3/12/2011 - Birth date and Death Date ---> January updated     3/12/2011 - Birth date and Death Date ---> February uploaded     3/3/2011 - Birth date and Death Date ---> January     2/18/2011 - Choronology of 1942, 1943, 1944, 1945, 1946 & 1947 uploaded     2/16/2011 - Choronology of 1940 & 1941 uploaded     2/14/2011 - Choronology of 1939 uploaded     2/13/2011 - Choronology of 1937 & 1938 uploaded     2/9/2011 - Choronology of 1935 & 1936 uploaded     2/8/2011 - Choronology of 1933 & 1934 uploaded     2/3/2011 - Choronology of 1932 uploaded     2/1/2011 - Choronology of 1931 uploaded     1/31/2011 - People Speak About Gulhayat webpage Updated     1/30/2011 - 5TH SINDH PROVINCIAL CONFERENCE KARACHI IN SINDHI     1/19/2011 - Chronology of the sindh khilafat committee     1/16/2011 - Chronology 1927 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1839 updated     1/16/2011 - Chronology 1919 updated     1/16/2011 - Chronology 1920 updated     1/16/2011 - Chronology 1922 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1923 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1926 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1925 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1928 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1929 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1930 uploaded     1/16/2011 - Chronology 1924 uploaded     1/14/2011 - Good Morning Messages updated     1/12/2011 - People Speak About Gulhayat Updated     1/11/2011 - Peer Pagara History and its Chronology     1/10/2011 - Shaheed Zulfiqar Ali Bhutto Address 15 December 1971     1/10/2011 - presidential address OF MR. M. A. JINNAH READ ON 8th OCTOBER 1938.     1/9/2011 - The First Sindh Provincial Muslim League Conference Karachi with resoulation     1/9/2011 - Pagara Corner     12/30/2010 - The First Sindh Provincial Muslim League Conference Karachi     12/22/2010 - Punjab     12/21/2010 - The site Kutte-Ji-Qabar is part of Sindh     12/21/2010 - People Speak About Gulhayat     12/16/2010 - Comments page is uploaded     12/14/2010 - Choronology is updated     12/11/2010 - VOICE OF SINDH: OPPOSES KALA BAG DAM     12/10/2010 - Presidential Address by Shaikh Abdul Majid Sindhi     12/10/2010 - Ghulam Muhammad Khan Bhurgri’s Speech     12/9/2010 - Choronology is uploaded     12/7/2010 - ALL Addresses and Speeches     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 7 april, 1996,Islamabad     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 28 March, 1996,Islamabad     12/3/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speeches and Statements on JAMMU & KASHMIR     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 20 January, 1996, Tokyo     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 30 November, 1995, Islamabad     12/2/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 04 January, 1996, Jacobabad     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 19 April, 1994, Bonn     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 3 January, 1994 Larkana     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 11th January, 1994 Hala     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech DECEMBER 5, 1993 Lahore     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech Garhi Khuda Buksh 4 April, 1994     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 20 November, 1994, Larkana     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 14 March, 1995, Islamabad     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 07 November, 1995, Tehran     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech Islamabad 27 February, 1994     12/1/2010 - Shaheed Muhtarma Benzir Bhutto Speech 8 june, 1994, Islamabad     11/30/2010 - M.Q.M Updated     11/30/2010 - P P P Press Clipping     11/30/2010 - Simon Commission     11/25/2010 - The British Empire League updated     11/24/2010 - Sugar Crises     11/24/2010 - Stories of founder     11/23/2010 - Dr Pathan Presentation on Sindhi Culture     11/22/2010 - Complete Good Morning Messages     11/19/2010 - Index of social Organizations updated     11/19/2010 - Eminent social workers part1     11/15/2010 - Birth date and Death Date ---> January     11/14/2010 - Gul hayat institute’s holdings On muslim league     11/14/2010 - PIRs OF SINDH AGAINST NON CO-OPERATION     11/14/2010 - Sindh Zamindars Association Updated     

صدارتي تقرير

حضرت مولانا تاج محمود امروٽي

چوٿين سنڌ خلافت ڪانفرنس، مورخه 2-3 مئي 1920ع جيڪب آباد

(جڏهن به انگريزن جي دور جي سياسي تاريخ لکي ويندي تڏهن “خلافت تحريڪ” جو ذڪر خاص طور تي ڪيو ويندو، هتي تحريڪ اسان جي سياسي  ۾ انهيءَ ڪري اهميت رکي ٿي جو انهن عالمن جن حالتن کان مايوس ٿي وڃي مدرسا وسايا هئا ۽ جن لاءِ اهو تاثر قائم ٿي رهيو هو ته “ملن ۾ وطن دوستيءَ جو جذبو ٿئي ئي ڪو نه ٿو” سي مڪتب ۽ مدرسا ڇڏي گلين ۽ گهٽين ۾ نڪري آيا، هن تحريڪ دوران وطن ۽ مذهب جي صدقي عالمن اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريو جنهن جو مثال ئي نه ٿو ملي.

بلاشڪ “خلافت تحريڪ” پوري هندستان ۾ هلي، ليڪن سنڌ ۾ خلاف تحريڪ جي ڳالهه ئي نرالي هئي، تاريخ جا ورق ورائڻ مان ائين ٿو معلوم ٿئي ته سڄي سنڌ “خلافت تحريڪ” بڻجي اٿي هئي، جتي به ڪو عالم ۽ مولوي موجود هو، اتي هن تحريڪ جو اثر پهتو، هن تحريڪ دوران اسان جي وڏڙن وڏيون وڏيون قربانيون ڏنيون.

ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسان جي محقق هن تحريڪ کي نظر انداز نه ڪيو آهي ۽ ڪيترن قلم ڌڻين هن تحريڪ ۽ جماعت کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، مگر پوءِ به اڃا هن تحريڪ اسان جو توجهه لهڻو، منهنجي اندازي مطابق لڳ ڀڳ ساڍيون ٽي سئو خلاف ڪاميٽيون سنڌ ۾ قائم ٿيون، جن سالن جا سال ڪم ڪيو، جلسا ڪيا ۽ ڏينهن ملهايا، خلافتي ورڪرن سرڪاري ملازمتون ڇڏيون، عالمن پنهنجي مڪتبن لاءِ مالي مدد وٺڻ ڇڏي ڪيترا جيلن ۾ ويا ۽ ڪيترن پاڻ کي ملڪ بدر ڪيو.

هن تحريڪ لاءِ ڪيل تقريرن کي ئي جيڪڏهن ڪتابي صورت ڏجي ته ڪيترا جلد جڙي پون، انهن تقريرن مان هتي به تقريرون ڏنيون وڃن ٿيون.)

حضرات اوهان صاحبن مون کي هن جلسي جي صدارت جي خدمت سپرد ڪري منهنجي عزت افزائي ڪئي، پر در حقيقت وڏي جوابداري منهنجي سر تي رکي آهي، جنهن جي ذڪر ڪرڻ کان پوءِ آءُ جيڪر ڪنهن لائق فائق، پاڻ کان وڌيڪ هن ڪم جي مستحق صاحب کي، انهيءَ تمام وڏي خدمت سپرد ڪرڻ لاءِ عرض ڪريان ها، پر ان سان گڏ اوهان صاحبن جي دل شڪني به مناسب نٿو ڄاڻان، ان ڪري اوهان صاحبن جي دلي شڪريي بجا آڻڻ بعد درگاهه الاهي ۾ ملتجي آهيان ته مولا سائين مون کي انهي تمام وڏي خدمت جي ڪماحقه ادا ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين.

عزيزان ملت! اهو ته اسان ملسمانن جو صحيح ۽ سچو عقيدو آهي ته اسلامي تهذيب ۽ روحاني ترقي جي اشاعت ۾ مقامات مقدس جي حفاظت ۽ اسلام جي دشمنن جي مدافعت لاءِ اهڙي هڪ مسلمان اميرالمؤمنين خلفية المسلمين جو هجڻ ضروري آهي، جو هر طرح آزاد ۽ خودمختيار ديني ۽ دنيوي اقتدار رکندو هجي ۽ دين جي دشمن جي مقابلي ڪرڻ جي پوري طاقت رکندڙ هجي، اهڙي مسلمان خليفة المسلمين سان مسلمانن جون دليون شرعي عقيدي موجب تمام ٻڌليون آهن ۽ سندس اقتدار جي بچاءَ لاءِ خدا جل جلالہ جي حڪم ۽ سندس پياري رسول جي حڪم موجب، مال ۽ جانيون قربان ڪرڻ واريون آهن ۽ پنهنجي الله ۽ پياري رسول ﷺ جي خوشنودي لاءِ سر ۽ ساهه صدقي ۽ گهرو ڪرڻ واريون آهن، حضرت رسول الله ﷺ جي خدمت ۾ مسلمانن جن کين ڏسي ايمان آندو تن اصحابن سڳورن اسلام جي مٿان پنهنجو مال، وطن، گهر ٻار ۽ ساهه گهور ڪيا ۽ دين جي دشمن سان خدا ۽ رسول جي فرمان موجب اسلام جي بچاءُ لاءِ پوري پوري همدردي ڪئي ۽ سندن وصال ڪرڻ کان پوءِ سندس جانشين حضرت ابوبڪر صديق مسلمانن جو خليفة المسلمين سان لقب وارو ٿيو، جنهن پاڻ ۽ ٻين مسلمانن جي خلافت جي وقت ۾ اسلام جي همدردي پوري طرح ڪئي، تنهن کان پوءِ حضرت امير المؤمنين عمر فاروق جي وقت ۾ بهم جيڪڏهن انهن خليفن ۽ مسلمانن جي اسلام لاءِ همدردي کي بيان ڪجي ته وقت گهڻو وٺڻو پوندو، اسلام جي بچاءَ ۽ مقامات مقدمه يعني مڪي ۽ مديني ۽ بلاد اسلامي کي بچائڻ لاءِ بني اميه، بني عباسيه خليفا، خدا ۽ رسول جي فرمان موجب پنهنجيون جانيون، مال ۽ گهر ٻار قربان ڪندا آيا ۽ پنهنجي الله ۽ رسول کي راضي ڪندا اسلام جو اقتدار قائم رکندا آيا ۽ پنهنجي الله ۽ رسول کي راضي ڪندا اسلام جو اقتدار قائم رکندا آيا، جڏهن تاتاري ڪفارن بغداد تي ۽ مسلمان جي خليفه معتصم بالله شهيد تي حملو ڪيو تڏهن به مسلمانن اسلام جي اقتدار کي هڪ ڏينهن به خالي ڪرڻ نه ڇڏيو، مصر ۾ خليفه مقرر ڪري اسلام لاءِ پنهنجا سر صدقي ڪندا آيا، انهيءَ سلسلي جو ڳانڍاپو ۽ اسلام جي حمايت جو بار، سلاطين آل عثمان يعني ترڪن جي سر تي آيو ۽ انهي وقت سڀني مسلمانن ۽ علمائن ۽ مشائخن خليفة المسلمين جي لقب سان ڪري مڃيو، انهن ترڪن دين جي لاءِ جيڪي عيسائين جون تڪليفون سٺيون آهن تن تي تاريخ جا ورق شاهد آهن، اهو ئي خاندان آهي جو مقامات مقدسه يعني مڪي معظمه ۽ مدينه منوره جي خدمت ۽ حفاظت ۽ عيسائين  جي ناپاڪ شرارتن جو، پنهنجي مال ۽ جان سان مقابلو ڪندا آهن، آءُ دعويٰ سان چوان ٿو ته جيڪڏهن اهي سرفروش ۽ جانباز ترڪ، اسلام جي حفاظت لاءِ سر تريءَ تي رکي ڪوشش نه ڪن ها ته جيڪر اڄ اسلام جو نالو هڪ گذشته زماني جو افسانو ٿي وڃي ها، اوهان صاحبن کي اهو زمانو ياد هوندو جنهن وقت يورپ جي وڏي حصي تي اسلامي جهنڊو لهرون ڏئي رهيو هو، اسلامي فتوحات جو سيلاب زور افزون ترقي ۾ هو، يورپي حڪومتون سلطنت اسلاميه جي بحري ۽ بري قوت کان ڊڄندڙ تي ان جو رضامندو، مسيح مصلوب جو رضامندو ۽ ان جو ناراضپو ، يسوع مسيح جو ناراضپو، سمجهنديون هيون، ان وقت کانئن اهو اسلامي اوج سٺو نه ويو ۽ سڀني عيسائي حڪومتن گڏجي اسلام جي پاڙ پٽڻ ۽ روءِ زمين تي عيسائيت پکيڙڻ جو قسم کڻي صليبي جهاد شروع ڪيو، مگر خدا تعاليٰ جي مهرباني سان کين سواءِ ذلت ۽ شڪست جي ٻيو ڪجهه حاصل نه ٿيو، هارئي هلو کائينديون رهيون. آخر سلطان صلاح الدين مرحوم (ڪثرالله امثاله) جي هٿان هڪ شاهي شڪست کائي پيش پوڻ کان سواءِ ٻيو چارو نه ڏٺائون، جڏهن انهن ڏٺو ته مرد ميدان ٿي جنگ ڪرڻ سان مسلمانن سان پڄي نه سگهنداسون تڏهن اندروني سازش ڪرڻ ۽ دوستي جي پردي ۾ دشمني ڪرڻ کي پنهنجي ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻايائون جيئن ته هن گذريل منحوس جنگ جي واقعات سان اوهان کي معلوم ٿي ويو هوندو ته جيڪي ملڪ، جنگ جي زماني ۾ اتحادي وٺي نه سگهيا، سي صلح جي زماني ۾ ڪهڙي نه دغابازي سان ورتائون.

صاحبان! اوهان صاحبن کي ضرور هي خيال ٿيندو هوندو ته آخر يورپ جو سازش ۽ شرارتن جو ڪهڙو ڪارڻ آهي، ترڪن عيسائين جو ڪهڙو گناهه ڪيو آهي، جو انهن اسان اهڙو ظلم ڪرڻ ۾ اچي ٿو، ترڪن سان گڏ جرمني، آسٽريا ۽ بلغاريه به اتحادين سان جگ ڪئي، اهو ڪهڙو خاص سبب آهي جو ترڪن جي دارالسلطنت قسطنطنيه تي قبضو ڪيو وڃي ٿو، مگر جرمن، آسٽريا ۽ بلغاريه جي گادي جي هنڌن تي قبضو ڪرڻ ۾ نٿو اچي؟ انهيءَ بسنت آءُ مختصر لفظن ۾ فقط ايترو چوندس ته هڪ مذهبي تعصب ٻيو ملڪ گيري جي هوس! جيڪڏهن اوهان کي انهيءَ جي معلوم ڪرڻ جو شوق آهي ته مهرباني ڪري خود عيسائيءَ جي الفاظ ۾ ان کان ٻڌندا، مگر ان کان اڳ ۾ يورپ جي هيٺين اصطلاحن کان واقف ٿي، کين چڱي طرح دل تي رکندا ته آئينده اوهان کي اهڙن مضمونن جي سمجهه ۾ تڪليف نه ٿئي، جهڙي طرح يورپ ۾ ، اندر هڪڙي، ٻاهر ٻي، رکڻ کي پاليسي سجهيو وڃي ٿو، اهڙي طرح ساده لوح مسلمانن کي حقيقت کان بي خبر رکڻ لاءِ اسلام کي دنيا مان ڪڍڻ، مسلمانن کي عيسائي بنائڻ ۽ اسلامي ملڪن کي ٽڪر ٽڪر ڪري ورهائي کڻڻ جو نالو مسئله شرقيه رکيو ويو آهي، ڇو ته مسئله شرقيه جي بجاءِ، مسئله اسلاميه سڏڻ ۾ يورپ کي پنهنجي ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيڻ جو انديشو ظاهر اچي ٿو، ساڳي طرح يورپ جي ٽين اصطلاح به ياد رکڻ جي لائق آهي، يورپ ۾ ڪنهن به سرسبز زرخيز ملڪ کي جنهن ۾ تيل جا چشما، سون، چاندي، ٽامي، لوهه ۽ اڱرن جون کاڻيون هونديون آهن، پنهنجي قبضي ۾ رکڻ ۽ اتي جي هنرن کي ضايع ڪرڻ، ماڻهن کي بي دست وپاءَ بنائڻ ۽ ضروريات زندگي جي هر هڪ شيءِ ۾ يورپ جو محتاج رکڻ کي تهذيب جو نالو سڏيو ويندو آهي، پهريائين اخبارن جي رستي اتي جي حاڪم کي ظالم ۽ حڪمراني جي اصول کان غير واقف، مشهور ڪيو ويندو آهي تنهن کان پوءِ اتي جي ماڻهن کي ريل ۽ تارن وجهڻ ۽ رستن ٺهرائڻ، هنري ڪارخانا جاري ڪرڻ ۽ انهن کي دنيادار بنائڻ جا سرسبز باغ ڏيکاري دلفريب دلاسا ڏئي پنهنجي قديم فرمانروا، کان بغاوت ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي ۽ اهڙي طرح پنهنجي ڪميڻي ارادي ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ هر هڪ انسانيت پاش، اخلاق سوز، ناجائز ڪوشش کي تهذيب ۽ تمدن جي خدمت ڪري ليکيو ويندو آهي ۽ ساري دنيا کي آزادي جي ڪلمي پڙهائڻ جو ٺيڪو پنهنجي ذمي سمجهندو آهي، آزادي به ڪهڙي؟ مذهب کان آزادي، ماءُ پيءُ جي ادب کان آزادي! اخلاف کان آزادي!، عورت جي مرد کان آزادي! مسلمان حڪومت کان آزادي! شرابخوري! جوابازي! رنڊي بازي جي آزادي وغيره وغيره! غرض ته اهڙي طرح ملڪ کي پنهنجي جوع الارض جو لقمو تر، بنائڻ بعد تهذيب جي پکيڙڻ جو ڪم هن طرح ڪيو ويندو آهي ته هڪ طرف ماڻهن کي ولائتي نازڪ رنگين ۽ خوشنما ڪپڙن ڍڪڻ، خوراڪ ۾ بسڪوٽ، ڪيڪ ۽ ڊبل روٽي وغيره جو دلداده ٿيڻ، نشست برخواست ۽ معاشرت ۾ يورپي نمونو اختيار ڪرڻ جو عادي بنايو ويندو آهي ته ٻئي طرف انهيءَ ملڪ جي هنرن ۽ صنعتن کي فنا ڪرڻ، ڪاريگرن کي مارائڻ ۽ انهن جي بدران يورپي ڪارخانا جاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، نتيجو اهو نڪرندو آهي ته قوم جو اصلي طبقو ملڪي شين تي غير ملڪي شين کي ترجيح ڏيڻ ۽ عيش عشرت جي زندگي بسر ڪرڻ سبب زندگي جي هر هڪ ضروري شين ۾ يورپ جو محتاج بنجيو وڃي ۽ قوم جو ادنيٰ طبقو هنرن ۽ ڪاريگرن جي تباهه ٿي وڃڻ سبب بک مرڻ لڳي ۽ لاچار ٿي، ڀري، مزدوري ۽ ڪولي جو ڪم اختيار ڪري، ڪارخانن ۽ کاڻين ۾ 8-10 روپين عيوض غلام بنجي وڃي، ملڪ جو پيسو يورپ جي گهر ۾، ملڪي ماڻهو بک مرندا رهن، باقي يورپ مزا ماڻيندو رهي، ملڪ جو نالو سو مهذب ۽ متمدن ملڪن ۾ داخل ٿيو، باقي ملڪي ماڻهن جي حالت غلام کان به بدتر. خير! آدمد برسر مطلب، قسيس جولڪلارٽي، پنهنجي ڪتاب “مسئله مشرقيه” جي فصل ڏهين صفحه 124 ۾ “اسين اسلام کي ڪهڙي طرح فنا ڪري سگهون ٿا” جي سرخي سان لکي ٿو ته “آءُ جو ڪجهه لکندس اهو فقط دنياءِ مسيحت جي فائدي جي غرض سان، جنهن جو ٻيو نالو دنياءِ متمدن آهي، جو نوع انساني جي ترقي ۽ تهذيب لاءِ هر ممڪن قوت سان ڪوشش ڪري رهيو آهي، ليڪن انهيءَ ڪوشش کي روڪيندڙ هڪ عظيم الشان مصيبت آهي، هڪ عظيم الشان مشڪل آهي، جنهن جو اندازو ڪري نٿو سگهان، اسان مسيحين تي فرض آهي ته انهيءَ عظيم الشان مصيبت جا صدما سهون ۽ انهيءَ عظيم الشان مشڪل جي حل ڪرڻ جي تدبير ڪريون، انهيءَ عظيم الشان مصيبت ۽ مشڪل کي کولي سمجهائڻ لاءِ آءُ پنهنجي سڀني مذهبي ۽ روحاني قوتن کان ڪم وٺندس، ناظرين پڇندا ته اها ڪهڙي مصيبت ۽ ڪهڙو سيلاب آهي؟ آءُ عرض ڪندس ته آءُ جنهن مصيبت کان مراد وٺان ٿو اُها اُها مصيبت آهي جنهن جو سيلاب دنياءِ مسيحت کي فنا ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي، انهي سيلاب کي روڪڻ واسطي پر نتائج ذريعن کان ڪم وٺڻ گهرجي، ذريعا فقط هي آهن ته سڀني عيسائين کي اتفاق ڪري انهيءَ مخالف قوت کي ناس ڪرڻ گهرجي، اها منهنجي راءِ نه آهي، بلڪه مون کان وڏا وڏا اهل قلم ۽ اهل دماغ به اها راءِ ظاهر ڪري چڪا آهن ۽ دنياءِ مسيحت کي انهيءَ اچڻ واري مصيبت کان خبردار ڪري چڪا آهن، ناظرين! انهيءَ اچڻ واري مصيبت جو نالو “اسلام” آهي، جو قوت جو سرچشمه آهي، جو ترقي جو ذريعو آهي ۽ مسيحي تعليمات جي واسطي سد راءِ آهي، توهان تي فرض آهي ته اسلام کي دنيا مان نابود ڪريو. اوهان تي فرض آهي ته انهيءَ قوت کي ضعيف ۽ عاجز ڪري وجهو ۽ جيڪڏهن اوهان هي سوال ڪريو ته اهو ڪهڙي طرح ممڪن آهي ته آءُ چوندس ته اتفاق سان! جيڪڏهن اسين سڀئي عيسائي پاڻ ۾ اتفاق ڪري ملي وڃن ته هن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اسين مسيحيت جي دشمنن تي غالب ٿي وينداسين! اسلام کي ننڍڙو ڪري نه سمجهو! ان کي ڪمزور نه ڄاڻو، اسلام ۽ مسلمان سڄي يورپ جي واسطي خطره جو باعث آهن، جيڪڏهن مسلمان ڪجهه به طاقت ورتي ته عيسائيت کي مٽائڻ، انهن جي واسطي نهايت آسان ٿيندو، مان جيتريقدر سمجاهن ٿو ته اوهين اسپين جي فتاح مسلماننن کان ناواقف نه هوندا، اوهين انهن عابد زاهد مجاهدن جي نالن کان بي خبر نه هوندا، جن جي روشني ڪوه برهنه جي دامن مان چمڪي رهي هئي ۽ جنهن هڪ دنيا کي زير و زبر ڪري ڇڏيو، خالات ۾ تحقير پيدا ڪري وڌي ۽ دنياءِ مسيحيت جي ترقي واسطي ڪو به ميدا نه ڇڏيو، انهيءَ جي ڪاميابي جو سبب اهو ننڍڙو ڪتاب آهي، جو انهيءَ عظيم الشان شخص پاڻ سان آندو جنهن کي  محمد (ﷺ) چون ٿا، اوهان هن کان غير واقف نه هوندا ته جيڪڏهن مسلمانن جي پاڻ ۾ اڻ بڻت ۽ بي اتفاقي نه هجي ها ۽ اسين عيسائي انهن جي مقابلي ۾ پاڻ ۾ ملي نه وڃون ها ۽ پطرس رسول جي برڪت نه ٿئي ها ته  جيڪر انهيءَ باغي جماعت تي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيون ها، پر ياد رکو! انهن بزرگن جا جائنشين ۽ انهن ڏاڏن جا پوٽا اڃا تائين زندهه آهن ۽ هي اسان کي موت جي ڌمڪي ڏئي رهيا آهن، انهيءَ ڪري جيڪڏهن اسين انهن کي برباد نه ڪنداسين ته خدا جو قسم اسين خود برباد ٿي وينداسين، اسان تي فرض آهي ته انهن کي منتشر ۽ پراگنده ڪريون، اسان جو فرض آهي ته انهن جي مال، دولت، ڪنوارين ڇوڪرين ۽ عورتن تي قبضو ڪريون، تنهن کان پوءِ انهن کي عيسائي بنائڻ لاءِ هڪ ڀيرو ڪوشش ڪريون، اوهين ڪوشش ڪري انهن جي قرآن کي دنيا مان ناس ڪري ڇڏيو!، قرآن کي انهن جي هٿن مان کسي وٺو، خدا جو قسم آءُ ڪو به اهڙو ڪتاب نه ٿو ڏسان جنهن جي جهنڊي جي هيٺان ايترا گهڻا ماڻهو جمع هجن ۽ جنهن کي ماڻهن جي دلين تي ايتري قدر حڪومت حاصل هجي، انهي ڪري اوهان تي فرض آهي ته مسئله مشرقيه جو خاتمو ڪري ڇڏيو، ڏسجو انهيءَ ۾ سستي ۽ تغافل هرگز نه ڪجو، اسلامي ملڪن ۾ قومي ۽ مذهبي تفرقا نهايت گهڻا آهن ۽ هي ڪير نٿو ڄاڻي ته اهو ملڪ جو قومي مذهبي تفرقن ۾ مبتلا آهي، انهيءَ تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ ڪيتري قدر آسان آهي، ڏسو اهو موقعو هٿان وڃڻ نه ڏجو، مسيحي سلطنتن مان هر هڪ جو فرض آهي ته اسلامي ملڪن جو هڪ هڪ ٽڪر ورهائي کڻن ۽ انهن تي قابض ٿي وڃن، ٽيونس ۽ الجيريا تي فرانس قبضو ڪري چڪو آهي، هالونوفرانس جو وزير، صاف چٽو چئي رهيو آهي ته انهن مسلمانن کي عيسائي بنائڻ اسان جي واسطي مشڪل نه آهي ۽ اها ئي ڳالهه آهي جنهن کي اسين ڳوليون ٿا! انگلستان جي ماتحت هندستان ۾ مسلمانن جو تعداد گهڻو آهي، لارڊڪرومر (وزير انگلستان) پنهنجي تقرير جيڪا لنڊن جي هائوس آف لارڊز ۾ ڪئي هئي، بيان ڪيو ته مسلمانن کي پنهنجي مذهب سان جيتري قدر محبت ۽ عقيدت آهي، اها ڏسي آءُ حيران ٿي ويس، اسان تيستائين انهن کي مسيحيت جو اصطباغ ڏئي نٿا سگهون، جيستائين اسان انهن جي ڪتاب آسماني يعني قرآن کي انهن جي هٿن مان کسي پرزا پرزا نه ڪري ڇڏيون، مان سمجهان ٿو ته اوهان هن کي وساريو نه هوندو ته اسان انهن کي يورپ مان ڪڍي ڇڏيو آهي! هاڻي اسين انهن کي افريقه (مصر) مان ڪڍڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اسين انهن کي فقط ايشا ۾ بند ڪري سگهون، انهيءَ وقت بلفاني رياستون انهن جي حمله آور ٿينديون ۽ پنهنجي ملڪ مان ڪڍي انهن کي ڪڍي ڇڏينديون ۽ انهيءَ وقت مڪي ۽ مدينه کان سواءِ ٻيو ڪو به شهر انهن جي قبضي ۾ نه رهندو ۽ مون کي پڪو يقين آهي ته زمانو اوهان کي انهن ٻنهي شهرن تي قبضي ڏيارڻ جو ضامن آهي، هي به ياد رکو ته دولت عثمانيه اوهان جي سڀ کان وڏي دشمن آهي، اوهين انهن جي گذشته سلاطين کان واقف هوندا، جن اوهان کي فنا ڪرڻ گهريو هو، انهي ڪري اوهان جو فرض اولين هي آهي ته پنهنجي کير پياڪ ٻارن تائين سڀني جي دلين ۾ انهي قوم کان نفرت پيدا ڪريو! جا جيڪڏهن قوت وٺي وئي ته اوهان کي نابود ڪري ڇڏيندي. آخر ۾ آءُ پطرس روسل جو حڪم ٻڌايان ٿو : مسيح انهيءَ واسطي آيو هو ته پنهنجي تعليمات کي دنيا ۾ عام ڪري، سواءِ هن جي ته ڪو به هن جي مزاحمت ڪري، انهيءَ جو مطلب هي آهي ته اسين مذهبي دعوت کي سياسي صورت ۾ ظاهر ڪريون ٿا ته ماڻهو غافل رهن ۽ هلال جي روشني رفته رفته جهڪي ٿي وڃي، ان جي جاءِ تي صليب نمودار ٿئي.“ (زميندار جلد 3 ص 14)

معزز دوستو! مٿين مضمون مان اوهان صاحبن کي قرآن شريف جي نابود ڪرڻ ۽ مسلمانن کي زوريءَ عيسائي بنائڻ ۽ انهن جي مال، دولت، معصوم نياڻين ۽ عورتن تي قبضو ڪرڻ ۽ اسلامي ملڪن کي ٽڪر ٽڪر ڪري ورهائي کڻڻ بابت يورپ جي پراڻن منصوبن جي حقيقت روشن ٿي چڪي آهي ۽ ان مان صاف طرح هي معلوم ٿيو ته اهي منصوبا رڳو پاڳل پادرين جا نه آهن، بلڪ لاڙد ڪرومر، وزير انگلستان، هندستان جي مسلمانن کي عيسائي بنائڻ لاءِ مسلمانن کان قرآن ڪريم کسي ان کي پرزا پرزا ڪرڻ ٿو گهري، ساڳي طرح هانولو، وزير فرانس جنهن پيرس جي عجائب خانه تي “لوفر” نالي کي خالي ڪري ڪعبه جي شڪل ۾ آڻڻ ۽ مڪه مبارڪ مان حجر اسود کي اتي منقتل ڪرڻ ۽ ان کي حج جو مرڪز بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي هئي، تيونس، الجيريا جي مسلمانن کي عيسائي بنائي آسان سمجهي، پنهنجي دلي تمنا ظاهر ٿو ڪري ۽ انگريز قوم جو وزير اعظم، گيلڊ سٽون چوي ٿو ته “هي ڪتاب (قرآن حڪيم) مسلمانن جي هٿن مان کسي ساڙي ڇڏڻ گهرجي، اهو ڪتاب جيستائين مسلمانن جي هٿ ۾ هوندو تيستائين يقيناً اهي بدبخت سڀ ترقين ۽ سڌارن جي مخالف ۽ عيسائيت جا دشمن رهندا”

ساڳيو مسٽر گيلڊسٽون چوي ٿو ته دنيا ۾ جيستائين قرآن نالي ڪتاب موجود آهي، تيستائين وحشت جي پاڙ پٽڻ لاءِ ڪا به تدبير ڪارگر ٿي نه ٿي سگهي. (الهلال 4 جولاءِ 1913 جلد 3 نمبر 2)

مٿين مسٽر جي نظر ۾ اسلام هڪ وحشت آهي، جنهن جي پاڙ پٽڻ لاءِ قرآن ڪريم جو نابود ڪرڻ ضروري آهي، لارڊ ڪچنر، جا دل آزار ڪلمه، ڪعبته الله شريف متعلق اوهان کان وسري نه ويا هوندا، لارڊ ڪرزن، لارڊ رابرٽ سيسل ۽ لارڊ پرائيس جو تعصب اوهان کي ياد هوندو، مسٽر ايليڪنٿ اڳوڻي وزير اعظم انگلستان، جون ڦيريون گهيريون اوهان کي معلوم آهن، مسٽر لائيڊ جارج موجوده وزير اعظم برطانيه، جو لارڊ ايلني کي آخري مذهبي جنگ جو فاتح سڏڻ ۽ گذريل مارچ ۾ نئين سال جي شروعات ۾ رعايائي انگلستان کي موڪلڻ، ته دنيا ۾ امن، عيسائيت قبول ڪرڻ سان ٿي سگهندو، اهو مذهبي جنون جو پڌرو ثبوت آهي، ڇا انهن واقعن هوندي ڪو چئي سگهندو ته انگلستان ۾ اسلام جي خلاف جوش خروش رڳو مذهبي حلقن ۾ آهي؟ هرگز نه! اسلام ڪشي جو خيال سياسي حلقن ۾ موجود آهي، مگر اهو بقول جول ڪلارٽي ۽ پطرف رسول جي زرين حڪم موجب، مسلمانن کي غافل رکڻ لاءِ مذهبي دعوت کي سياسي رنگ ۾ ظاهر ڪن ٿا، جهڙي طرح هن منحوس جنگ ثابت ڪري ڏيکاريو، اوائل ۾ ملڪي جنگ ظاهر ڪري، مسلمانن کان جاني مالي مددون حاصل ڪري پوءِ ان کي مذهبي صليبي جنگ سڏڻ ۽ اسلامي ملڪن ۽ پاڪ جاين تي دست درازي ڪرڻ، صاف طرح قرآن شريف جي هن آيت جي تصديق ٿو ڪري “ولن ترضيٰ عنڪ اليهودولاانصاريٰ حتيٰ تتبع ملتهم”. يعني يهود ۽ نصاريٰ تيستائين اوهان کان هرگز راضي نه ٿيندا، جيسين اوهين انهن جو دين قبول نه ڪندؤ، ترڪن کي هن جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪهڙا سبب هئا، اهي ڊيگهه جي خوف ۽ وقت جي تنگي سبب بيان ڪري نٿا سگهجن، جول ڪلارٽي جي مٿين مضمون مان اوهان کي معلوم ٿي ويو هوندو ته اسلام جي پاڙ پٽڻ ۽ قرآن شريف جي نابود ڪرڻ لاءِ سلطنت عثمانيه کي  برباد ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو، ڇاڪاڻ ته سلطنت عثمانيه کي برباد ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو، ڇاڪاڻ ته سلطنت عثمانيه جي موجودگي ۾ يورپ جا ملعون مقصد حاصل ٿيڻ مشڪل هئا، جيئن ته هڪ انگريزي اخبار “گرينڪ” نالي، مسئله مشرقيه تي پنهنجا خيال ظاهر ڪندي آخر ۾ لکي ٿو ته ترڪن کان نجات حاصل ڪريو ته هر چيز ٺيڪ ٿي ويندي (الهلال 6 آگسٽ 1913ع جلد 3 صفحه 113)

ترڪي سلطنت وانگر ايران ۽ افغانستان به اسلامي حڪومتون هيون ۽ اهي به قرآن حڪيم جي تباهي اکين سان ڏسڻ نه گهرن ها، مگر يورپ جي، ترڪي سلطنت تي خاص طرح نظر رهڻ جو سبب هي اهي ته انهيءَ خاندان کي خلافت جي عزت حاصل آهي، ازانسواءِ اهو ئي خاندان آهي جو يورپ جي مقابلي ۾ طاقت رکي ٿو، 2 جولاءِ 1913ع جي ٽائمز آف انڊيا ۾ ڪرنيل بيٽ، جنگ بلقان ختم ٿيڻ تي مضمون لکندي آخر ۾ لکي ٿو ته “ترڪن سلطنت ۽ ايران حڪومت جي بلڪل ختم ٿي وڃڻ بعد جيستائين 30 لک مسلمان هيئن نه چون ته امير افغانستان اسان جو خليفو ۽ پيشوا نه آهي تيستائين انهن جي حڪومت قائم رهڻ ڏجي.” (الهلال 13 جولاءِ 1913ع جلد 3 صفحه 71)

هن مان ظاهر ٿيو ته يورپ جي، خلافت سان جنگ آهي ۽ خدانخواسته ترڪي سلطنت ۽ ايراني حڪومت جي تباهيءَ سان گڏ اتي ڪو به مسلمان ڏسڻ نٿو گهري ۽ انهي کان پوءِ روءِ زمين تي جيڪي 30 لک مسلمان بچن، سي به جيڪڏهن امير افغانستان کي پنهنجو خليفو ۽ پيشوا ڪري مڃن ته پوءِ انهن جي به صفائي ڪري ڇڏجي، هن مان هي ڳالهه به معلوم ٿي ته (خاڪش بدهن) ترڪي سلطنت ۽ ايراني حڪومت بلڪل ختم ٿي وڃڻ بعد افغانستان جي 30 لک مسلمانن کان سواءِ ٻيو ڪو به مسلمان نه رهندو، نه هندستان ۾، نه ڪنهن ٻئي هنڌ. هن منحوس جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ صلح جي وقت ۾ انگريزن جو ترڪن سان ڪهڙو سلوڪ رهيو؟ اهو اوهان صاحبن کان مخفي نه آهي، غزوه طرابلس جي شروعات ۾ انگريزن ٻي طرفي جو اعلان ڪيو، مگر عملي حالت هي هئي جو اٽليءَ وارن کي بار برداري واسطي اٺن ۽ خچرن جي ضرورت پئي ته جزيره عدن مان ضرورت پوري ڪئي وئي، ليڪن ترڪن جي امداد واسطي جڏهن مرحوم نيازي بي طرابلس الغرب جي قصد سان ويس بدلائي مصر ۾ پهتو ته انگريزن جي بي طرفي جي دعويٰ، ان کي نظر بندي ۾ وٺي قسطنطنيه ڏانهن واپس ڪري ڇڏيو، ترڪي جنگي جهاز حميديه ڪجهه پيرا بندرگاهه سعيد ۽ اسڪندريه جا چڪر لڳايا هئا، جتي ان لاءِ ڪوئلن جو ذخيرو گڏ ڪيو ويو، بي طرفي ان جي مخالفت ڪئي ۽ اهو سلسلو بند ڪيو ويو، بي طرفي ان جي مخالفت ڪئي ۽ اهو سلسلو بند ٿي ويو، مگر يوناني ٻيڙي 18 اپريل 1913ع جي جڏهن سويز جو چڪر لڳايو تڏهن پورٽ سعيد ۾ ان جي واسطي ڪوئلن جي فراهمي، پوليس جي امداد ۽ اعانت طرفداري نه سمجهي وئي. ترڪن هندستان ۾ غدر جي وقت انگريزن کي مصر مان لشڪر لنگهائڻ جي موڪل ڏني، سلطان المعظم، بحيثيت خليفة المسلمين سلطان ٽيپو ۽ سرحدي ماڻهن کي انگريزن جي مخالفت بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي انگريزن جي جان بچائي، مگر ان جي عيوض  انگريزن، ترڪن کي مصر مان جو سندن ملڪ هو، لشڪر لنگهائڻ جي روڪ ڪئي، طرابلس ۾ مسلمان مردن، عورتن ۽ ٻارن سان جيڪي ظلم ٿيا آهن، ان تي انگريزن جي رڳ انسانيت کي ڪو جوش ڪو نه آيو، مگر جڏهن بهادر ترڪ طرابلس مان اٽليءَ وارن کي پٺتي هٽائي اڳتي وڌڻ لڳا تڏهن انگريزن ترڪن کي صلح ڪرڻ لاءِ زور رکيو، جڏهن انهن قبول نه ڪيو، تڏهن انگريزن پنهنجي جنگي جهازن جي نمائش ڪري ڌمڪي ڏئي ترڪن کي صلح ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو، جنگ بلقان کان ٿور اڳي ترڪن کي غافل رکڻ لاءِ يورپ اعلان ڪيو ته مسئله بلقان بابت جنگ نه لڳندي مگر يورپ هي عذر ڪيو ته سان جنگ کي روڪڻ گهريو مگر بلقاني رياستون راضي نه هيون، ڇا ڪو به معمولي عقل وارو آدمي هي فرض ڪري سگهي ٿو ته هڪ ڇوٽي رياست دول يورپ جي ڪنهن به هڪ مشوري کي نامنظور ڪري ٿي سگهي؟ بهر نوع اعلان جنگ ٿيو، ان کان پوءِ ستت ئي موسيو پوانيڪر وزير خارجه فرانس جي تجويز ۽ روس ۽ انگلستان جي اتفاق سان، هي اعلان ڪيو ويو ته خواهه نتيجو ڪهڙو به نڪري مگر فتحياب کي پنهنجي ملڪ وڌيڪ زمين ڳنڍن جو حق نه رهندو، يا ٻين لفظن ۾ ڌرين جي ملڪ ۾ جابرانه تغير نه ٿيندو، اهو اعلان هن ڪري ڪرڻ ۾ آيو ته يورپ کي خيال هو ته جنهن وقت بهادر ترڪي فوج، پنهنجي پايه تخت کان هلندي ته سڌو صوفيه جي پايه تخت بلغاريه ۾ هلي دم کڻندي، کين معلوم هو ته يوناني فوج جڏهن ان سان جنگ ڪندڙ هئي تڏهن ان جو ڪهڙو حشر ٿيو هوندو، پر فتح ۽ شڪست جي تقسيم بلڪل اميد خلاف هئي، هواز جو مزاج بدليل ڏسي خيالات جو رخ به بدلجي ويو، سڀ کان اول ۾ اخبارن هي سوال کنيو، بلقانين کي انهيءَ فتح جي فائدن کان نفتعو وٺڻ جو موقعو ڏنو وڃي، جنهن واسطي ان جون فوجون ڪم آيون آهن، اعلان جنگ کان اڃا اڌ مهينو به نه گذريو هو ته روس مان هي آواز بلند ٿيو ته “نهايت بي انصافي ٿيندي جيڪڏهن بلقاني رياستن کي فتوحات کان فائدي وٺڻ جو موقعو نه ڏنو وڃي جنهن واسطي انهن پنهنجون عزيز جانيون ڏنيون آهن” انهن جو اواز انگلستان مان آيو، مسٽر اسڪنٽ وزير انگلستان ۽ موسيو پوانيڪر وزير فرانس اهو ئي چوڻ لڳا جو روس چئي رهيو هو، جاج موجوده وزير اعظم انگلستان ۽ مسٽر ماسٽرين وزير مالي شهنزم، بلقاني رياستن جي واسطي هڪ انجمن قائم ڪئي هئي، جنهن جا ميمبر پارليمينٽ جا ميمبر هئا، انهيءَ انجمن جي ميمبرن چيو ته  بلقاني، انهيءَ جنگ ۾ حق بجانب آهن، تنهن ڪري کين ضرور آباد ڪيو وڃي، فيصلو ٿيو ته پبلڪ ۾ عام طور جوش پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ عام جلسو ڪيو وڃي، مسٽر ناڪل مڪائن ميمبر پارليمنٽ برطانيه صوفيا، پايه تخت بلغاريه ۾ ويو ۽ اعلان ڪيائين ته “سٺي انگريز قوم کي بلقان سان هن جنگ ۾ به پوري همدردي آهي ۽ گهڻائي انگريز والنٽير طور ميدان جنگ ۾ اچڻ وارا آهن”

برادران اسلام! ڇا هن کان پوءِ اوهان صاحب اهو خيال ڪري سگهو ٿا ته ترڪي خواه مخواه انگريز سان جنگ ڪئي ۽ رڳو جرمني جي شورش تي پيش قدمي ڪئي. مسلمانو! يقين ڪريو ته توڻي اوهين اسلام کان غافل ٿي وڃو مگر عيسائيت ڪڏهن به اوهان کان غافل نه رهندي، اوهين عيسائين جون  ان ترانيون وساري ڇڏيو، مگر هي اوهان جون بي خياليون نه وساريندا، اوهان جا زخم ڇٽي وڃن، مگر توهان جون خرچ لڳايل چوڪون هي هميشه تازيون رکندا، ايران، طرابلس ۾ عيسائين جي خونريزي، غارت گري ۽ عصمت دري اوهان کان وسري وڃي، مگرعيسائي، فلسطين، شام ۽ مقدونيه کي نه وساريندا، اوهين اندلس، طرابلس جون ڊاٺل مسجدون وساري ڇڏيو، مگر عيسائين هميشه جمع ابا صوفيه ۽ بيت المقدس کي ياد رکندا. اي عزيزان ملت! توهان کي معلوم آهي ته اندلس جي مسلمانن جي ڪهڙي حالت ٿي؟ اوهان کي معلوم آهي ته ڪهڙي طرح مسجدون ڊاٺيون ويون؟ مسلمان زوري عيسائي ڪيا ويا ۽ جيڪي عيسائي نه ٿيا، اهي جلايا ويا، هي سچ آهي ته اوهان سان اڃا تائين اهو سلوڪ نه ٿيو آهي مگر توهان کي ڪهڙي طرح تسلي ڏني وئي آهي ته جڏهن توهان جي سياسي هستي جو بلڪل خاتمو ٿي ويندو ۽ دنيا ۾ آزاد اسلامي سلطنت نه رهندي تڏهن ان وقت اهڙا ماڻهو پيدا نه ٿيندا، جي مسٽر گيلڊ سٽون ۽ ڪرنل بيسٽ جي حڪم جي تعميل ڪن، حضرات! اوهان صاحبن کي خاص حالتن سان چڱي طرح معلوم ٿي ويو هوندو ته اسلام جي تباهي جو ٺيڪو رڳو انگلستان کنيو آهي، ڇاڪاڻ ته  فرانس ۽ اٽلي، ترڪن کي قسطنطنيه مان ڪڍڻ نٿا گهرن ۽ نڪي ترڪي يا ايشيا ڪوچڪ جي ڪنهن ڀاڱي جا طلبگار آهن جيئن ته پريس جي اخبار ٽيمس لکي ٿي ته فرانسيسي، ترڪن کي قسطنطنيه مان ڪڍڻ نٿا گهرن، جو انهن کي ترڪيءَ يا ايشيا ڪوچڪ جو ڪو به حصو مطلوب نه آهي، سيورينيٽي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اٽلي ترڪن کي ڪوچڪ جو ڪو به حصو وٺڻ نٿو گهري، انگريزن سان ترڪن وانگر جرمن، آسٽريا ۽ بلغاريا به جنگ ڪئي هئي، مگر نه انهن  جي تخت گاهن تي قبضو ڪيو وڃي ٿو ۽ نڪي انهن جي شهزادن ۽ پارليمينٽ جي ميمبرن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو ۽ نڪي انهنجي مذهب جي پيشوائن کي جلا وطن ڪيو وڃي ٿو ۽ نڪي انهن جي عبادتگاهن بابت ڪو پهه پچايو وڃي ٿو، ڇو ته اهي عيسائي آهن، باقي مظلوم ترڪن کان سندن دارالخلافت کسيو وڃي ٿو، انهن جي شهزادن ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن کي ستر هي تعداد ۾ گرفتار ڪيو وڃي ٿو، شيخ الاسلام کي جلا وطن ڪري مالٽا ۾ موڪليو وڃي ٿو، جامع ابا صوفيه کي جا پنجن سون ورهين کان مسلمانن جي عبادگاهه رهي آهي تنهن کي ديول بنائڻ جو منصوبو ٿيو، ڇاڪاڻ ته اهي مسلمان آهن، يورپ ۾ مسلمانن سان انصاف ڪرڻ جو جيڪو دستور آهي، ان بابت هڪ منصف مزاج انگريز جو خود پارليامينٽ جو ميمبر آهي، تنهن جو قول نقل ڪريان ٿو، مسٽر سائڪس پارليمينٽ ۾ اعلان ڪيو آهي ته مسلمانن سان انصاف ڪرڻ جا يورپ ۾ ٻن مختلف قسمن جا قانون هلندڙ آهن، هڪ اهو هڪ قانون وقاعي، جو مسلمان مدعي جي خلاف عيسائي مدعاليه جي حق ۾ فيصلو ٿئي ٿو، ٻيو اهو قانون جو عيسائين مدعي جي فائدي ۾ مسلمان مدعا عليه جي خلاف عمل ۾ ايندو آهي. (الهلال صفحه 172، جلد 12، 23 جولاءِ 1913ع)

اخوان ملت! يورپ جي چالبازين ۽ ڍڪوسلن تي گهڻا ڏينهن لڳا گهڻيو ئي خوشنما وعدن ۽ دلفريب دلاسن سان اميد تي وڃايو، آزمائي کي جو آزمائي سو ڌوڙ منهن ۾ پائي، مڪه مڪرمه، مدينه طيبه، تثلش جي زير اثر رهي چڪو آهي، بصره، بغداد، ڪاظمين شريفن، نجف اشر، ڪربلا معليٰ تي صليب جو جهنڊو لهرون ڏئي رهيو آهي، بيت المقدس تان توحيد جو سايو گم ٿي ويو، اسلامي ملڪن دارالخلافت قسطنطينه تي ڪافرن جو قبضو ٿي چڪو آهي، شيخ الاسلام مالٽا ۾ جلاوطن ڪيو ويو، 70 ستر کان زياده شهزاده ۽ شاهي خاندان جا ماڻهو گرفتار آهن، تيرنهن سون اسلامي تاريخ جي يادگار خلاف، ميٽجڻ تي آهي، خليفة المسلمين محصور آهي، ڇا اڃا انهن کان يا زياده اسلامي تباهي جا منظر ڏسڻ جا منتظر آهيو؟ آه! اوهان جا بي حسي تي، آه و بڪا اوهان جي غدلت شعاري تي، ڇا انهيءَ حال سان اوهان مسلمان سڏائڻ جا حقدار آهيو، ڇا انهيءَ حال سان اوهان خدا ۽ رسول وٽ سرخرو ٿيندا. افسوس! “عار داد ڪفر از ايمان ما”

ڀائرو! هن وقت شرع شريف جي حڪم موجب پاڪ جاين کي ڪفر جي چنبي کان بچائڻ ۽ خليفة المسلمين جو دنيوي اقتدار قائم رکڻ ۽ مظلوم ڀائرن جي مدد ڪرڻ، اسان تي فرض آهي، اسان هن بنسبت پنهنجي مذهبي جذبات ۽ شرعي مطالبات کان سرڪار کي وقت بوقت جلسن جي رستي، تارن جي رستي، وفدن جي رستي، آگاهه ڪري چڪا آهيون ته جيڪڏهن فيصلو اسان جي مذهب جي برخلاف ٿيو ته پوءِ اسين مذهبي حڪمن موجب وفادار رهي نه سگهنداسين، پر هن وقت تائين ڪو خاطر خواه نتيجو ڪو نه نڪتو آهي ۽ نڪي اميد آهي. مولانا محمد علي صاحب خلافت جي وفد جي پاران سيٺ ڇوٽاني صاحب کي جيڪو خط تاريخ 25 مارچ 1920ع لنڊن مان موڪليو آهي، تنهن ۾ لکيو اٿس ته لارڊ جاج وزيراعظم جو وفد کي ڏنل جواب نه رڳو مايوس ڪندڙ آهي، پر سندس جواب ۾ ڪيترو ئي ڪوڙ بدڙو آهي، غرض ته اڻندو اها ئي جا ڪوري جي هٿ ۾ هوندي، انهي ڪري اوهان تي جهاد فرض آهي، مگر جڏهن ته اوهان وٽ هٿيار پنهوار ۽ ٻيا ضروري اسباب موجود نه آهن، انهيءَ ڪري ئي ڪنهن اسلامي ملڪ ۾ هجرت ڪري وڃڻ کانسواءِ ايمان جي بچاءَ جو ٻيو ڪو رستو ڪو نه آهي، خدا جو شڪر آهي جو سخت پريشاني جي وقت ۾ امير افغانستان غازي امان الله خان خلد الله ملڪه و سلطنته هندستان مان هجرت ڪري ويندڙ مسلمانن کي پنهنجي خداداد وسيع سلطنت ۾ هر طرح مالي ۽ جاني مدد ڪرڻ جو وعدو فرمايو آهي، اُميد ته جيڪي صاحب جهاد جي طاقت نٿا رکن ۽ ايمان بچائڻ ۽ خدا تعاليٰ جي خوشنودي حاصل ڪرڻ واسطي هجرت فرض ٿا سمجهن سي پاڻ ۾ ملي گورنمينٽ کي درخواست ڪندا ته افغانستان ۾ هجرت ڪري وڃڻ لاءِ رستي ۾ ڪو روڪ نه ڪري ۽ اهڙي پاس ملي، پر جيستائين اهڙو ڪو بندوبست ٿئي تيستائين ڪو به مسلمان سرڪار کي ڪا به مدد نه ڏئي، نڪو ماڻهو فوج ۾ ڀرتي ٿئي، نڪو نوڪري ڪري، نڪو چندو ڏئي يا قرض ڏئي، نه انهن جي ڪورٽن ۾ فرياد ڪري، جيڪڏهن پاڻ ۾ خدانخواسته ڪو تڪرار ٿي پوي ته ان کان درگذر ڪري ڇڏجي، نه ته شريعت موجب ان جو فيصلو ڪنهن مولوي يا عالم کان ڪرائي، غرض ته سرڪار سان سمورا تعلق ٽوڙي ڇڏجن ۽ پنهنجا سڀئي تعلق خدا ۽ رسول ﷺ سان قائم ڪجن. وآخر دعوانا ان الحمدلله رب العالمين. والصلواة والسلام عليٰ سيد المرسلين

© Fayaz Sindhi 2010