سگهجي ٿو، پر هتي آئون اهو عرض ڪندو هلان ته اهو ڀلو ۽ چڱو ڪم ڪا به حڪومت ڪا نه ڪندي، البت پاڳارا درگاهه سان لاڳاپيل مريد، دانشور ۽ سخي مرد ئي اهو ڪم ڪري سگهن ٿا، اهي مريد جن ننڍي کنڊ ۾ مرشد مٿان جان ڏيڻ جا مثال قائم ڪيا، جن سر ڏنا ۽ سر ڏئي سگهن ٿا، تن لاءِ هيءَ ڳالهه نه ته ڏکي آهي ۽ نه وري وڏي آهي، انهيءَ ڳالهه ۾ سندن ئي مان ۽ شان آهي ته هو دنيا جهان کي ٻڌائين ته هنن ۽ سندن مرشدن سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي به مثالي خدمت ڪئي آهي، اهو سڀ ڪجهه تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو، جڏهن ”پاڳارا ريسرچ انسٽي ٽيوٽ فار لٽريچر ائنڊ لئنگويج“ قائم ڪيو وڃي، تحقيقي بنيادن تي عالمن، اديبن، شاعرن، ليکڪن، صحافين ۽ سگهڙن جا ڪوائف گڏ ڪيا وڃن، علم ادب جي هر هڪ نثري خواه شعري صنفن کي ڌيان ۾ رکي مواد گڏ ڪري ڪتاب شايع ڪرايا وڃن.

جيڪڏهن اهڙو ادارو ٺاهڻ في الحال ناممڪن آهي ته پوءِ پاڳارا درگاهه سان لاڳاپيل ليکڪن، عالمن، اديبن، شاعرن، سگهڙن ۽ صحافين کي اسان گذارش ڪنداسين ته اسان سان تعاون ڪن، جيڪي شاعر آهن، سي پنهنجي ڪلام جو قلمي بياض ڏياري موڪلين، جيڪي صحافي آهن، اهي پنهنجي شايع ٿيل خبرن ۽ تبصرن جي فوٽو اسٽيٽ ڪرائي جلد هڻائي ڏياري موڪلين، جن ڪتاب لکيا آهن ۽ اهي شايع ٿيا آهن، اهي اسان ڏي ڏياري موڪلين، جن رسالا ڪڍيا آهن، انهن جا سيٽ ۽ ڪاپيون موڪلي ڏين، ڪوائف نامي ۾ اسان ڪا وڏي معلومات نه ٿا وٺون، ان ۾ اسان نالو ولديت، ذات، ڄمڻ جي تاريخ، ڄمڻ جو هنڌ، سال وار تعليمي لياقتون، ذريعه معاش روزگار ۽ ايڊريس پڇون ٿا، اها معلومات ڪنهن اڇي پني تي به لکي موڪلي سگهجي ٿي، اسان اهي ڪوائف ناما، ڪتاب، مواد ۽ بياض گل حيات ۾ قائم ڪيل هن ”پاڳار ڪارنر“ ۾ محفوظ ڪنداسين.

هن وقت تائين اسان جيڪو علم، ادب سان لاڳاپيل مواد ”پاڳار ڪارنر“ ۾ محفوظ ڪيو آهي، ان ۾ هي مواد ذڪر لائق آهي:

(الف) پاڳارن بابت مواد: پير سائين روضي ڌڻي تي ڊاڪٽر لاڙڪ جي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز، ملفوظات پير سائين روضي ڌڻي (مرتب حضرت مولانا محمد قاسم مشوري)، صحبت سپرين جي (ملفوظات روضي ڌڻي)، خزانة المعرفت (پير تجرڌڻي جي ملفوظات)، عظيم شخصيت عظيم ڪردار (عبدالقيوم)، تبصره بر تذڪره پيران پاڳارا (ابوالحسان قادري)، حضرت پير سائين روضي ڌڻيءَ جو ڪلام (مولوي عبداللطيف سڪندري)، ڪنگري (نعيم اختر شاهه راشدي)، روحاني رومزون عرف سنڌي ادب سان پيار، تاريخ پاڳاران (رحمت الله ونڊير)، ڀيڄ پاڳارا پير پاڳارا (مفتي در محمد)، سنڌ اسلامي محاذ (مقالو- مترجم محمد عثمان بلوچ)، سورهيه پبليڪيشن جو شهيد سورهيه بادشاهه نمبر، سورهيه پبليڪيشن جو ڀيڄ پاڳارا نمبر، سانگهڙ (ڌيپلائي)، جهونگار (مختلف پرچا)، منصور (مختلف پرچا)، الهديٰ (مختلف پرچا). الراشد (مختلف پرچا)، سنهري دن (مختلف پرچا).

(ب) راشدي ليکڪن جا ڪتاب: پير علي محمد شاهه راشدي، پير حشام الدين شاهه راشدي ۽ ذوالفقار راشديءَ جا ڪتاب.

(ت) مريدن ۽ معتقدن بابت مواد: فقير عبدالرحيم عابد جو ڪلام (قلمي نسخو)، ٺري ميرواهه سب ڊويزن جي ادبي تاريخ (غازي محمد ايوب فقير شر)، قائم قوي (ميان قائم الدين شر جو ڪتاب)، علي حسن فقير جو ڪلام (قلمي نسخو)، مير محمد شير جو ڪلام (قلمي نسخو)، جهاد الاحرار (نورالدين انور فضل آباديءَ جو 1965ع واقري جنگ جو حرن جي ڪردار بابت قلمي نسخو)، اشعار انور (نورالدين انور جو ڪلام. قلمي نسخو)، عرض محمد ميهر فقير شر جو ڪلام (قلمي نسخو)

سياسي ادب: مون جيئن علمي ۽ ادبي مواد جي ميڙي چونڊي لاءِ ”پاڳارا ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار لٽريچر ائنڊ لئنگويج“ جي صلاح ڏني آهي، اهڙيءَ طرح پاڳارا خاندان ۽ سندن مريدن خادمن جي سياسي خدمتن ۽ ڪارنامن تي تحقيقي انداز سان ڪم ڪرڻ لاءِ ”پاڳارا ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار هسٽري“ جي تجويز ڏئي سگهجي ٿي، آئون وري هيءَ آڇ ڏيندس ته جيڪڏهن اهڙا ادارا قائم ڪرڻ وقتي طور تي ممڪن نه آهن ته پوءِ گل حيات سان تعاون ڪيو وڃي، مثال طور هن وقت سنڌ ۾ ”پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل“ جون هنڌين ماڳين شاخون قائم ٿيل آهن، انهن شاخن جا عهديدار جيڪڏهن اسان ڏانهن پنهنجا ڪوائف لکي موڪلين، پارٽيءَ جو پوسٽر، پمفليٽ، اسٽيڪر يا اشتهار ڏياري موڪلين ۽ ان کان سواءِ پنهنجي دفتر مان جيڪا به پريس رليز ڪڍن ۽ ان جي ڪاپي گل حيات جي ايڊريس تي ڏياري موڪلين ته اسان اهو سمورو مواد ”پاڳارا ڪارنر“ ۾ محفوظ ڪنداسين.

هن وقت تائين اسان جيڪو سياسي ادب گڏ ڪيو آهي ان جو تفصيل هن ريت آهي:

الف... حضرت پير سائين پاڳاري جا سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ شايع ٿيل بيان ۽ سندن متعلق ايڊيٽوريل خواهه مضمون، تبصرا ۽ تجزيا.

ب... پير صبغت الله شاهه راشدي جا سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ شايع ٿيل بيان ۽ خبرون.

ت... پير صدرالدين شاهه راشدي جا سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ شايع ٿيل بيان ۽ خبرون.

ث... پير علي گوهر شاهه بابت سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ شايع ٿيل بيان ۽ خبرون.

ج... سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ جا بيان ۽ خبرون.

ح... محترم جادم مڱريئي جا بيان ۽ خبرون.

خ... محترم انور نظاماڻي جا بيان ۽ خبرون.

د... محترم محمد بخش خاصخيليءَ جا بيان ۽ خبرون.

ذ... محترم خدا بخش راڄڙ جا بيان ۽ خبرون.

ر... محترم وريام فقير جا بيان ۽ خبرون.

ز... محترم محمد ابراهيم سومري جا بيان ۽ خبرون.

س... محترم امام الدين تنيئي جا بيان ۽ خبرون.

اسان بيانن، خبرن ۽ تبصرن وغيره جو اهو مواد فقط مٿي ڄاڻايل شخصيتن تائين محدود نه رکيو آهي پر مواد ۽ معلومات ملڻ تي ٻين مشاهير جا به ائين فائيل ٺاهينداسين ۽ ٺاهي رهيا اهيون،

هن وقت تائين اسنا ”مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جي هيٺ ڄاڻايل شاخن جا بيان ۽ خبرون به گڏ ڪيون آهن ۽ اهو سلسلو اڃا جاري آهي، حيدرآباد، سانگهڙ، خيرپور، نواب شاهه، لاڙڪاڻو، شهدادپور، ميرپور خاص، خيرپور ناٿن شاهه، مورو، کپرو، دادو، وارهه ۽ سنڌڙي.

فنڪشنل مسلم ليگ ليڊيز ونگ جي هنن شاخن جون خبرون گڏ ڪري سگهيا آهيون، ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻو.

اهڙي ريت ”يوٿ ونگ“ جون هي شاخون آهن، جن جون خبرون اسان محفوظ ڪري سگهيا آهيون، نواب شاهه، ٽنڊوالهيار، لاڙڪاڻو، حيدرآباد، رتوديرو، جهڏو، نئون ديرو، وارهه ۽ ميرپور ماٿيلو.

فنڪشنل مسلم ليگ جي هنن شاخن جا بيان ۽ خبرون ”پاڳارا ڪارنر“ ۾ محفوظ ڪري سگهيا آهيون: سکر، نوشهروفيروز، حيدرآباد، نواب شاهه، شهدادپور، جهڏو، ماتلي، خيرپور، ٽنڊومحمد خان، مورو، ميرپور خاص، نصيرآباد، ٽنڊو الهيار، ٺري ميرواهه، بدين، پير جو ڳوٺ، ڪراچي، کپرو، احمدپور، لاڙڪاڻو، ميروخان، وارهه، نئون ديرو، قمبر، عمرڪوٽ، ڏوڪري، ٺٽو، ٽنڊو باگو، راڄوخاناڻي، سنجهورو، رڪ، پنوعاقل، سوڀوديرو، ڏهرڪي، پاڻوٺ، شاهپورچاڪر، سومر فقير هنڱورو، مٽ، بوزدار وڏا، ديهه راڻياهه، ميهڙ، ميرپور ماٿيلو ۽ سڳيون وغيره.

اسان جي ڏينهن ۾ هن دور ۾ به وڏا ڻ وڻندڙ واقعا ٿيا، ڇهن حرن کي شهيد ڪيو ويو ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪنگري هائوس تي راڪيٽن سان حملو ڪيو ويو، انهن ٻنهي اڻ وڻندڙ واقعن تي اخبارن ۾ چڱو خاصو مواد شايع ٿيو ۽ حرن جي ڪيس جي ڪاروائي وقت به وقت تفصيل سان اخبارن ۾ ايندي رهي، گل حيات جي ”پاڳارا ڪارنر“ ۾ انهن ٻنهي واقعن تي به مواد محفوظ ڪيو ويو آهي.

حر تحريڪ بابت مواد: ”حر تحريڪ“ تي هن وقت تائين منظم نموني سان تحقيقي ڪم نه ٿيڻ جا ڪيترائي ڪارڻ آهن، ان جو بنيادي سبب هي آهي ته گهڻي کان گهڻو معلوماتي مواد سرڪار جي فائيلن ۾ بند آهي ۽ انهيءَ تائين عام ماڻهوءَ جي رسائي ناممڪن نظر اچي ٿي، ان کان علاوه ”حر تحريڪ“ جا عيني شاهد، يعني ”حر“ سرڪار جي عتاب هيٺ رهيا ۽ انهن لاءِ هيءَ ڳالهه ممڪن نه هئي ته اهي هر ڳالهه رڪارڊ تي آڻيندا وڃن، ان ڪري ”حر تحريڪ“ سان لاڳاپيل هزارها داستان هو سينن ۾ سانڍي ڪي جهان ڇڏي ويا ته ڪي جهور پوڙها ٿي ويا.

”حر تحريڪ“ جي ”اورل هسٽري“ گڏ ڪرڻ وارو ڪم نه فقط ڏکيو هو، پر ان سان گڏ نج حرن ۽ غير حرن جي بيانن مان ڪيترا تضاد اڀري اچن ٿا، ڇو ته ”حر تحريڪ“ خلاف سندن مرشدن ڀاين جو طبقو به اڀري آيو هو، اهو ٻيو ڪارڻ آهي، جنهن ڪري قرائتي خواهه غير جانبدار محقق کي ”اورل هسٽري“ گڏ ڪرڻ ۾ دشواري محسوس ٿي، ان ڪري ڪنهن به اهڙي تڪليف وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي.

”حر تحريڪ“ تي قلم نه کڻڻ جو اهم ڪارڻ اهو به آهي ته جيڪڏهن هن تحريڪ تي تحقيق ڪئي ويندي ته ان مان تنهن وقت جي سنڌي سياستدانن ۽ مديرن کان علاوه ڪانگريس توڙي مسلم ليگ جي روين تي به روشني پوندي، عوام اڳيان ڪي اهڙيون حقيقتون اچي وينديون جن ڪري سندن آدرشن... دوستيءَ واري عقيدت متاثر ٿيندي.

غير جانبدار محققن جي حيثيت ۾ اها ڳالهه نظر انداز ڪري نه ٿي سگهجي ته ”حر تحريڪ“ کي انهيءَ وقت بي درديءَ سان ڪچلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن سنڌ صوبائي خودمختياري ماڻي چڪي هئي ۽ سنڌ ۾ اقتدار جي واڳ سنڌي ماڻهن جي هٿ ۾ هئي، سنڌ ۾ ”ڪرمنل ٽرائبسدي ائڪٽ“ 1937 ۾ لاڳو ڪيو ويو، حرن لاءِ لوڙها يا ڪنسٽريشن ڪئمپس ان کان پوءِ قائم ڪيا ويا ۽ متاثر علائقن ۾ مارشل لا انهيءَ دور ۾ لاڳو ڪيو ويو، پير صاحب پاڳاري جي مريدن جو تعداد دنسن انڊر گرائونڊ عسڪري تربيت ۽ حرن جا انگريز دشمن قوتن سان لاڳاپا سنڌ جي ڪيترن مدبرن ۽ سياسي اڳواڻن لاءِ ڪنهن خطري کان گهٽ ڪو نه هئا، اهي سڀ ڳالهيون سنڌ ۾چونڊن تي اثر انداز نه ٿي پيون سگهن، ڪانگريس ۽ مسلم ليگ کان علاوه هڪ ٽين قوت اڀري سگهي پئي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ اندر سياست جو توازن ٻيو رخ وٺي سگهي پيو ۽ اسيمبليءَ ۾ پارٽين کي اڪثريت ثابت ڪرڻ ۾ دشواري محسوس ٿي سگهي پئي، انهيءَ ڪري ”حر تحريڪ“ انگريزن کان سواءِ ٻين لاءِبه ڪنهن خطري کان گهٽ ڪانه هئي، تنهن ڪري ”حر تحريڪ“ کي بي درديءَ سان ڪچلڻ ۾ گهڻي ماڻهن ۽ ڌرين جي دلچسپي هئي، جڏهن حر تحريڪ تي تحقيقي ڪم ٿيندو ته اهي لڪل راز به پڌرا ٿي پوندا، ان ڪري اسان جي تاريخ جو هي ورق اسان کان اوجهل رکيو ويو.

گل حيات انسٽيٽيوٽ هن تحريڪ تي پنهنجن ذريعن وسيلن سان جيڪو مواد گڏ ڪيو آهي، اهو اسان وقت به وقت پڙهندڙن اڳيان پيش ڪندا آيا آهيون ۽ اڳتي به ڪندا رهنداسين، اڳئين سال ”ويچارن حرن سان ويل“ جي عنوان سان به ٽي ڪالم لکيا هئاسين، اهڙيءَ ريت ڪجهه وقت اڳ سنڌ کان ٻاهر سنڌ جي تاريخ تي مواد جي عنوان سان اسان هن ڪالم ۾ ست اٺ قسطون ڏنيوسين جنهن ۾ ”حر تحريڪ“ بابت ڪيتري مواد جي نشاندهي ڪئي وئي هئي، اهو مواد اسلام آباد ۾ ”نئشنل ڊاڪيومينٽيشن سينٽر“ ۾ مائڪرو فلم جي صورت ۾ موجود آهي، انهيءَ مواد ۾ لئمبرڪ جون ڊائريون ۽ رپورٽون ذڪر لائق آهن.

حر تحريڪ تي اسان وٽ جيڪو مواد موجود آهي، انهيءَ کي هنن حصن ۽ قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.

(الف) مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل مواد.... هيءُ اهو مواد آهي، جيڪو تنهن دور جي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيو، انهيءَ مواد تي مشتمل اسان جا ڪالم اڳ ۾ به آيا آهن ۽ پوءِ به ايندا.

(ب) غير سنڌي ڪتابن ۾ موجود مواد... سورهيه بادشاهه خلاف سرڪار جيڪو ٽربيونل ٺاهيو هو، انهيءَ ٽريبيونل جي ڪاروائي جو تت مڪمل صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آهي.

(ت) 1942ع ۾ سنڌ سرڪار هڪ پريس نوٽ جاري ڪيو هو، جنهن ۾ پنهنجي نقطه نگاهه کان ”حر تحريڪ“ جي ستر سالن جي ڪهاڻي ٻڌائي وئي آهي، اهو پريس نوٽ اخبارن يا رسالن ۾ شايع ٿيو يا نه؟ ان جي اسان کي خبر ڪانهي البت پريس نوٽ جي ڪاپي اسان هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آهيون، اهو پريس نوٽ انگريزيءَ ۾ ٽائيپ ٿيل 22 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي ”حر تحريڪ“  خلاف سرڪاري نقطه نظر ڏنو ويو آهي، جڏهن ته حڪومتن ۽ ڌارين جون اهڙيون روايتي قسمن جون نفرتن تي ٻڌل رپورٽون صحيح معنيٰ ۾ وطن دوستن ۽ آزاديءَ جي متوالن جي بهادريءَ ۽ بي باڪيءَ جون ڪهاڻيون هونديون آهن جن کي هو پنهنجي خيال سان  نفرتن ۽ ڪدورتن جي رنگ ۾ لکنديون آهن.

(ث) سنڌ سرڪار جي هوم ڊپارٽمينٽ جا نوٽيفڪيشن ”حر تحريڪ“ جي آغاز کان اختتام تائين سنڌ سرڪار جي هوم ڊپارٽمينٽ ڪيترائي ”سنڌ گورنمينٽ گزيٽ“ ۾ اهڙا ڪيترا نوٽيفڪيشن شايع ٿيا، جن مان ڪجهه گل حيات ۾ موجود آهن.

(ج) سنڌ سرڪار جا حرن بابت ائڪٽ... سنڌ سرڪار حرن ۽ تحريڪ بابت ڪيترا ائڪٽ ڪڍيا، جيڪي پوءِ سنڌي انگريزي ۾ ڇپرائي پڌرا ڪيا ويا، انهن مان ائڪٽ 11 سال 1945، ائڪٽ چوٿون سال 1947ع، ائڪٽ نائون سال 1947ع گل حيات ۾ موجود آهن.

(ح) سنڌ سرڪار جا حرن بابت آرڊيننسز.... ساڳي ريت تحريڪ دوران وقت جي سرڪار ڪيترا آرڊيننسز به جاري ڪيا جن مان ڪجهه آرڊيننس گل حيات ۾ موجود آهن.

(خ) حرن بابت سنڌ اسيمبلي بل... سنڌ اسيمبليءَ ۾ حرن ۽ حر تحريڪ بابت ڪيترا بل پيش ڪيا ويا، جن مان ڪي بل گل حيات ۾ موجود آهن.

(د) سرڪاري ريزوليشن: اهڙيت ريت وقت جي سرڪار حرن ۽ حر تحريڪ بابت جيڪي فيصلا ڪيا، زيردستن کي حڪم ڏنا ۽ ان سلسلي ۾ ريزوليشن ڪڍيا، انهن ڪا ريزاليوشن گل حيات ۾ موجود آهن. جهڙوڪ: نمبر (39) 1305-H سال 1941، نمبر (11) 38 869-H سال 1941، نمبر  303-H سال 1941، نمبر (5) 174-H سال 1942، نمبر (17) 2154-H/40 سال 1942، نمبر 555-H/37 سال 1942.

گل حيات ۾ گڏ ٿيل انهيءَ مواد مان ڪجهه حصو اسان ڪالمن ذريعي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪندا رهنداسين.

”حر تحريڪ خلاف تنهن وقت جي سرڪار انهيءَ وقت ئي ڪات ڪهاڙا تکا ڪرڻ شروع ڪيا، جڏهن منظم نموني سان هن تحريڪ جو اڃا آغاز ئي ڪو نه ٿيو، 1937ع ۾ سنڌ ۾ ”ڪرمنل ٽرائيبس ائڪٽ“ لاڳو ڪيو ويو، وري جڏهن هيءَ تحريڪ اوج تي پهتي ته وڏي پئماني تي حرن کي قيد بند ۾ وجهڻ لاءِ سنڌ جا جيل خالي ڪرايا ويا ۽ ڪيرن ڏوهارين کي آزاد ڪيو ويو، سنڌ سرڪار انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجا ڪيترا ريزوليشنس جاري ڪيا، انهن مان ڪن ريزوليشنس جو حوالو اسان پهرين ڏئي چڪا آهيون، انهن ريزوليشنس ذريعي جن ماڻهن کي جيلن مان آزادي ملي ۽ جن حرن لاءِ پنهنجون جايون خالي ڪيون، تن مان ڪيترن جا نالا گل حيات ۾ موجود آهن.

حر تحريڪ وقت جي سرڪار کي جيئن ۽ جهڙي ريت ڏينهن جا تارا ڏيکاريا، ان جي شاهدي ۽ تصديق لاءِ اسان اوڀر سنڌ جي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي هڪ ليٽر ۽ هند فوج جي عمل خواه رد عمل جو ذڪر ڪيون ٿا:

22 جون 1942ع تي دهليءَ مان ”جنرل هيڊ ڪوارٽرس انڊيا“ جي ”جنرل اسٽاف برانچ“ طرفان ليٽر (نمبر 66-9/111/mo.2) ڪڍيو ويو، جنهن ۾ ”نارٿ ويسٽرن آرمي“، ”ايسٽرن آرمي“، ”سدرن آرمي“ ۽ ”سينٽرل ڪمانڊ“ جي هيڊ ڪوارٽرس کي هدايت ڪئي وئي ته هندوستان جو جيڪو سرڪاري يا فوجي عملدار سنڌ ۾ لڳايل مارشل لا جي حدن ۾ ڊيوٽيءَ يا ٻئي ڪم سانگي داخل ٿيڻ چاهي ته هن تي لازم آهي ته مارشل لا جي حدن ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ مارشل لا اختياريءَ وارن کي اطلاع ڏئي ته هو:

الف... ڪهڙيءَ تاريخ تي، ڪهڙي وقت تي، ڪهڙي هنڌ هوندو يا مارشل لا جي حدن ۾ داخل ٿيندو؟

ب.... مارشل لا جي حدن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هن وقت ڪهڙو جواز يا سبب آهي؟

ت.... هو رستي ڪهڙي ذريعي ۽ ڪهڙي هنڌ تي وڃڻ چاهيندو؟

ث.... مارشل لا جي حدن ۾ ڪيترو وقت رهڻ چاهيندو؟

هند جي ايڇ ڪيو طرفان عملدارن کي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو ويو ته جيڪڏهن ڪو عملدار هن حڪم نامي جاري ٿيڻ کان اڳ مارشل لا جي حدن ۾ موجود آهي ته اهو هڪدم ويجهي ملٽري پوسٽ ۾ رپورٽ ڪري، اهڙيءَ ريت اهو عملدار جيڪو ڪنهن ريلوي اسٽيشن تي پهتو آهي ته هو مارشل لا جي حدن ۾ داخل نه ٿئي پر ريلوي اسٽيشن تي ويهي رهي، ٿاڻي يا فوجي چونڪي کي اطلاع ڏئي ۽ اتان ملندڙ هدايتن يا مدد جو انتظار ڪري.

سنڌ ۽ هند جي فوجي ۽ سولين عملدارن کي جن حدن ۾ بنا اطلاع داخل ٿيڻ کان منع ڪئي وئي، اهي هن ريت آهن:

الف... اوڀر ۾، سنڌ جي اوڀرندي سرحد، خيرپور رياست، سنڌونديءَ جو اوڀرندو ڪنارو سنڌ جي اوڀرندي سرحد تائين جوڌپور-بيڪانير ريلوي تائين.

ب....ڪوٽڙيءَ وٽ سنڌ درياهه اوڀر طرف سنڌ جي اوڀرندي سرحد تائين جوڌپور بيڪانير ريلوي جي ڏکڻ ۽ ويسٽرن ريلوي جي اتر واري ايراضي.

ت...ڪوٽريءَ کان ڪشمور تائين سنڌونديءَ جو اوڀرندو حصو.

جي ايڇ ڪيو هند جي هن تاڪيدي حڪم نامي مان سرڪاري اڻ تڻ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، اهڙيءَ ريت تنهن وقت جي سرڪار اهو پڻ ضروري ڄاتو ته پئسينجر ٽرينن ۾ پوليس جا ”محافظ جٿا“ به رکيا وڃن. اهڙو خيال حڪومت کي 1939ع ۾ آيو، 1941ع ۾ وقت جي سنڌ سرڪار هن ريت ريلوي لاءِ اضافي پوليس محافظ مقرر ڪيا:

1.       ڪوٽڙيءَ کان ڪراچيءَ ۽ ڪراچي کان ڪوٽڙيءَ تائين اٺ محافظ.

2.      حيدرآباد کان پڊعيدن ۽ پڊعيدن کان حيدرآباد تائين اٺ محافظ

3.      سڪرنڊ جي فيڊر لائين لاءِ اٺ محافظ

4.      پڊعيدن کان روهڙي ۽ روهڙي کان پڊعيدن تائين اٺ محافظ.

5.      سکر کان ريتي، رحيم يار خان يا خانپور کان رڪ ۽ روهڙي وارين گاڏين لاءِ اٺ محافظ.

6.      رڪ کان دادو ۽ دوداپور تائين اوٽ موٽ وارين گاڏين لاءِ اٺ محافظ.

7.      جيڪب آباد کان رڪ ۽ رڪ کان جيڪب آباد تائين چار محافظ

8.      دادو کان ڪوٽڙي ۽ ڪوٽڙي کان دادو تائين چار محافظ

9.      چوڌپور ريلوي لاءِ چار محافظ

10.   ڪنڊيارو کان نواب شاهه تائين اوٽ موٽ چار محافظ

11.    دوداپور کان جيڪب آباد اوٽ موٽ چار محافظ

ڪنهن به تحريڪ فرد، واقعي ۽ تنظيم جي ڪهاڻي، فقط انهيءَ تحريڪ فرد واقعي تنظيم جي ڪهاڻي ڪا نه ٿيندي آهي، بلڪه سڄي دور جي ڪهاڻي ٿيندي آهي، مثال طور اسان ”حر تحريڪ“ جو ذڪر ڪندي اوهان جي خدمت ۾ اها ڳالهه عرض رکي چڪا آهيون ته مسافر ٽرينن کي بچائڻ لاءِ حڪومت پوليس مان محافظ مقرر ڪيا، انهيءَ ڄاڻ جو تعلق امن امان جي حالتن ۽ حر تحريڪ سان آهي، پر انهيءَ واقعي بيان ڪرڻ مان اسان کي تاريخ لاءِ ٻي اضافي ۽ ضروري معلومات به ملي ٿي، مثال طور تنهن زماني ۾ گاڏين جي آمدرفت ڪٿان ڪٿان ٿيندي هئي؟ ريلوي جا مکيه مرڪز ڪهڙا ڪهڙا هوندا هئا؟ وغيره وغيره، بهرحال اسان پنهنجي موضوع تان هٽڻ نه ٿا گهرون، ان ڪري وري به ”حر تحريڪ“ تي موٽي اچون ٿا.

”حر تحريڪ“ سان لاڳاپيل تمام گهڻو ۽ اهم مواد انهن ماڻهن جي سينن ۾ موجود آهي، جيڪي لوڙهن ۾ بند ڪيا ويا، لوڙهائي ماڻهو ان جا عيني گواهه بلڪه متاثرين آهن، پاڳارن جي مريدن مان ڪنهن لکڻي پڙهڻي ماڻهو کي همت ڪرڻ گهرجي ۽ اهي واقعا، تجربا ۽ مشاهدا قلمبند ڪرڻ گهرجن، هڪڙو ماڻهو ۽ هڪڙو ٽيپ رڪارڊ ”حر تحريڪ“ تي بي مثال مواد گڏ ڪري سگهي ٿو ۽ اهو گڏ ٿيل مواد هر وجه کان اسان جي تاريخ جو اهم خزانو هوندو.

هي اهو مواد آهي جيڪو انهيءَ زماني ۾ مختلف اخبارن ۾ شايع ڪيو، جيڪو اڪثر ڪري خبرن وغيره جي صورت ۾ هئو، اچو ته اهو مواد به ملاحظه ڪيون:

1.       جنوري 1944ع ۾ سنڌ جي هوم منسٽر محمد هاشم گندر ظاهر ڪيو ته پنجاب جي نموني تي سنڌ ۾ حرن جي سيٽلمينٽ بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 15 لک رپيا خرچ ايندو.

2.      جن پوليس عملدارن ۽ عام ماڻهن ويارم خاصخيلي ۽ ٻين حرن جي پڪڙجڻ ۾ مدد ڪئي هئي، انهن کي 27 جنوري 1944ع تي سنڌ جي گورنر انعام ڏنا، عبدالرحيم عقيلي مختيارڪار کپري کي سوني واچ، ڇاڇري جي هيڊڪانسٽيبل گل محمد خان کي هزار رپيا ۽ ٻين کي 200 کان 50 تائين انعام ڏنا ويا، گورنر جيڪو ميرپورخاص جي دوري تي آيل هو، تنهن کپري، ڪنڊياري ۽ هنگوڙه جو به دورو ڪيو ۽ هن حر سيٽمينٽن ۽ ملٽري ڪئمپن جو به معائنو ڪيو.

3.      فيبروري 1944ع جي اخبارن ۾ خبر شايع ٿي ته پير صاحب پاڳاري مرحوم جن جي ٻن فرزندن کي علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو آهي، جن جي تعليم لاءِ سنڌ سرڪار هڪ هڪ هزار رپيا ماهيانه منظور ڪيا آهن، صاحبزادا يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي نگرانيءَ هيٺ رکي آهن.

4.      ”حر ائڪٽ“ جنهن جو مدو اپريل 1944ع ۾ پورو ٿيڻو هو، سنڌ اسيمبلي مارچ 1944ع جي اجلاس ۾ ان مدي ۾ ٻارنهن مهينا توسيع ڪئي.

5.      مئي 1944ع ۾ سرڪار سانگهڙ ۾ ٿيل خونن جي سلسلي ۾ سانگهڙ سان ڪرفيو آرڊر لاڳو ڪيو ويو، جنهن موجب شام جو سج لهڻ کان پوءِ ۽ صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ ٻاهر نڪرڻ تي بندش وڌي وئي.

6.      مئي 1944ع ۾ جهڏي طرف حرن ۽ پوليس جي چڪري لڳي، جنهن 2 حر پڪڙجي پيا جن کي حيدرآباد موڪليو ويو، جڏهن ته اٺ ڏهه حر پوليس جي پڪڙ ۾ ڪو نه آيا.

7.      مٽو خاصخيلي، جنهن کي لاهور ميل ڪيرائڻ جي جرم ۾ سيشن ڪورٽ حيدرآباد ڦاسيءَ جي سزا ڏني هئي، ان سزا جي خلاف ملزم طرفان هاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ اپيل ڪئي هئي، مئي 1944ع ۾ هاءِ ڪورٽ مٽو خاصخيليءَ جي سزا قائم رکي ۽ سندس ٻئي ساٿيءَ کي ڇڏي ڏنو.

8.      مئي 1944ع ۾ کپري تعلقي جي کاهي ڳوٺ مان خان صاحب محمد شريف اسپيشل سپريٽينڊنٽ پوليس ۽ مسٽر ناصر علي خان سب انسپيڪٽر ۽ پوليس سپاهين هڪ گهر مان مقابلي بعد ٻه حر گرفتار ڪيا، گهر جو مالڪ، جنهن حرن کي پناهه ڏني هئي سو مقابلي ۾ مارجي ويو.

9.      حر تحريڪ کي منهن ڏيڻ جي نالي ۾ نه فقط حڪومت حرن ۽ پنهنجي مخالفن تي ظلم ڪيا، پر ڪيترن اهڙن ماڻهن جو به مڪو مچي ويو، جن جون هڪ ٻئي سان دشمنيون هيون، اهڙن وقت جي ڏاڍن حڪمرانن وٽ هڪ ٻئي خلاف دانهون ۽ شڪايتون ڪيون، جڏهن به حر تحريڪ تي قلم کنيو ويندو ته اهڙن واقعن کي به نظر انداز ڪري نه سگهبو، ڇو ته انهن واقعن مان اسان جي قومي شعور جي خبر پئي ٿي، هن سلسلي ۾ اسان عرضدار محمد ابراهيم جي 1 جون 1944ع تي لکيل خط جو نقل ڏئي رهيا آهيون، اهو خط 16 جون 1944ع تي هڪ اخبار ۾ شايع ٿيو، خط جو عنوان هئو: ”ڌيان طلب مسٽر ايڇ ٽي لئمبرڪ صاحب پوليس ڪمشنر فار سنڌ“ انهيءَ گذارش جا لفظ دانهين ۽ وقت جي حالتن تي روشني وجهڻ لاءِ ڪافي آهن.

متن هن ريت آهي: آءُ عرضدار محمد ابراهيم پٽ علي بخش جلالاڻي ڳوٺ قائم جلالاڻي تعلقو سنجهورو صاحب جن جي ڌيان تي آڻيان ٿو ته مون اخبار ذريعي 8 آگسٽ 1942ع تي پڪار ڪئي هئي ته مون هڪ فرياد حاجي خان ولد ڪرڙ خان ٽالپر زميندار جهول جي خلاف، صاحب جن جي ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو هو، پر ان جي ڪا به جاچ نه ٿي آهي، جوابدار جا طرفدار مون کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، اسان جون عزتون ۽ جانيون هر وقت خطري ۾ آهن. وغيره وغيره

مٿين جاچ جناب ڊپٽي ڪليڪٽر صاحب سانگهڙ ۽ سنجهوري جن وٽ آيل آهي، جتي هڪ ٻن شاهدن کان پچا ڪئي وئي آهي، پر اڃان تائين فيصلو ڪو نه ٿيو آهي، انهيءَ ڍر جو فائدو وٺي جوابدار ڌر مون کي هيسائي ۽ ڪنبائي رهي آهي ته تو کي ضرور مارينداسين، آئون غريب ٻچڙيوال جان جي خطري کان بي قرار ۽ دربدر آهيان، مون کي خطرو آهي ته هو وجهه ملڻ تي جاني ۽ عزت جو نقصان ڪندا، ان ڪري سرڪار بي ريائي سان جاچ ڪري اسان جو بچاءُ ڪري، اسان سرڪار کي گذريل ڌاڙيلن جي رڳڙي وقت جيڪي به مددون ڪيون آهن انهيءَ سبب تي هو اسان سان پنهنجي دشمني هلائي رهيا آهن. جن جو تفصيل وارو بيان بر وقت ڪيو ويو آهي.

ٻيو ته کنڊ جي ورهاست مٿين حاجي خان ٽالپر جي هٿ ۾ آهي، جنهن وٽ ڊپ سبب آئون وڃي نٿو سگهان، جا اٽڪل چئن پنجن مهينن کان مون ڪا نه ورتي آهي، جيڪي ماڻهو آئون کنڊ وٺڻ لاءِ موڪليان ٿو، تن کي هو اهو چئي موٽائي ڇڏي ٿو ته ابراهيم جو سر ايندو ته کنڊ ڏيندس، نه ته ڪو نه ڏيندس، جنهن ڪري مون کي وڌيڪ خاطري ٿئي ٿي ته جيڪڌهن آئون وٽس ويندس ته هو مون کي مارائي ڇڏيندو، ان ڪري سرڪار مهرباني ڪري مون غريب جو داد ڪري ته آءُ ٻچڙي وال پنهنجي اولاد سان امن جي زندگي گذاري دائما دعاگي رهندس.“

10.   جولاءِ 1944ع ۾ اخبارن ۾ هڪ ئي ڏينهن تي ٻه خبرون شايع ٿيون، پهرين خبر هئي ته حرن جي تازين ڪارواين سبب اسپيشل ڪمشنر لئمبرڪ جنهن ڳوٺن جي خالي ڪرائڻ جو حڪم ڪڍيو آهي، اهي ڳوٺ بيراج ايراضيءَ ۾ ڏيڍ سئو ميلن جي مفاصلي ۾ اچي وڃن ٿا، ٻي خبر اها آهي ته حرن کي اجهي ڏيڻ جي تهمت هيٺ سنجهوري جي ٽن زالن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

11.    21 آگسٽ 1944ع تي پير پٿوري جو ميلو لڳڻو هو، ليڪن ڪن اخبارن حر تحريڪ، امن امان جي صورتحال ۽ ميرپورخاص ۾ ڪالرا جي ڪيسن کي بنياد بڻائي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته اهو ميلو نه لڳڻ گهرجي.

12.   اخبارن ۾ وقت به وقت سنڌ جي اسپيشل ڪمشنر ايڇ ٽي لئمبرڪ جا حڪم به شايع ٿيندا هئا، 12 جون 1944ع تي هن پنهنجو حڪم نمبر 1 الف  جاري ڪيو جيڪو اخبارن ۾ شايع ٿيو، حڪم جو متن هي آهي:

جيئن ته اسپيشل ڪمشنر صاحب سنڌ کي مناسب ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سانگهڙ تعلقي جو اهو سڀ ڀاڱو جو ناري واهه جي اڀرندي طرف آهي اتي ماڻهن جو گهڙڻ باقاعدي ٺهرايو وڃي،

تنهن ڪري ڊفينس آف انڊيا رولن جي رول 8 هيٺ اسپيشل ڪمشنر صاحب کي مليل اختيارين مطابق ۽ جن اختيارين هلائڻ لاءِ هن کي سنڌ سرڪار جي هوم ڊپارٽمينٽ جي حڪم نمبر 14/174 ايس ڊي تاريخ 28 مئي 1944ع موجب حڪم ڪيل آهي، تن پٽاندر اسپيشل ڪمشنر صاحب هيٺيون حڪم ڪري ٿو:

1.       سانگهڙ تعلقي جي اها سڀ ايراضي جا ناري واهه جي اڀرندڙ طرف آهي تنهن کي بچاءُ واري ايراضي ٺهرايو وڃي ٿو

2.      15 جولاءِ ۽ ان کان پوءِ ڪو به ماڻهوءَ جو انهيءَ ڏينهن جي شروعات تي مٿي ڄاڻايل ايراضيءَ ۾ رهندڙ هوندو ته سو اتي نه رهندو، سواءِ پاس جي شرطن پٽاندڙ جا پاس هن کي ڪليڪٽر صاحب سانگهڙ ۽ مختيارڪار صاحب سانگهڙ کان مليل هوندي.

12 آگسٽ 1944ع ۾ اخبار ۾ خبر شايع ٿي ته سرڪار پير پٿوري واري ميلي تي بندش وجهي ڇڏي.

© Fayaz Sindhi 2010